پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ ڪئنال مان لاش مليو

ميرواهه گورچاڻي: ميرواھه گورچاڻي ۾ نامعلوم اڌڙوٽ شخص جو لاش جمڙائو ڪئنال مان مليو. ميرواھه گورچاڻي ٿاڻي جي حد ويسٽ جمڙائو ڪئنال سڃي موري وٽ پاڻي مان نامعلوم شخص جو لاش مليو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش ڪڍرايو ۽ رورل ھيلٿ سينٽر آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش ايڌي سينٽر ميرپورخاص نيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس چيو ته لاش ڪجهه ڏينهن پراڻو لڳي ٿو، جسم تي ڪنهن به قسم تشدد جا نشان نظر نٿا اچن، باقي لاش نامعلوم اڌڙوٽ شخص جو لڳي رهيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، اسان لاش ايڌي سينٽر منتقل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button