ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رليف کان محروم متاثر

Editorial

هن مهل تائين سنڌ حڪومت پاران دعوائون ته اهي ڪيون پئي ويون ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي. پر تازو ئي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ججن جيڪا رپورٽ جمع ڪرائي آهي ان ۾ متاثرن کي رليف نه ملڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد نه ٿيڻ ۽ ٻوڏن دوران اپا نه وٺڻ تي 5 وڪيلن طرفان داخل آئيني پٽيشن جي گڏيل شنوائي دوران عدالت ۾ سول جڊيشل مئجسٽريٽ دادو 1، سول جج جوهي، سول جج ميهڙ، سيشن جج ٿري ڪي اين شاهه، سول جڊيشل مئجسٽريٽ 2 سانگهڙ، سول فئملي مئجسٽريٽ ٽنڊوآدم، سول جج شهدادپور ۽ سول جج کپرو سميت ٻين ججن رپورٽ ڏني ته سندن ضلعن ۽ شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن کي ڪو به رليف نه مليو آهي، سڄي سنڌ ۾ ڍانچو تباهه ٿي چڪو آهي، هزارين ايڪڙ زمين پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ماڻهن جا گهر ڊهي چڪا آهن. هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي چڪو آهي. متاثر ماڻهو تڪليف ۾ آهن، ماڻهن جي سنڌ حڪومت سار نه لڌي آهي. سنڌ ها ڪورٽ جي جسٽس چيو ته رپورٽ مان ظاهر ٿيو آهي ته پاڻي اڃا نيڪال نه ٿيو آهي، ماڻهن جا گهر ۽ زمينون به پاڻي ۾ ٻڏل آهن. جسٽس حڪم ڏنو ته اسان چيف سيڪريٽري سنڌ کي چئون ٿا ته وضاحت پيش ڪري ته فنڊ جاري ٿيڻ باوجود ماڻهن کي رليف ڇو نه مليو آهي. جڏهن ته رليف آپريشن ڪٿي به نظر نٿو اچي. عدالت نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي سربراهه کي عدالت ۾ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي چيو ته اهو پيش ٿي ٻڌائي ته هن ايتري وڏي سانحي ۾ سندس ڪردار ڪهڙو آهي. عدالت ڊائريڪٽر جنرل آڊيٽر کي حڪم ڏنو ته سنڌ حڪومت ۽ مختلف ادارن کي ماڻهن جي بحالي لا جاري ٿيل فنڊن ۽ خرچ ڪيل فنڊن جي فارنزڪ آڊٽ ڪري رپورٽ ڏني وڃي. عدالت ڌرين کي طلب ڪندي شنوائي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جڏهن ته حڪمرانن جي اک سان ڏسجي ته سڀ ڪجهه بهتر انداز ۾ ٿي رهيو آهي. هاڻي ته حڪمرانن موجب هنن ٻوڏ جي تباهڪارين جي سروي شروع ڪندي متاثرن بحالي جو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي هاڻي سوال اهو آهي ته جن ٻوڏ متاثرن کي رليف نه ملي سگهيو آهي ته انهن جي بحالي ڪيتري ٿي سگهندي اهو به سوال پنهنجي جا تي موجود آهي.
حالت اها آهي جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به ماڻهو گيسٽرو وگهي فوت ٿي رهيا آهن. تازي رپورٽ هي آهي ته فريدآباد ڀرسان ڳوٺ خان محمد رند (مانجهاڻي رند) ۾ ٻوڏ متاثر نوجوان ڇوڪري صائمه ڌي منـظور رند رات دير سان گيسٽرو ۽ تيز بخار سبب ٻيڙين وسيلي ميهڙ ويندي رستي ۾ فوت ٿي وئي. لاش گھر نيو ويو ته ڪھرام مچي ويو. جڏهن ته علائقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن چيو ته حڪومت ڪاڇي واسين کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو آھي. رستا نه ھجڻ ڪري ماڻهو جلد اسپتال نٿا پهچي سگهن ۽ رستي ۾ ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي رھيا آهن. انتظاميه رستن جي ڪمن ۾ ڪو تحرڪ نٿي وٺي. علائقي ۾ گئسٽرو ۽ مليريا سبب فوت ٿيلن جو انگ 75 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف سامارو ۾ راشن نه ملڻ خلاف پير ڪالوني، فقير پاڙي، شيخ پاڙي، حسن باغبان، راھوآباد، اڀرندو کاروڙو ۽ ٻين علائقن جي برسات متاثر عورتن ۽ مردن وڏي تعداد ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سامارو ڪوٽ غلام محمد ميرپورخاص مين روڊ تي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. برسات متاثرن چيو ته انتظاميا ڪالونين ۽ مختلف ڳوٺن مان هينئر تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري عذاب هيٺ آهيون، راشن جا ٽوڪن ڏئي ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀوتارن جي چوڻ تي لسٽون ٺاهي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪري راشن مهيا ڪيو وڃي.
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو متاثر علائقن ۾ ماڻهو ڪيڏين اذيتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال تمام گهڻي سنگين آهي. جنهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي. سڀ کان پهرين ته متاثرن کي رليف ڏنو وڃي. هاڻي جڏهن متاثرن جي بحالي جي سلسلي ۾ قدم کنيا پيا وڃن ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته حقيقي متاثر ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿين. جتي جتي به تباهي آئي آهي اتي سڀني جي بحالي کي يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button