ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي سياست کان ڇوٽڪارو!

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجھه سچايون آھن جن جي اھميت کان انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهجي. ھونئن به اختلافن جا جائز حق ته سڀني کي آھن پر ملڪ جي آئيندي پر اھم ڀلائيءَ کي به ڏسڻو پوندو آھي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي گڏيل تباھي اڳتي ھلي سخت خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. انھيءَ ڪري سڄي ملڪ کي سخت نقصان پھچندو جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو آھي ته سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت ڪروڙين ماڻهو ڏچي ۾ پئجي ويندا. بھرحال، جائز اختلافن جا حق ته سڀني کي آھن پر سڄي ملڪ جي تباھيءَ جا حق جائز ڪونه ھوندا آھن ڇاڪاڻ ته انھيءَ ڪري ڪروڙين ماڻھو سڌي يا اڻ سڌي ريت تباھه ٿي ويندا آھن. اھا وڏي بدقسمتي آھي ته اسان جي ملڪ ۾ ھڪ خاص سياسي اڳواڻ، رڳو سياسي اڳواڻن بدران ملڪ کي تباھه ڪرڻ لاءِ مختلف ۽ نوان نوان بيان جاري ڪندو رھيو آھي پر اسان جي ملڪ ۾ کوڙ اھڙا به سادا ماڻھو آھن جيڪي سندس سازش نٿا سمجهن جيڪو ملڪ کي برباد ڪرڻ واري مکيه مقصد تي لاڳيتو عمل ڪندو رھي ٿو.
تازو ملڪ جي اھم پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جيِ سربراھه بلاول ڀٽو زرداريءَ جو انھيءَ سلسلي ۾ اھم بيان ميڊيا شايع ڪيو آھي جنھنجو ملڪ جي بگڙجنڊڙ صورتحال کي سڊرست ڪرڻ لاءِ سندس بيان جو جائزو ڪرڻ گرجي. ھونئن بھ جن کي پ پ پ سربراھه سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن سان اختلاف آھن ته اھو سندن بنيادي حق آھي پر ھڪ ڳالھه جي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته جيڪي ملڪ جي عوام کي تباھيءَ ۾ وڃڻ لاءِ لاڳيتيون ڪوششون ڪندا رھيا آھن تنھن کي معاف نٿو ڪري سگهجي.
بھرحال، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو تازو بيان آھي ته مينڊيٽ پيپلز پارٽي کي واپس ڏياريو آهي، هاڻي عمران خان کي سياست مان به رٽائر ڪرائينداسين، ملير واسين هر آمر جو ڀرپور مقابلو ڪيو. هن چيو ته 2018 ۾ اسان جي مينڊيٽ تي حملو ڪيو ويو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو اعلان ته ٿيو پر لکين نوجوان بيروزگار ٿي ويا. بلاول چيو ته عمران خان ڪوڙو انسان آهي، ٻين تي ڪوڙا الزام هڻندو آهي، اهو پاڻ وڏو چور آھي، عمران پاڻ خيرات جا پئسا چوري ڪري کائيندو آھي. حق ڇني وٺندا آهيون، عمران جو وقت پورو ٿي چڪو آهي.
اين اي 237 تي ننڍي چونڊ دوران، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي شڪست ڏيندي حڪيم بلوچ چيو ته اسان ثابت ڪيو ته هتي رڳو تير هلندو آهي. هن چيو ته ملير جو گرين بيلٽ تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي، ان کي بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفا ڀٽو زرداري، ملير پهچي ويا، ملير 15 ۾ ڪارڪنن طرفان گلن جي ورکا ۽ نعرن سان آجيان ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفا ڀٽو، قافلي جي صورت ۾ ملير مان چونڊيل ايم ايم اين حڪيم بلوچ جي گهر پهتا.
ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه چواڻي پي ٽي آءِ 6 سيٽون کٽڻ باوجود پارليامينٽ ۾ گهڻائي وڃائي ويٺي آھي، عمران خان جو دماغ خالي آھي، سرڪار تبديل پارليامينٽ جي ووٽن ذريعي ٿي سگهي ٿي.
