سنڌ جا ماڻهو گهڻي وقت کان وٺي ماتم ۾ مصروف آهن. هن وقت هو ان نوجوان جي قتل تي ماتم ڪري رهيا آهن، جنهن جو نالو ناظم جوکيو هو. ناظم جوکيي جو ڏوهه صرف اهو هو ته هن جنگشاهيءَ جي ڪاري جبل ۾ تلور جو شڪار ڪندڙ عربن جي وڊيو ڀري. ان ڏوهه ۾ هن جي زندگي زهر ٿي وئي. هن کي ڌمڪين تي ڌمڪيون ملنديون رهيون. هن کي مقامي وڏيري ۽ حڪمران ڌر جي ايم پي اي پنهنجي بنگلي تي گهرايو ۽ هن مٿان ايترو تشدد ڪيو ۽ ڪرايو جو ناظم جوکيي جي ساهن جو سلسلو ختم ٿي ويو. سوشل ميڊيا تي اهو مامرو ايترو متو جو سنڌ سرڪار پنهنجي ايم پي اي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي. مقتول ناظم جو لاش جڏهن هن جي مائٽن ۽ برادريءَ وارن نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، تڏهن مقامي سياست ڪندڙ سرڪاري همراهن جا ساهه مٺ ۾ اچي ويا. اهو اندازو ناظم جي قاتل کي به نه هو ته ڪو هن جو موت قانون جو اهڙو رسو بڻجي ويندو، جيڪو انهن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.
اقتدار جو نشو تمام خراب آهي. ان نشي ۾ الوٽ ايم پي اي کي اهو پتو نه پيو ته هو ڪنهن جي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي رهيو آهي. هن کي اهو ياد نه رهيو ته هو ڪڏهن انهن کان ووٽ پنڻ لاءِ ويندو هو. ممڪن آهي ته هڪ ايم پي اي ۾ اها فرسٽريشن به هجي ته جيڪڏهن هن جهڙن ٻين ايم پي ايز کي ٻه ٻه ٽي ٽي وزارتون ملي سگهن ٿيون ته هن کي ڇو نه؟ پر سنڌ ۾ اهو ڪاروبار آهي. ان ڪاروبار ۾ تمام وڏا ڦني خان ملوث آهن. هو جيڪي عرب شهزادن جون خدمتون ڪري انهن کان ريال ۽ ٻيا قيمتي تحفا وٺندا آهن، اهي هر قيمت ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اها قيمت پنهنجي ديس جي لڄ هجي يا ڪنهن مسڪين انسان جي زندگي هجي، اهو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. هو هر وقت عرب شهزادن جي سامهون پاڻ کي سرخرو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن جو خيال هوندو آهي ته هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه پئسو آهي. جيڪڏهن سڀ ڪجهه پئسو آهي ته ڇا ڊالرن ۽ ريالن سان نظام جي ساهه جو ٽٽي پيل سڳو ٻيهر جوڙائي سگهجي ٿو؟ اهو سچ آهي ته پئسي سان زندگيءَ ۾ وڏو ٺٺ ٺانگر اچي ٿو پر اهو به سچ آهي ته پئسو زندگيءَ جو نعم البدل ناهي.
پئسو انهن ماڻهن جي اکين مٿان پٽي ٻڌي ڇڏي ٿو، جيڪي ماڻهو بنا ڪا لڄ محسوس ڪرڻ جي! وڏي فخر سان انهن امير عربن جي خدمت ڪندا آهن، جيڪي پنهنجا پاليل باز کڻي ايندا آهن ۽ انهن کي ويراني ۾ خيما کوڙي رهڻ وڻندو آهي. هو پاڻ سان گڏ خادمن جو پورو قافلو کڻندا آهن. انهن کي هر سک ملندو آهي. انهن جي سيڪيورٽي کان وٺي انهن جي دل خوش ڪرڻ جي هر فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ مقامي وڏيرا زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. ان قسم جي خدمت چاڪريءَ جا جيڪي پوري سماج جي مٿان اثر پون ٿا، انهن جو به