ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جمن دربدر جي جيون ڪٿا

Editorial-Article- Ajaz Mangi

هو سادو هو. سٻاجهو هو. پر هن جو روح سرڪش هو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هو ان رستي تي قدم نه رکي ها، جنهن رستي تي ڪنڊا هئا. هو ڪنهن وڏيري جو واٺو نه پئي ٿي سگهيو. ڇو ته هن جي ضمير جي خمير ۾ اهو عنصر شامل ئي نه هو. هن سدائين بغاوتن جا گيت ڳاتا. هن انساني سورن کي سر عطا ڪيا. هن جي درد جو دائرو پوري دنيا جيترو هو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته جڳ مشهور گيت ۾ اهي ٻول ڇو ٻولي ها:
”اهو يورپ يا لبنان
جتي ماريو ويو انسان
انهيءَ ماڻهوءَ سندي ارمان
جي رت ڇاڻ ۾ ملبو“
جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ احساس هوندا آهن، ان ماڻهوءَ جي شعور ۾ ان روشنيءَ جو به جنم ٿيندو آهي، جنهن روشنيءَ سان اندر جي اونداهه ختم ٿي ويندي آهي.
جمن درد بدر پوري دنيا جي درد جو اظهار ڪندو هو. پر هن جي احساسن جي ڪائنات جو مرڪز هن جو ديس هو. هن جو اهو ديس جنهن جي وڏين عمارتن ۽ قلعن جي شان ۾ هن ڪو گيت نه لکيو. هن لکيو ته پنهنجي ٿر جي پٽن تي لکيو. ڀٽن تي لکيو. درياهه جي ڇولين تي لکيو. پکين جي ٻولين تي لکيو. هو ڪنهن وزير، مشير جو ٻولڙيو نه هو. هو هن ديس جو سچو پچو فقير هو.
هو هڪ اهڙو انسان هو، جنهن تي فيض احمد فيض جا آخر ۾ لکيل لفظ ايئن لهن ٿا، جيئن پاڻيءَ مٿان پرديسي پکي لهندا آهن.
جمن جي پوري زندگي هڪ شعر جو عملي نمونو هئي. هن کي مال ۽ دولت سان ڪو لڳاءُ نه هو. هن پنهنجي مالڪ کان صرف دل جي دولت گهري هئي ۽ اها دولت هن وٽ ايتري هئي جو هن جي ان دولت تي وقت ۽ بخت سان سڪندر به هن سان ريس ڪندا هئا. هو ڪڏهن به ڪنهن به طرح سان پنهنجي مالي حالت جو ماتم ڪندي نه ٻڌو ويو. ڇو؟ ڇو ته هن وٽ ضمير هو. هن وٽ شعور هو. هن وٽ ان شعور جو غرور هو. هو عبدالواحد آريسر جو دل گهريو دوست هو. هن ڪتاب نه پڙهيا هئا پر هن آريسر جهڙي عالم کي ٻڌو هو. هو آريسر جي مڪتب جو سڀ کان ذهين شاگرد هو.
سائين جي ايم سيد سان هن جي عقيدت تمام گهڻي هئي. جي ايم سيد هن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جي ايم سيد کي هن جي شاعري ۽ هن جي ڳائڻ جو انداز تمام گهڻو موهي وجهندو هو. پر هن جو جيڪو ناتو ۽ رشتو عبدالواحد آريسر سان هو، اهو ٻيو ڪنهن سان نه هو. هونءَ ته هن سان هر قدم تي ميلا هئا. پر سچي ڳالهه اها آهي ته عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي کان پوءِ جمن دربدر تمام گهڻو تنها رهجي ويو هو. هو پنهنجي ان اڪيلائيءَ جو اظهار به ڪندو هو ته ڪجهه ان طرح سان ته جيئن ٻڌڻ واري کي ڪا شڪايت محسوس نه ٿئي. هو تمام ڌيرج ۽ تمام محبت سان اهي ساروڻيون ساريندو هو، جن جي تنهائيءَ جي تند وڄندي هئي. هن جي ڳالهين ۾ هڪ ڳوري خوشبو هوندي هئي. اها درد جي مهڪ هن جو تعارف هئي. هو پاڻ هڪ درد هو. اهڙو درد جيڪو هن جي روح ۾ اوطاق بڻائي ويهي رهيو هو. ان ڪري جڏهن جمن لکندو به هو ته هن جي کل جي وٿين مان هن جو درد ليئا پائيندو نظر ايندو هو. پر هو پنهنجي درد جو ان طرح سان اظهار نه ڪندو هو جو ماڻهو هن تي رحم کائن. ماڻهو هن سان همدردي ڪن. هن کي همدردي ۽ قياس جي جذبن کان تمام گهڻي چڙ هئي. هو ته سراپا محبت هو. هن کي صرف ۽ صرف محبت وڻندي هئي. اها محبت ئي هئي، جنهن هن کي مور جهڙي رقص جو انداز ڏنو هو. جنهن هن کي اهڙي شاعريءَ جي ڏات ڏني هئي، جنهن شاعريءَ ۾ ڪي وڏيون ادبي عظمتون نه هيون. ان شاعريءَ ۾ سادگي هئي. سچائي هئي. جمن دربدر جي پوري زندگي هڪ سفر هئي. اهو سفر جيڪو منزل جي لاءِ نه ڪيو ويندو آهي. اهو سفر هن جي جيون جي سڀ کان وڏي مايا هو.
