ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سڀ ڪجهه ڇپيل پروگرام مطابق آهي

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

پنھنجي ڦوهھ جوانيءَ واري زماني ۾ جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ کان اڳ صحافت جي ڪنڊن سان ڀريل سسئي جھڙي ڏکي واٽ تي اڃا قدم رکيو ھو ته سرڪاري نوڪري جي ھر آڇ کي ٿڏي، پنھنجي شهر حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ان وقت جي مقبول عبرت اخبار سان پروف ريڊر جي حيثيت ۾ سلھاڙجي ويس. هيءَ اخبار مرحوم قاضي محمد اڪبر صاحب جي ملڪيت آهي جيڪا ھن سنڌ جي سچار ۽ حق پرست جھادي تخليق ڪار ۽ ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائي صاحب کان ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪئي هئي. مون کي خبرن ۽ اشتهارن جا پروف پڙهي انهن مان چڪون ڪڍڻ جو ڪم ڏنو ويو هو. اھو 1967 ۽ 68 وارو مارشل لائي دور هو.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 63 جي قانون قاعدن مطابق فيصلو ڏيندي عمران خان کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ نه رڳو نا اهل قرار ڏيئي ڇڏيو آهي بلڪ سندس پنهنجي سياسي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين واري عھدي تان به هٽائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزير اعظم خان خلاف سرڪاري مال خاني معنيٰ توشاخاني مان سستي اگهه تي ورتل گاڏين، گھڙين توڙي ٻين شين بابت اليڪشن کان اڳواٽ ڀريل گوشوارن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حقيقت کي لڪائي ڪوڙا جواب لکيا آهن تنهن ڪري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 مطابق ھو نه سچو آهي ۽ نه امين آهي. يعني بي ايمان ثابت ٿي چڪو آهي. ڪمال جي تاريخي حقيقت هي آهي ته پاڪستان جي بنگالي وزير اعظم خواجه ناظم الدين کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ فقط چئن سالن اندر ھٽائڻ لاءِ جيڪو ھٿ ٺوڪيو قانون پروڊا استعمال ڪيو ويو سو اڄ به ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ لاڳو آهي. اھڙن ئي نيب جي قانونن مطابق ميان نواز شريف کي وزير اعظم جي ڪرسيءَ تان لاهي کيس جلاوطن ڪرڻ واري سگهاري ڌر ھاڻي نه رڳو نواز شريف جي ڀاءُ شھباز شريف ۽ ڌيءَ مريم نواز شريف تان اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آھن.
پر سنڌ جي قومي خزاني ۾ 2008 کان وٺي لڳندڙ کاٽ ۾ ملوث آصف زرداري ۽ سندس چار سئو وزيرن ۽ آفيسرن کي نيب جي ڪيسن مان خميس ڏينهن وفاقي حڪومت جي پراسيڪيوٽر راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھٿ مٿي کڻي ڇڏيا ۽ لکت ۾ ڏنائين ته ڪنهن به ھڪ شخص تي ڏوهه جي ڪابه ثابتي نه ملي سگهي آهي جنهن ڪري هنن مقدمن کي واپس ٿا وٺون. مون مٿي پنھنجي صحافتي ڪيريئر جو ذڪر ڪندي؛ اصل ۾ پڙهندڙن کي اھو ٻڌائڻ ٿي گھريو ته پروف پڙهڻ مھل خبرون ته روز نيون نيون پڙهندو هئس پر هڪڙي مفت ۾ روزانو ڇپجندڙ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي روايتي نيوز آئٽم ھوندي ھئي اڄ جا ڇپيل پروگرام، ۽ مزو تڏهن ٿيندو هو جڏهن ڇپيل پروگرام مطابق ڪو ڳائڻو يا ڳائڻي پنهنجي ڳوٺان وقت سر پھچي نه سگهي ته ريڊيو جو ڪوبه انائونسر ٻڌندڙن کان معافي وٺي اعلان ڪندو هو ته، “هاڻي ڇپيل پروگرام جي جاءِ تي فلاڻو فنڪار پنهنجو ڪلام ٻڌائيندو.” مطلب ته اخبارن ۾ ڇپيل پروگرام موجب ڪوبه ڪم نه ٿيو ته ھڪدم معافي گهري وٺندا هئا. تيئن اسان جي ملڪ ۾ سياسي ڦيرڦار به اڳ ۾ ئي ڇپيل پروگرام مطابق ٿيندي رهي آهي. لياقت علي خان ۽ خواجه ناظم الدين کان وٺي اڄ تائين پر جڏهن سندن ڪنهن به پروگرام ۾ ريڊيو پاڪستان جيان اوچتي ڦيرڦار ڪري ڇڏيندا آهن ته واسطيدار ڌر وارا ان لاءِ عوام کان معافي تلافي ڪرڻ پنهنجو فرض نه سمجهندا آهن. بھرحال اڄ پاڪستان ۾ جيڪي ڪجهه به ٿئي پيو سو اسٽيبلشمينٽ جي ڇپيل پروگرام موجب ئي هوندو آهي.
