ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ جي سياسي موسم واري تبديلي

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

ملڪ ۾ حڪومت جي تبديلي بعد سياسي تبديلي واريون هوائون تيزي سان پنهنجا رنگ ڏيکاري رهيون آهن. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي پنهنجي وڃايل حڪومت ۾ ڪيل وعده خلافين، ڪوتاهين ۽ ڏوهن جون سزائون ملڻ وارو سلسلو ٻي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ڪپتان خان کي حاصل خاص رعايتن واري دور جي پڄاڻي ٿيندي نظر اچي رهي آهي ۽ آخرڪار ڪپتان خان واري غير ذميواراڻي هلت، روين ۽ لاقانونيت واري بدمست اٺ کي قانون واري جبل هيٺان اچڻو پيو ۽ قانون واري دروازي مان لنگهڻو پئجي ويو پر هو اتي سوگهو ٿي ويو اهڙي ريت تبديلي وارو ٻيو مرحلو پڻ اڳتي وڌڻ لڳو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان رياست جي امانتن واري گهر توشه خانه جي خزاني ۾ گهوٻيون هڻڻ بابت سرڪار طرفان داخل ڪيل ڪيس تي””توشه خانه ريفرنس” جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پنج سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، سندس قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ سان گڏ ئي عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اهڙي ريت، آخرڪار ملڪ جي هڪ وڏي لاڏلي ليڊر ۽ مضبوط ڌر جي ماڻهو کي ڪن مهٽ ڪري هڪ ٻيو مثال قائم ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ اهو اعزاز ميان نواز شريف کي پڻ حاصل رهيو ۽ هو پڻ ملڪ جي موسمياتي تبديلي ڪري حڪومت وڃائڻ بعد ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جيلن ۾ رهڻ بعد هن وقت ملڪ جي هوائن کان هزارين ميل پري لنڊن ۾ پنهنجو بت سيڪي رهيو آهي ۽ واپس ورڻ لا اڃا تائين تيار ناهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس جو جيڪو فيصلو ٻڌايو ان موجب فيصلي ۾ عمران خان کي توشه خانه ريفرنس ۾ اثاثا لڪائڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏيندي سندس خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. ۽ عمران خان کي بدعنواني ۾ ملوث هئڻ سبب ڏوهاري قرار ڏيندي سندس قومي اسيمبلي واري رڪنيت پڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ۽ سندس سيٽ کي خالي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي ٻڌايل انهي فيصلي بعد عمران خان جي ميانوالي واري قومي اسيمبلي جي پراڻي سيٽ خالي ٿيڻ کان علاوه تازو ملڪ جي مختلف تڪن تي قومي اسيمبلي جي 8 سيٽن ۽ پنجاب اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ قومي اسيمبلي جي ٻه اهم سيٽون ملتان ۽ ڪراچي جي ملير پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪامياب ٿيڻ ڪري هٿان وڃائڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي شيخوپوره واري هڪ سيٽ مسلم ليگ نواز جي اميدوار جي کٽي وڃڻ بعد باقي بچيل سيٽون ميڙي ڪپتان خان واري جماعت جڏهن واپس پهتي آهي ته، خبر پئي ته عمران خان طرفان ڪيل مهم جوئي، ضد ۽ بددماغي واري اجائي مشهوري حاصل ڪرڻ لا قومي اسيمبلي جي ميمبر هئڻ جي باوجود وري به ملڪ جي مختلف 7 تڪن تان وڌيڪ قومي اسيمبلي لا اميدوار طور مقابلو ڪيو ۽ پارٽي جون کٽيل 2 سيٽون پيپلز پارٽي هٿان هارائي باقي رهيل 6 سيٽون کٽي جڏهن واپس زخمي حالت ۾ پهتو ته سندس جماعت جا اڪابر پڻ منهن مٿو پيٽيندا رهيا ته اهي کٽيل سيٽون هونئن به خالي ٿيڻيون هيون ۽ هاڻي ٽائيگر خان جي ستين سيٽ به خالي ٿي وئي آهي. هوڏانهن اسپيڪر قومي اسيمبلي وٽ پي ٽي آ جي 100 کان به وڌيڪ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون استعيفائون اڃا تائين منظوري لا قومي اسيمبلي ۾ موجود آهن، جنهن تي پڻ ڪنهن به وقت فيصلو ۽ نوٽيفيڪيشن جاري ٿي سگهن ٿا.