هو مسڪين ماڻهو هو. هن کي پنهنجي مسڪينيءَ تي ناز هو. ان حوالي سان هو لطيف جي انهن ڪردارن جهڙو هو، جن جي مٿان دولت جي دهشت مڙهي نه سگهندي آهي. جن مٿان موهه جو جادو نه هلندو آهي. اهي ڪردار جيڪا دنيا سان خوف يا لالچ سبب ڪو سمجهوتو نه ڪندا آهن. جيڪڏهن خوف ۽ سمجهوتو جمن دردبدر جي شخصيت ۾ هجي ها ته هو ان طرف قدم ئي نه وڌائي ها، جنهن طرف ويندڙ واٽ لاءِ هڪ اردو شاعر غضب جو شعر لکيو آهي ته:
”راهه وفا مين هر سو ڪانٽي
ڌوپ بهت اور سائي ڪم“
اها راهه هئي جمن دربدر جي! اها راهه جنهن جي لاءِ اياز به لکيو آهي ته:
”راهه انوکي سڀ کان چوکي
پيرا پيرا ناهي ڪڙ“
ان راهه جو راهي هو اسان جو جمن دردبدر! اهو جمن دربدر جيڪو ڪنهن به قسم جي شڪايت ڪرڻ ۽ ڪنهن به قسم جي مالي مدد ڪرڻ واري مطالبي ڪرڻ کان سواءِ پنهنجا ساهه پساهه پورا ڪري هن ڌرتيءَ ۾ سمائجي ويو. هو پنهنجي وجود ۾ ڌرتيءَ کان ڌار ٿيل هڪ ٽڪر هو ۽ هو وري پنهنجي جنم ڀوميءَ سان ملي هڪ ٿي ويو. هن کي پنهنجي مٽيءَ سان محبت هئي. هن کي مٽيءَ سان محبت هئي، ان ڪري هن کي مٽيءَ هاڻن ماڻهن سان به محبت هئي. هن ڪڏهن به ڪنهن شان مان ۾ ڪو قصيدو نه لکيو. هن ڪڏهن دولت واري جو دروازو نه کڙڪايو. هو ته سنڌ جي نوجوانن جي دلين تي دستڪ ڏيندڙ مسافر هو. هن وٽ شعور هو. هو ان شعور کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي ائين ڦهلائيندو هو، جيئن ڪوئي گل پنهنجي سرهاڻ کي ڦهلائي پنهنجي ماحول کي مهڪائيندو آهي. هن پنهنجي دل کي هڪ گلاب وانگر بڻايو ۽ هن ان گلاب سان هي ديس مهڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.