پر سوچيان ٿو ته آخر ڪيستائين عمران خان کي ضمانت تي آزاد رکي سگهندا ڇاڪاڻ ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ صادق ۽ امين وارو جيڪو سخت شرط لکيل آهي ان کي ڪيئن ھيٺ مٿي ڪري سگهبو. پر وري ڏسون ٿا ته پاڪستان جي جن حڪمرانن تي باقاعدي فرد جرم لاڳو ڪري سزائون ڏنيون ويون هيون انهن کي به جيڪڏهن نواز شريف جيان بيماري جي ڪوڙي بھاني آزاد ڪري سگهن ٿا ته پوءِ عمران خان ته سزا کاڌل ڪونهي، سو ھن شخص کي گرفتار ڪري پنهنجي لاءِ آزار پيدا ڪرڻ کان نه رڳو عدالتون پر ملڪ جا ظاهري توڙي اصلي حاڪم به هاسيڪار لنوائي رهيا آهن.
حقيقت ۾ انصاف جي تقاضا موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي توشا خاني مان ڪيل هنن ننڍڙين چوڙين بدران گذريل ٻارھن سالن کان عمران خان خلاف ھلندڙ فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ گهرجي ھا جنهن ۾ اربين ڊالرن جون گھوٻيون ھنيون اٿس. توشا خاني واري ڪيس جو تڙ تڪڙ ۾ ايترو جلد فيصلو ٻڌائڻ جي لازمي ھو ته اھو عمران خان کان اڳ جنرل پرويز مشرف، ميان نواز شريف، آصف زرداري، مريم نواز ۽ شوڪت عزيز تي ھلڻ گهرجي ها ڇو ته سڀ کان وڌيڪ پراڻا ۽ پينڊنگ (ھوا ۾ لڙڪيل) مقدما انهن حاڪمن جي خلاف آهن.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جنهن نموني Pick and Choose واري بي اصولي ڏيکاري آهي ان تي سڄي دنيا جا قانون دان اعتراض واريندا.
پاڪستان جو قانون افلاطون جي قول پٽاندڙ ڄڻ ڪوريئڙي جو ڄار آهي جنهن کي ڦاڙي طاقتور ھاٿي ان مان سولائي سان نڪري ويندو پر ڪمزور ۽ ڏٻرا جيتامڙا ان ۾ ڦاسي پوندا. اها ڳالهھ اڄ ھڪ ڀيرو وري صبح ساڻ مون ھڪڙي ساک واري انگريزي اخبار جي ساکائتي تجزيو لکندڙ جي رپورٽ ۾ پڙهي. سندس رپورٽ ۾ لکيل آهي ته ظاهري طرح ھڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽيندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمران خان ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ پنڊي وارن واڳ ڌڻين گذريل 25 مئي کان ڊائلاگ شروع ڪرائي ڇڏيو آهي. سياسي تڪرار کي ٻنهي ڌرين جي ٽڪراءُ بڻجڻ کان ٽارڻ لاءِ طاقتور شخصيت ان ڏينهن ڪوشش تيز ڪري ڇڏي جڏهن 24 مئي تي عمران خان ھزارين پارٽي ڪارڪنن سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر جو گهيرو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي آيو، جنهن کي روڪڻ خاطر پي ڊي ايم سرڪار لٺيون، ڳوڙها گيس، رٻڙ جون گوليون ۽ پوليس فورس کي استعمال ڪيو. نتيجي طور سوين پي ٽي آئي ورڪر ڦٽجي پيا ۽ ھڪڙو مارجي ويو. ان ساڳي شام سگهاري ڌر جي ھڪ اھم آفيسر وزير اعظم سان ترت ملاقات ڪئي ۽ کيس واڳ ڌڻين پاران نياپو ڏنائين ته جيڪڏهن ٻئي مخالف پارٽيون پنهنجي هوڏ ۽ ھٺ تي ضد ڪري بيهنديون ته ملڪ جي اڳ ۾ ئي تباھه ٿيل معيشت جو ٻيڙو ٻڏي ويندو. وقت جي ضرورت آهي ته اوهان ٻنهي کي ڊائلاگ ذريعي سياسي تڪرار جو نبيرو ڪري ڇڏڻ کپي. ان گڏجاڻي ۾ پي ڊي ايم پاران قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق، پيپلز پارٽي جو سينيٽر يوسف رضا گيلاني، ايم ڪيو ايم جو فيصل سبزواري، مسلم ليگ جو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ جمعيت علما اسلام جو اسد محمود ۽ تحريڪ انصاف پاران اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اڳوڻو وزير دفاع پرويز خٽڪ ۽ اسد عمر شريڪ ٿيا پر جيئن ته پي ٽي آئي وارن سرڪاري ڌر کي جلد عام چونڊون ڪرائڻ تي زور ڀريو تنهن ڪري ڳالھيون ڪامياب ٿي نه سگهيون.
جنرل باجوه ايندڙ مهيني رٽائرڊ ٿيڻ جو چٽو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ٻنهي ڌرين کي ڳالهھ ٻولهه واسطي ھن ٽيبل تي ويهاريو ويو آهي. سندن تازي گڏجاڻي ٽي ڏينهن اڳ ٿي آهي جنهن ۾ پي ڊي ايم سال پورو حڪومت ۾ رھڻ بدران ايندڙ سال مارچ يا اپريل ڌاري چونڊن لاءِ راضپو ڏيکاريو آهي ته جيئن عمران خان پنھنجي لانگ مارچ واري چڙهائي تان ھٿ کڻي. ڇپيل پروگرام مطابق ڪم جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button