دنيا جي ڪاروهنوار موجب ملڪ جو سربراهه صدر مملڪت، حڪومتن جا سربراهه وزير اعظم، وزير ۽ مختلف عهديدار دنيا جا دورا ڪرڻ سندن ذميواري ۽ طي ٿيل ڊيوٽي جو حصو هوندا آهن ته جيئن مختلف ملڪن ۽ قومن سان اسان جي ملڪ جا سفارتي، ڪاروباري ۽ ثقافتي لاڳاپا قائم ڪيا وڃن ۽ انهن کي مضبوط ڪيو وڃي. ملڪن جي سرڪاري دورن تي ويندڙ شخصيتن کي اتان جي حڪومتن، سربراهن يا ادارن طرفان رسمي طور تي تحفا ڏنا ويندا آهن جيڪي دوري جي مڪمل ٿيڻ تي آڻي ملڪ جي توشه خانا يا امانت خاني ۾ جمع ڪرايا ويندا آهن. پر جيڪڏهن حاڪم يا ڪا حڪومتي شخصيت تحفا پاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته پو ملڪ جي قانون موجب رکيل رقم ادا ڪري اهي تحفا خريد ڪري سگهجن ٿا. اهو قانون اسانجي ملڪ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ موجود آهن ۽ انهن قانونن تي عملدرآمد ڪرڻ لازمي عمل هوندو آهي. پر اسان جي ملڪ جي لاڏلي ۽ هيرو ڪپتان خان کي شايد پنهنجي خاص ماڻهو هجڻ ڪري اها هوڏ هئي ته سمورو ملڪ ۽ ملڪ جو مال سندس ذاتي ملڪيت ۽ خاندان جي ميراث آهي، اهڙي ريت، خاص خدمتن جي ڪري هن ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه به گارگند، ڌمال ۽ اخلاق جي زوال جا مظاهرا ڪيا اهي تيستائين برقرار رهيا جيستائين سوڍا جو جوش ختم نه ٿيو هو ۽ آخرڪار جڏهن بدمستي جا نشا لٿا آهن ته هاڻي دماغ پنهنجي جا تي اچڻ لڳا آهن.

توشه خانا واري امانتن واري ريفرنس جي دستاويز موجب، عمران خان توشه خانه مان 14 ڪروڙ 42 لک 42 هزار رپين جا تحفا کنيا، جنهن مان صرف 30 هزار رپين جا تحفا خريد ڪيا ويا. باقي سمورو مال مفت جو سمجهي، خيرات واري ديڳ چاڙهي پاڻ ۽ پنهنجن ۾ ورهائي ڇڏي ويئي. اهڙي انڌير نگري جو آخرڪار انت ته ٿيڻو ئي هو ۽ آخرڪار الڪيشن ڪميشن طرفان توشه خانه ريفرنس جي ٻڌايل فيصلي ۾ سموريون هجتون پوريون ڪرڻ بعد ڪپتان عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ کان علاوه انهن ڏوهن تي فوجداري ڪيس هلائڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو. مزيدار ڳالهه آهي ته قانون ۽ انصاف جا نعرا هڻندڙ جماعت ۽ قانون هر ڪنهن لا هڪجهڙو ۽ ڪو به خاص ۽ وي آئي پي نه هجڻ گهرجي واري تبليغ ڪندڙ تحريڪ انصاف ۽ انهي جي قيادت ملڪ جي آئين ۽ قانون کي مڃڻ ۽ احترام ڪرڻ بجا پاڻ پنهنجي جوابدار ۽ ڏوهاري قرار ڏنل ليڊر جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهڻ لا تيار ٿي وئي آهي. واهه سائين واهه!

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان پنهنجي حڪومت هميشه رهڻ ۽ سدائين دادلو ۽ سگهارن جو هيرو رهڻ واري دماغ ۾ ڀريل هوا جو شڪار ٿي ويو ۽ پنهنجي حڪومت وڃائڻ بعد سهولتڪارن جي هٽي وڃڻ کانپو پنهنجي سياسي حيثيت، ساٿي ۽ ساڃاهه وارا ڪارڪن پڻ مايوس ڪرڻ ۽ هٿان وڃائڻ واري نقصانن جو شڪار آهي پر شايد کيس پنهنجي ۽ پارٽي جي زوال ۽ ڊهندڙ سياسي عمارت جي تباهي جو اڃا تائين خيال ۽ احساس پيدا نه ٿي سگهيو آهي ۽ هو وري به ساڳي دربار تي حاضريون ڀري پنهنجي پراڻي درگاهه کي راضي ڪرڻ لا انهن جي چانئٺ تي مٿا ٽڪرائي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ڄاڻايل فيصلي خلاف پي ٽي آ طرفان ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي ملڪ گير احتجاج جي سڏ کانپوءِ لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد، رحيم يارخان، گوجرانوالا، فيروز پور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي. اطمينان واري ڳالهه آهي ته، احتجاج جي پهرين ڏينهن واري مظاهرن ۾ شريڪ ڪارڪنن جو تعداد نالي ماتر هئڻ يقينن سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي ته، هو سياسي ۽ عقل وارا ڪارڪن ضرور آهن پربني گالا يا ڪپتان خان جا چڳ وڍيا مريد ڪنهن به صورت ۾ نه آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button