ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايم ايڇ پنهور: هڪ مانائتو ليکڪ

Editorial-Article-Rauf Nizamani

ايم ايڇ پنهور سنڌ جو هڪ ناميارو عالم آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته کيس ايتري مڃتا نه ملي سگھي آهي جيڪا هو لهڻي ٿو. پيشي جي لحاظ سان هو زرعي انجنيئر هو پر سندس موضوع سنڌ هو. سنڌ سان سندس محبت گھڻن ماڻهن جيان مجرد قسم جي نه هئي جنهن ۾ بس لفاظي ۽ وات جا ٺڪا هجن. هن باقاعدي پنهنجي ڪم وسيلي ان ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي. هو پنهنجي آتم ڪٿا آپ بيتي جگ بيتي ۾ لکي ٿو ته فطرت سان پيار سندس شخصيت جو حصو آهي. مون ڪڏهين شڪار ۾ حصو نه ورتو نه وري ڪڏهين ڪو پکي يا جانور ماريو آهي پر گوشت ۽ ڪڪڙ وغيره سو کاڌو آهي. انهن حقيقتن مون کي سنڌ جي سرزمين سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ مان انهن جو اسير آهيان. سنڌ سان بي انصافي يا ان جي مقصد ياِ فائدي سان ڪنيا مون کي ڀڙڪائي ۽ بي چين ڪري ٿو ڇڏي. مان سڄي حياتي ان اصول تي قائم رهيو آهيان ته هر سنڌ ۾ ڄايل ۽ دفنايل سنڌي آهي ۽ مون جهڙا حق رکي ٿو. ان نڪته نظر رکڻ ڪري گھڻن مٿس ڪاوڙ ۽ تنقيد به ڪئي پر هو پنهنجي ان موقف تي قائم رهيو.
هڪ ڳوٺاڻي علائقي ۽ غريب خاندان سان واسطو رکندڙ هڪ ٻار پنهنجو اهو ڊگھو سفر ڪيئن طئي ڪيو ان جو ذڪر هو پنهنجي آتم ڪٿا آپ بيتي جگ بيتي ۾ ڪري ٿو. اها آتم ڪٿا هن انگريزي ۾ لکي جنهن جو ترجمو حاڪم علي شاهه بخاري ۽ نظرثاني محمد ابراهيم جويو ڪئي آهي. ان کي ظفر جوڻيجو جي اداري ٽي آر ڊي پاران 2008 ۾ شائع ڪيو ويو. ظفر جو چوڻ آهي ته ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج ڀيرا مواد جي ترتيب تبديل ڪرڻ سان گڏ ليکڪ اضافا به ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ نيٺ کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو ويو.
سندس علائقي ۾ ماڻهو جديد تعليم جي بجائي مذهبي تعليم کي پسند ڪندا هئا ۽ کين اها ڳالهه نه ٿي وڻي ته هن جديد انگريزي تعليم ٿي حاصل ڪئي. ايستائين ته اها مخالفت سندس خاندان جي فردن ۾ به موجود هئي. هو پنهنجي هڪ چاچي متعلق ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگھيو هو ۽ خلافت تحريڪ وارن سان هليو ويو هو. هن انگريزي تعليم کي صحيح نه ٿي سمجھيو ۽ اهڙي ريت سندس انگريزي پڙهڻ جي مخالفت ٿي ڪئي. ان کان علاوه گھڻا ٻيا مائٽ ۽ ڳوٺاڻا حسد ۽ ساڙ جي ڪري تعليم ۾ سندس اڳتي وڌڻ سان به خوش نه هئا. ان مخالفت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هو ٻڌائي ٿو ته ايستائين ته کيس قتل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ويئي. پر ان جي باوجود هن پو انهن مان هزارين ماڻهن کي نوڪريون وغيره وٺي ڏنيون. اهي پو به خوش نه هئا. ان سلسلي ۾ سندس ما ۽ ڏاڏي سندس مدد ڪئي ۽ اهڙي ريت اهڙي پٺتي پيل ۽ معاندانا ماحول مان ايڏو ذهين ۽ قابل شخص ظاهر ٿيو.

