پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ برساتي پاڻي جي رپورٽ ٺاهڻ آيل ٽيم ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڇڪتاڻ، مظاهرو

چمبڙ: چمبڙ ويجھو ڳوٺ دريا خان لنڊ ۾ سول ڪورٽ ٽنڊوالھيار عدالت جي حڪم تي برساتي پاڻي نيڪال بابت جائزو وٺي رپورٽ ٺاھڻ لا اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ ڊاڪٽر آصف علي ڪورائي جي اڳواڻي ۾ ٽيم پهتي، جنھن ۾ ايڪسيئن نصير ڊويزن آبپاشي، ايس ڊي او بڪيراڻي سب ڊويزن، ايس ڊي او چانگ سب ڊويزن آبپاشي ۽ ٻيا شامل هئا، جنهن دوران نوجوانن ٽيم جي وڊيو ڀرڻ شروع ڪئي ته اي سي ۽ ڳوٺاڻن ۾ منهن ماري ٿي پئي، ٽيم پنھنجي رپورٽ ٺاھي واپس رواني ٿي وئي، جنهن بعد ۾ لنڊ برادري جي ماڻھن چمبڙ پھچي ٽنڊو الھيار-ٽنڊو غلام علي روڊ تي چمبڙ ٿاڻي سامھون احتجاجي مظاھرو ڪري ھڪ ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي نبي بخش لنڊ، غفور لنڊ، ھدايت الله لنڊ ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته اي سي ڊاڪٽر آصف علي ڪورائي اسان جي نوجوان آصف لنڊ کي وڊيو ڀرڻ دوران موبائل فون ڦري ٿڦڙون ھنيون ۽ گارگند ڪئي. ٻئي طرف اي سي ڊاڪٽر آصف علي ڪورائي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آئون جڏھن عدالتي حڪم تي ٽيم سان گڏجي ڄاڻايل ڳوٺ پھتس ته مون کي ڳوٺ ۽ گھرن ۾ پاڻي نظر نه آيو، زرعي زمين جي ڪجھه ايڪڙن ۾ برساتي پاڻي بيٺل نظر آيو. اسان رپورٽ ٺاھڻ شروع ڪئي ته لنڊ نوجوان ٽيم جي موبائل فون تي وڊيو ٺاھڻ لڳا ته مون اخلاقن کين منع ڪئي ته وڊيو نه ڀريو، اسان کي ڪم ڪرڻ ڏيو، جنھن تي ڳوٺاڻا اسان جي گاڏي اڳيان اچي بيھي رھيا ۽ مون سان بدتميزي ڪندي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنھن تي مون چيو ته آئون واپس آفيس وڃان ٿو، ڀلي اتي اچي ماري وڃو. ھوڏانھن ايس ايڇ او ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button