ھتي ھڪ ڳالهھ جي سمجهاڻي ضروري آھي ته تازو ملڪ ۾ قومي اسيمبليءَ جي اٺ سيٽن تي جيڪي عارضي اليڪشنون ٿيون سي عمران جي پارٽيءَ جون سيٽون ھيون، انھن مان ٻه سيٽون ھنن ڪونھ کٽيون. عمران خان ملير ۾ پنھنجي سيٽ پيپلز پارٽيءَ جي ھٿان وڃائي ويٺو آھي جڏھن ته ڪي پي ڪي صوبي ۾ سيٽ جيڪا عمران خان پارٽي کٽي آھي تنھن باري ۾ عوامي جمھوري پارٽيءَ اھم بيان ڏنو آھي ته اتي وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي آھي. اصل ۾ جنھن پارٽيءَ ڌانڌليءَ جو بيان ڏنو آھي، سو سندن ڪارڪردگيءَ کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته عمران خان پارٽي ڌانڌلي ڪئي آھي. بھرحال، عمران خان جي لاڳيتن اختلافي بيانن جي ڪري اسان مجبور آھيون ته سندس سنڌ دشمنيءَ واري ڪارڪردگيءَ جو ٻيھر حوالو ڏيون. تازو ھن مطالبو ڪيو آھي ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو. جيڪڏھن ڳوڙھو ويچار ڪجي ته سنڌ صدين کان قائم آھي پر عمران خان مختلف وقت تي جاري ڪيل بيانن ذريعي سنڌ ٽوڙڻ جو حامي رھيو آھي. ڏسجي ته سندس بيانن جو اصل مقصد سنڌ ٽوڙڻ آھي. ان کان اڳ به اختلافي بيان ڏئي چڪو ھو ته ڪراچي (سنڌ جي گاديءَ جو شھر) تي “اندرون سنڌ” وارن کي حڪمرانيءَ جو حق ناھي. سو جڏھن اسٽيبلشمنٽ کيس ملڪ جو وزيراعظم بڻايو تو مون کي اھو تبصرو شايع ڪرڻو پيو ھو ته خان عمران ڪراچيءَ تي سنڌ جي حڪمرانيءَ نه ڪرڻ جو بيان ڏيڻو پوي ٿو ته پر پاڻ ٻڌائي ته وزيراعظم طور ملڪ تي حڪومت ڪري ٿو پر سندس واسطو وفاقي گاديءَ واري شھر سان ناھي، نھ رڳو ايترو پر سنڌ جي چئن صوبن مان ٽن ۾ سندس حڪومت ھئي پر انھن جي وڏن وزيرن جو واسطو گاديءَ وارن شھرن جهڙوڪ ڪوئيٽا، لاھور ۽ پشاور سان ڪونه ھو. پوءِ عمران خان رڳو سنڌ سان نفرت ڇو ٿو ڪري؟ ھونئن به عمران خان جنھن ملڪ ۾ 90 ڏينھن اندر حڪمرانيءَ دوران بھتر تبديلي آڻڻ جو اعلان ڪيو ھو پر ھو ڪل پوڻا چار ورھيه ملڪ جو وزيراعظم رھيو ته ھن ڪا خاص تبديلي ڪونھ آندي، الٽو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي ھنن ڪروڙن غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ھو ۽ سندس ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جو آءِ ايم ايف سان اھڙو ٺاھه ڪيائين جو مھانگائي، سندس اقتدار ۾ نه اچڻ باوجود جاري آھي ۽ اھا ڪيترو وقت رھندي.