سندس ڪم ڪنهن هڪ يا ٻن شعبن تائين محدود ناهي پر هو هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت آهي. ان سلسلي ۾ اها ڳالهه پڻ اهم آهي ته رڳو ماڻهو جي ڄاڻ ۽ علم ڪافي ناهي هوندو پر ان سان گڏ ان ڳالهه کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته زندگي ۽ مختلف معاملن ڏانهن سندس نڪته نظر ڇا آهي. ايم ايڇ پنهور ان حوالي سان هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهو هو جيڪا ڳالهه سندس لکڻين ۽ ٻين ڪمن ۾ پڻ نظر اچي ٿي. ڳوٺ ۾ وهم وسوسن جي رائج هئڻ ۽ تعويذن ۽ ڦيڻن وغيره جي عام هئڻ باوجود هن ان ماحول کي قبول نه ڪيو.
مختلف موضوعن جي حوالي سان سندس گھڻا ڪتاب لکيل آهن جن مان گھڻا اڃا تائين اڻ ڇپيل آهن. هن ٿر، ڪوهستان ۽ سنڌ جي ٻين مختلف علائقن ۾ زير زمين پاڻي جي ذخيرن تي تحقيق ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ کي هن سائنسي ۽ تحقيقي انداز سان سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ جو پيرائتي انداز ۾ جائزو سندس اهم ڪم آهي. سندس تحقيق جا طريقا روايتي ناهن پر هن ان جي لا باقاعدي سائنسي اپروچ اختيار ڪئي آهي. خاص طور تي هن سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان گھڻن اهڙن پاسن کي نروار ڪيو آهي جيڪي اڳ اونداهي ۾ هئا. ان سلسلي ۾ خاص طور سومرا دور تي تحقيق، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اونداهو دور ڪري ليکيو ويندو هو، قابل ذڪر آهي. هن باقاعدي ماحوليات، جاگرافي، تاريخ ۽ دريا جي وهڪرن ۾ تبديلين وسيلي ان دور جي مختلف پاسن کي سامهون آندو آهي ۽ مختلف ڏند ڪٿائن جي صحت متعلق بحث ڪيو آهي.
تاريخ تي ان ڪم سان گڏوگڏ زرعي شعبي ۾ هن جيڪا نواڻ آندي ان جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آهي. هن پنهنجن زرعي فارمن تي پوک جي نئين ٽيڪنالوجي ۽ سائنسي طريقا متعارف ڪرايا ۽ انهن کي وڏي پئماني تي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گھٽ ماڻهن ئي انهن مان فائدو ورتو. هن زراعت متعلق مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جو پڻ مطالعو ڪيو. سندس چوڻ آهي ته اهي ڪتاب رڳو انگريزي مان ترجمو نه پر سنڌ جي حالتن سان مطابقت پيدا ڪري لکيا ويا آهن. پر جيئن ته اهي ٻيهر نه ڇپجي سگھيا آهن ان ڪري گھڻن ماڻهن کي انهن جي خبر ناهي. سنڌ جي موسم ۽ ماحولياتي حالتن کي نظر ۾ رکندي هن نه رڳو نوان ميوا ۽ ٻيون شيون متعارف ڪرايون پر ڪي انوکا تجربا پڻ ڪيا. هن ٺٽي ضلعي ۾ گھارو جي ويجھو، جتي حڪومت کيس جهينگن جي افزائش لا ٻه سو ايڪڙ ٻني ڏني هئي، واڳن جي هڪ فارم قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي. هن ان سلسلي ۾ گھڻو ڪم ڪيو ۽ ايستائين ته هن ۽ سندس زال واڳن جي گوشت کائڻ جو تجربو پڻ ڪيو پر سندس اها رٿا ڪامياب نه ٿي سگھي. ڇاڪاڻ ته اتر آسٽريليا جي حڪومت جنهن کي هن واڳن جي آنن جي فراهمي لا لکيو هو ان بنياد تي اهي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اتر آسٽريليا جي حڪومت ان جي ٻين ملڪن کي موڪلڻ تي پابندي وجھي ڇڏي هئي.
وٽس مختلف موضوعن تي اٽڪل ٽيهٺ هزار ڪتابن تي هڪ سٺي لائبريري هئي جيڪا هن وقت ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي تحت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button