ڪاٿو ٿيڻ گهرجي پر عرب شڪارين جي عياشين لاءِ هر قسم جو سامان مهيا ڪري ڏيڻ وارا سنڌ جا نام نهاد معتبر ايترا ته خصيص ٿي پوندا جو انهن جي خدمت جي راهه ۾ ڪنهن به قسم جي روڪ ٽوڪ پيدا ڪرڻ واري کي هو پنهنجو ازلي دشمن سمجهندا آهن. جڏهن ته نظام جوکيو ذاتي ۽ برادريءَ طور هن جي مبينا قاتل جي راڄ جو ماڻهو هو پر جڏهن هڪ مقامي وڏيري کي محسوس ٿيو ته هن جي ڪمائيءَ جي آڙ ۾ هڪ انسان رڪاوٽ وجهي رهيو آهي ته هن پنهنجو داٻو پيدا ڪرڻ لاءِ هن مٿان ايترو ته تشدد ڪيو جو هو هن دنيا مان هليو ويو ۽ هن جي انصاف جون پڪارون پوري ديس ۾ گونجي اٿيون آهن. هن مهل سنڌ سرڪار سنڌ جي ماڻهن جا تيور ڏسي رهي آهي. ان ڪري پنهنجي ڪرندڙ ساک کي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار وٽ به ٻيو ڪو رستو ناهي. ان ڪري هن به قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس کي اين او سي ڏنو آهي ۽ ان عمل سان حڪمران طبقن ۾ هن طرح جو عدم تحفظ پيدا ٿي پيو آهي ۽ هاڻي ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انهن کي بچائڻ واري سگهه ايتري بتال ڇو ٿي وئي آهي؟
روس جي تمام وڏي رائٽر سولزي نٽسن پنهنجي هڪ ناول ۾ لکيو هو ته نظام کان به وڌيڪ جيڪا شي سگهاري ۽ طاقتور هوندي آهي، اها ڪلچر هوندي آهي. سنڌ ۾ ڪرائيم ڪلچر پيدا ٿيڻ جا به ڪي سبب آهي ۽ خاص طور تي سياست ۾ ڪرائيم کي شهري علائقن ۽ خاص طور ڪراچيءَ ۾ ڪير متعارف ڪرائڻ وارو هو؟ ان جي ته اسان سڀني کي خبر آهي پر سنڌي سماج ۾ سياست کي جرم جو جوڙيوال بڻائڻ جو سهرو ڪنهن جي سر تي سونهين ٿو؟ ان باري ۾ به اسان جي ماڻهن کي خاص معلومات آهي. هو ان سموري ٽڪساٽ کان آگاهه آهن ته ڪهڙي ريت سنڌ جي غريب ماڻهن کي لٺ ۽ چٺ ذريعي پنهنجو غلام بڻائي رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جا سرڪاري وڏيرا گهڻو ڪري تمام گهڻو بزدل هوندا آهن. پر انهن ۾ موجود ڪنجوسي انهن کان چٺ بدران لٺ جو وڌيڪ استعمال ڪرائيندي آهي. نظام جوکيو به ان ريت لٺين جو شڪار ٿيو. هن کي صرف ان ڪري ڪٽي ڪٽي قتل ڪيو ويو جو هن ۾ اها همت هئي ته هو غلط شي کي غلط چئي رهيو هو ۽ اهو ڪجهه ڪري رهيو هو، جيڪو ڪجهه پوري دنيا لکي ۽ چئي رهي آهي.
نظام جوکيي لاءِ ماحوليات ڪنهن ڪمائيءَ جو پراجيڪٽ نه هئي. هن کي بس اهو معلوم هو ته جيڪو ڪجهه شڪار ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي ماحوليات جي خلاف آهي. صرف ان هڪڙي احساس هن جي دل ۾ طوفان پيدا ڪيو.
اهو ناظم جوکيو، جيڪو عام طور تي پنهنجي علائقي جي ماڻهن وانگر معصوم هو سو پنهنجن هٿن ۾ هٿيار کڻي نه آيو. هو ته پنهنجي کيسي ۾ پيل موبائل فون جي استعمال ڪري پنهنجي ديس جي پکين جو تحفظ ڪري رهيو هو پر هن کي معلوم نه هو ته هن کي ان جي ايتري قيمت ادا ڪرڻي پوندي؟ هن کي اها خبر نه هئي ته عرب شڪارين جا ايجنٽ هن جي خون جا اڃايل بڻجي ويندا ۽ هن جي مٿان ايترو تشدد ڪندا جو هو زندگيءَ کان به محروم ٿي ويندو.
