رانديون

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سڀاڻي مقابلو، شان زخمي، روهت تي پريشان

پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ سڀاڻي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پهرين ميچ کيڏي ويندي، جنهن جي تياري ٻنهي ٽيمن ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت خلاف ميچ کان رڳو ٽي ڏينهن اڳ پريڪٽس دوران پاڪستاني اوپنر شان مسعود زخمي ٿي پيو آهي، پر پي سي بي ميڊيڪل ٽيم سندس سموريون ٽيسٽون ڪليئر قرار ڏنيون آهن ۽ زخم معمولي نوعيت جو ڄاڻايو آهي، پر سندس کيڏڻ بابت فيصلو نھ ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن ڀارتي ڪپتان روهت شرما پاڪستان جي اٽيڪ بالنگ سبب پريشان آهي، جنهن خاص ڪري شاهين آفريدي کي منهن جي تياري شروع ڪئي آهي. جڏهن تھ پاڪستاني بابراعظم ڀارتي کي ناڪام بنائڻ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي، جنهن ٽيم سميت ڀرپور نموني پريڪٽس ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button