اھا خاص ڳالھه به نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عمران خان نيازي اقتدار ۾ اچڻ کان ترت پوءِ حج جون قيمتون وڌائي ڇڏيون ھيون جڏھن ته ڀارت کان پاڪستان ايندڙ ھڪ ھندو اڳواڻ جي مزار تي زيارت تي ايندڙن کي خاص رعايت ڏني. اسان کي ان رعايت تي اعتراض ڪونھي ته ھن ڀارت کان زيارت لاءِ ايندڙن کي خاص رعايت ڇو ڏني پر اصل ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي اھا آھي ته ھن حج لاءِ ويندڙن لاءِ ڇو ريٽ وڌايا. ھونئن به ڏسجي ته عمران خان نيازيءَ جو سفر رڳو سکڻن ۽ وڻندڙ بيانن تي رھيو آھي يعني ھن عملي طرح عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ٽڪو به ڪم ناھي ڪيو. ان وٽ اھا خاص ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عمران خان نيازي اقتدار کان علاوه سنڌ خلاف کوڙ بيان ڏيندو رھيو آھي پر اسان وٽ پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواهھ سڏائيندڙ پراڻو گروپ سندس خلاف زوردار تحريڪ نٿو ھلائي ۽ نه ئي ھلائيندو. اھو عام تاثر آھي ته سنڌ جي وڏي گهڻائيءَ سان چونڊيل سرڪار ختم ٿئي، اھا سندن پ پ پ سان نفرت آھي، پوءِ سنڌ ٽوڙڻ جا حامي يعني عمران خان جھڙا ڀلي سنڌ ۾ حڪومت ڪن.
بھرحال، عمران خان سدائين اختلافي بيان ڏيندو رھندو آھي. سندس چوڻ آھي ته سندس گذريل حڪومت (پوڻا چار ورھيه) ۾ کيس اختيار ڪونه ھئا جيڪڏھن آئيندي اختيار نه مليا ته ھو حڪومت ڪرڻ مناسب ڪونھ سمجهندو. منھنجي خيال ۾ سندس اھڙا بيان رڳو عوام کي متاثر ڪرڻ وارا آھن. سوال آھي ته کيس اختيار ڪونه ھئا ته بھتر ھو پاڻ استعيفا ڏئي ھا ۽ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي ڳالھه آھي ته ھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ به ٽڪو احترام ڪونه ڪيو ھو. بھرحال، عمران خان نيازيءَ کي گهرجي ته ھو پاڻ استعيفا ڏئي سياست ڇڏي ڏئي ڇاڪاڻ ته کيس اسٽيبلشمنٽ اقتدار ۾ آندو ھو ۽ ھاڻي به سندس بيان تي کيس اختيار ڪونه ھئا، سو ٻڌائي ته اھي اختيار کيس ڪنھن ڪونه ڏنا ھئا، انھن جو نالو نٿو وٺي، رڳو سکڻا بيان ڏئي اھو تاثر پيدا ڪري ٿو ته ھو اسٽيبلشمنٽ جو ماڻھو ڪونه ھو.
بلاول ڀٽي زرداريءَ جو اھم بيان آھي ته “سليڪٽيڊ” لکين گهر ٺاھڻ جا وعدا ڪيا ھئا پر سرڪار ۾ اچي غريبن جا گهر بڻائڻ جا وعدا ڪيا ھئا پر سرڪار ۾ اچي گهر ڦريائين، ھو پنھنجو ڪچن، شوڪت خانم جي حوالي سان ھلائيندو آھي. عمران خان جي سياست نفرت ۽ ملڪ ٽوڙڻ جي سياست آھي جڏھن ته پ پ پ جي سياست محبت ۽ ملڪ جوڙڻ لاءِ آھي، سندس چواڻي ايندڙ وقت ثابت ڪندو پاڪستان نوجوان اڳواڻن لاءِ تيار آھي، اسان عمران جهڙي سياستدان کي سدائين لاءِ ريٽائرمنٽ ڪري ڇڏينداسون.
بھرحال، سينيئر صحافي طور منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي ته عمران خان نيازي عوام جي ووٽن ذريعي ٻيھر اقتدار ۾ ڪونه ايندو پر اسٽيبلشمنٽ کيس اقتدار ۾ ٻيھر آندو ته اھا ملڪ جي، اڳ کان به وڏيڪ مکيه تباھي ھوندي. اھا اھم ڳالهھ ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ عوام کي نوٽ ڪرڻ گهرجي ۽ کيس اقتدار ۾ آڻڻ جي سخت مخالفت ڪن ته بھتر.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button