ڇا اها ڳالهه تمام گهڻي مذمت لائق ناهي ته سنڌ ۾ هن مهل به ڪيترائي نام نهاد باشعور ماڻهو ان روش جي راهه تي هلن ٿا، جيڪا روش ڪوڙي ۽ ڪرمنل سياست کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي ۽ پنهنجي ديس واسين مٿان تشدد ڪري ٿي ۽ انهن کي هيسائي ٿي. انهن مان مزاحمت جي سموري سگهه لٽڻ انهن جو مقصد آهي. سنڌ ۾ هر اهو ماڻهو جيڪو مزاحمت ڪري ٿو، اهو ڪرمنل سياسي ڪلچر تي هلندڙ نظام لاءِ خطرو سمجهيو ٿو وڃي ۽ ان کي پنهنجي راهه تان هٽائڻ لاءِ هر هٿيار استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ان نظام جي هلائيندڙن کي معلوم آهي ته ناظم جوکيو جهڙ ماڻهو وڌي ويا ته سڀاڻي انهن لاءِ مسئلا پيدا ڪندا. ان ڪري انهن پوري قوت سان نظام جوکيو کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن کي اقتداري سياست جي انڌ ۾ اهو پتو نه پيو ته ڪو نظام مٿان ايترو تشدد ڪري رهيا آهن جو هو زندگيءَ کان محروم به ٿي سگهي ٿو. ان ڪيفيت ۾ ناظم جوکيو قتل ٿي ويو، جنهن ڪيفيت کي بيان ڪرڻ به بيحد مشڪل آهي. ڇو ته هڪ حساس ۽ معصوم ماڻهوءَ کي تشدد وگهي مارڻ ڪوئي آسان ڪم ناهي. نظام جوکيو جا قاتل تمام گهڻا سنگين قسم جا سفاڪ ماڻهو آهن. ڇو ته شڪار جهڙي شيطانيءَ کان روڪڻ واري انسان جو روح ڪيترو نه سادو ۽ سٻاجهو هو. هو جيڪو پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ سماجي امن جي علامت ٿي رهيو، ان کي تمام ڀيانڪ طريقي سان قتل ڪري بنگلي جي ٻاهران اڇلايو ويو.
ناظم جا قاتل ان قتل کي پنهنجي وحشت ۽ دهشت وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش کان به نه مڙيا. انهن جو خيال هو ته هي تمام سادا ۽ اهنسا جا عاشق ماڻهو آهن. انهن کان ٽڪرا ۾ اچڻ نه ٿيندو. ان ڪري هڪ قتل به ٿي ويندو ۽ ان قتل سبب سماج جي مٿان داٻو به پوندو ۽ ان سان گڏ عرب شڪارين جو تمام وڏو انعام به ملندو ۽ هو سنڌ جو سڀ کان رهزن ميزبان سمجهيو ويندو. اڄ جيڪڏهن هن وٽ امير عرب اچن ٿا ته سڀاڻي شاهي گهراڻن جا شهزادا به ايندا ۽ هن جو نالو عرب دنيا جي عياشن ۾ هڪ تمام گهڻو تحفظ فراهم ڪندڙ ۽ تمام گهڻي خدمت ڪرڻ واري شخص طور مشهور ٿيندو.
هڪ زندگيءَ کي ڌاڙو هڻڻ سبب انهن جي وڏي مارڪيٽنگ ٿيندي پر هن کي معلوم نه هو ته وقت تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهو وقت ناهي جو ڪو وڏيرو ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي زندگيءَ سان رانديڪي وانگر کيڏي آخر ۾ هن کي ٽوڙي ڇڏي. هاڻي اهو دور ناهي، جڏهن ان علائقي جا ماڻهو مسڪين هوندا هئا ۽ هو ساهه به وڏيري ۽ ڀوتار جي مرضيءَ مطابق کڻندا هئا. اهو دور تاريخ جي لتڙ ۾ لتاڙجي ويو. هن دور ۾ جيڪي نيون حقيقتون اڀري آيون آهن، انهن سان اڳوڻي دور ۾ رهندڙ ڀوتار سينو ساهي نه ٿا سگهن. انهن کي اها خبر به ناهي ته پوري دنيا ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي پاڻ ۾ نه صرف ڳنڍيل آهي پر انهن جي وچ تي ڪميونيڪيشن جون دوريون به دور ٿي ويون آهن. هڪ نئون دور پيدا ٿي رهيو آهي. ان نئين دور کان ڇرڪيل ۽ ڊنل اهي سياسي ڪرمنل هر ڪوشش ڪن ٿا ته ڪنهن ريت اهي وقت جي وير کي روڪي سگهن. پر وقت جي وير ڪڏهن به رڪجي نه ٿي سگهي. جيڪڏهن هو پاڻيءَ جي ڌارا کي روڪيندا ته لهوءَ جي لهر وجود ۾ اچي ويندي ۽ پنهنجن قاتلن جو پاڻ ايئن ڏيندي، جيئن نظام جوکيو ڏئي ويو.