جمن دربدر قومي قافلي جو مسافر هو. هن جي فڪر ۽ هن جي سياست مٿان ڪو پردو پيل ناهي. هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪجهه به نه لڪايو هو. هن وٽ ڪمپرومائيز وارو مزاج ئي نه هو. هن جي اندر ۾ جيڪا جوت هئي، ان جا واسطو جنهن فڪر ۽ فهم سان هو، ان جي پوري سنڌ کي خبر آهي. ان ڪري هو سرڪار جي آڏو هٿ ٽنگڻ جي ڪڏهن سوچ به پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏني. هن ان سلسلي ۾ ڪنهن جي صلاح ٻڌڻ به گوارا نه ڪئي. ڇو ته هو پنهنجي مسڪينيءَ ۾ به تمام گهڻو سرڪش هو. هن کي معلوم هو ته هو جنهن فڪر جو پوئلڳ آهي. ان فڪر وارا ماڻهو ڪنڌ ڪٽائي ته ڇڏيندا آهن پر انهن کي ڪنڌ جهڪائڻ نه ايندو آهي. ان فڪر سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو پورو سفر ان طرح سان ڪندا آهن جو انهن کي ڪنهن به موڙ تي مايوس نه ٿيڻو پوي. اهو ئي سبب آهي ته جمن دربدر کي ڪڏهن به ڪنهن ذاتي پيڙا ۾ شڪايت ڪندي نه ٻڌو. هو سنڌ جي نوجوانن سان جنهن دور ۾ مليو، اهو دور موبائيل فونن جو دور هو. ان ڪري هر نوجوان وٽ هن جي ڪا نه ڪا تصوير آهي. هو نوجوانن سان ملي هڪ طرح جي مسرت محسوس ڪندو هو. هن کي محسوس ٿيندو هو ته نئون نسل هن جي پاسي آهي. هو ڪنهن وڏي حساب ڪتاب ۾ پوڻ وارو شخص ئي نه هو. هن جي جيون جو جيڪو به پوتا ميل هو، اهو هن جي سادگي ۽ هن جي سچائي هئي. هو پنهنجي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان هلندي پنهنجا پساهه پورا ڪري ويو پر اها ڳالهه هن جا مخالف به مڃيندا ته هن جي دامن مٿان ڪو داغ لڳل نه هو. هن ڪڏهن به پنهنجي فڪر ۽ فهم جو سودو نه ڪيو هو. هن جڏهن به ڪو قدم کنيو هو ته پنهنجي پوري سمجهه، سوچ ۽ ذميواريءَ جي احساس سان کنيو هو ۽ هن جي ان قدم جي قيمت هن ڪوڙي دنيا وٽ ٿي ئي نه ٿي سگهي. ڇو ته اهو قدم سچ ۽ حق جي طرف هو.
جمن دربدر پنهنجا ڏينهن پورا ڪري ويو پر هو پنهنجي ذات جي صورت ۾ هڪ مهان مثال ڇڏي ويو آهي ۽ جو اهو مثال ثابت ڪري ٿو ته انسان جيڪڏهن پاڻ مجبور ٿيڻ نه چاهي ته دنيا جي ڪا به طاقت هن کي مجبور ڪري نه ٿي سگهي. جيڪڏهن جمن دربدر پنهنجن پيرن تي پختگيءَ سان بيهي سگهيو ته ان ۾ هن جي سوچ جي اٽل ارادي واري قوت هئي. اها قوت هن کي ان سمجهه ڏني هئي، جيڪا دل ۽ دماغ کي روشن ڪري ڇڏيندي آهي.
جمن دربدر جو جيون ڪجهه لفظن ۾ به لکي سگهجي ٿو. اهي لفظ اسان کي فيض احمد فيض کان وٺڻا پوندا. اهي لفظ جن ۾ فيض لکيو آهي ته:
”جو تيري حسن ڪي فقير هوئي
ان ڪو تشويش روزگار ڪهان؟
درد بيچين گي، گيت گائين گي
اس سي خوشبخت ڪاروبار ڪهان؟“
اهائي جيون ڪٿا آهي، ان عظيم مسافر جي، جيڪو پنهنجي ابدي راهه جو راهي ٿي هليو ويو ۽ پويان ڪنهن به قسم جي مايوسي ۽ ڪنهن به قسم جي پيڙا نه ڇڏي ويو. اهو ئي سبب آهي ته هن جي لاڏاڻي تي به ساز ٻرندا رهيا ۽ هن جا ٻول ٻهه ٻهه ڪندا رهيا.
هن جي لاڏاڻي تي صوفي سنگ جي چپن مٿان جيڪو هن جو گيت هو، اهو گيت هن جي پوري زندگيءَ جو نچوڙ هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو جمن دربدر کي هن مهل تائين نه سمجهي سگهيو آهي. جيڪڏهن ڪو به فرد جمن دربدر سان نه ملي سگهيو آهي ته هن کي سمجهڻ ۽ هن سان ملڻ جي سموري رمز هن جي ان گيت ۾ سمايل آهي، جيڪا ڪالهه کان وٺي هر قومي ڪارڪن ۽ مظلومن جي لاءِ سياسي جدوجهد ڪندڙ انقلابي ڪارڪنن جي چپ تي چمڪي رهي آهي. اهي ٻول صرف اهوئي انسان ٻولي سگهي ٿو، جنهن انسان کي يقين هجي ته هو فاني ناهي. هو ته پنهنجي ڏات سبب پنهنجي ذات ۾ امر آهي. ان ڪري ئي هن اهو علان ڪيو هو ته:
”وٺي هر هر جنم وربو
مٺا مهراڻ ۾ ملبو“

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button