ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اهل – نااهل!؟

Editorial-Article- Irshad Leghari

ڪالهھ سڄو ڏينهن عمران خان جي نااهلي، پاڪستان جو ايف اي ٽي ايف جي گِري لِسٽ مان نڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديلين سبب ايندڙ موسمن جا لاها چاڙها بحث هيٺ رهيا. ان بحث ۾ پنهنجي لاءِ اهم ماحولياتي تبديلين وارو معاملو هو. اهو ان ڪري جو پنهنجي هڪ دوست پُڄاڻي تي پهچندڙ آڪٽوبر بابت جڏھن اها شڪايت ڪئي ته:
“يار هن مهيني جي به خبر نٿي پوي، هڪ ڏينهن گرمي ته ٻئي ڏينهن وري ٿڌ!!” آڪٽوبر کان دوست جي اهڙي شڪايت تي پنهنجو کيس جواب اهو هو ته:
” بس هڪ ٻه ڏينهن انتظار ڪريو، اجهو ٿا ڏِياري جا ڏِيئا ٻرن، بس پوءِ گرمي هلي ويندي.”
تنهن تي ان دوست جو جواب هي هو:
“ماحولياتي تبديلين جي هن دور ۾ هاڻ توهان واريون اهي ڪهاڻيون به گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهنديون، جنهن ۾ توهين سدائين اهو ٻڌائيندا رهيا آهيو ته هولي ايندي سيارو ويندو ۽ ڏِياري ايندي گرمي ويندي.”
ته پوءِ ڇا واقعي اڳيان اهو سڀ ڪُجهه ٿيڻ وارو آهي!؟ ڇو ته هي ماحولياتي گدلاڻ، جيڪا بيرحم سرمائيداري جو انتهائي ناڪاري نتيجو آهي، تنهن سرمائيداري جا گهڻا ناڪاري اثر ثابت ڪن ٿا ته ايئن ٿي به سگهي ٿو. ها اها سرمائيداري، جيڪا اسان جي مثبت تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن ۽ رهڻي جا طور طريقا تباھه ڪري چُڪي آهي. جنهن جو هڪ وڏو مثال اسان جي ڳوٺن جي بربادي آهي. نه ته هِن موسم ۾ پنهنجي ڳوٺن جي ڇا ته سونهن هوندي هئي؟
سچي ڳالهھ اها آهي ته اڄ تائين زندگي ۾ پاڻ کي جيڪو ڪجھه به ڪم آيو آهي، سو انهن ڳوٺن جو ئي سرمايو آهي پر ڇا ڪجي جو هاڻ اهي ڳوٺ تباھه ٿي چُڪا آهن. هاڻ ڪير موٽائيندو ان دور کي، جنهن دور جا واسي اهو سمجهندا هئا ته هي ڌرتي هڪ ڏاند جي سِڱ تي بيٺل آهي. اڄ ڀل کڻي هي جديد دنيا، اهڙي سمجھه تي کِلون ڪري پر يار انهن ڳوٺن جو ڏاند جي سِڱ تي بيٺل ڌرتي سان جيڪو ناتو هو، سو ڪيترو نه اُتم ۽ احترام وارو هو!!
جڏھن ته اڄوڪي جديد سرمائيداري سمجھه وارن ته ڌرتي کي هنڌان هنڌان گهائي ڇڏيو آهي. جڏھن ته پنهنجن ڳوٺن جا پُراڻا ماڻهو ته ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سمجهندا هئا ۽ پنهنجن ٻارن کي اها تربيت ڏيندا هئا ته راند ڪندي ڪڏھن به ڌرتي کي ڌَڪ نه هڻندا ڪريو، جو اهڙو عمل سڀ کان وڏو گناھه آهي. ڳوٺن جا ٻار، جن جي راندين ۾ هڪ راند اها به هئي ته هو “چور چور” راند کيڏندي، جڏهن تمثيلي انداز ۾ ڪو چور جهلي وٺندا هئا تڏهن ان تي لٺيون اُلاري، لٺ ورائي زمين تي هڻندا هئا ۽ چور دانهون ڪرڻ لڳندو هو. ۽ پوءِ ان راند دوران جيڪڏهن ڪو وڏو يا وڏڙي پهچي ويندي هئي ته ٻارن کي سخت دڙڪن سان گڏ اها نصيحت ملندي هئي:
“بابا زمين کي ايئن لٺيون نه هڻو، هي پنهنجي ماءُ آهي ۽ ڌرتي جي دانهن ستين آسمان تي ويندي آهي”
اهي ڳوٺ جن جو گذران پوکي راهي تي هوندو هو، تن ۾ هڪ گُڻ اهو به هو ته ٻني ٻاري جو ڪم، سڀ ڳوٺاڻا هڪ ٻئي جا ساٿي بڻجي، گڏجي ڪندا هئا. اڄ هُن جي کيڙي، سڀاڻي هُن جو لابارو، پرينهن هُن جي ڳاهه!! ۽ وري جي ڪاڄ ٿين تڏھن به سڀ هڪ ٻئي سان ساڻي!! ايئن سندن ڏُک به گڏ ته سُک پڻ.
اهي ڳوٺ جن جا واسي ماس نه هئڻ جي برابر واپرائيندا هئا. سندن کاڄ اهي جهنگ جون ڀاڄيون هيون، جيڪي هو هڪ ٻئي جي گهر سڏي پهچائيندا هئا. سارنگ جي ٻني ۾ پوکيل گُوار به سڀن جي ته انب جي ٻني ۾ پوکيل ڀينڊيون پڻ سڀني جون.
تڏهن بازارن ۾ سِڪو به ڪٿي هلندو هو!؟ نه بلڪل نه. سڀ ڏيتي ليتي فصل تي هوندي هئي. حجام مفت ۾ سنوارت ٺاهيندا ھئا، موچي به جوتا جوڙي ڏين ته ٽڪو به ڪونه وٺن، ايئن واڍا ۽ ڪُنڀار پڻ.
مثال طور پنهنجي ڳوٺ چاچو لکانو ڪُنڀار جڏهن ايندو هو ته کيس چڱي طرح ياد هوندو هو ته ڪهڙي گهر دَکي، ڪهڙي گهر ماٽي، ڪهڙي گهر دانگي ۽ ڪهڙي گهر گهڙو يا مَٽ ڏيڻو آهي. پئسو بلڪل به نه. ڇو جو پنهنجي ڳوٺ جو هر هڪ گهر چاچي لکاني ڪنڀار جو پنهنجو گهر ئي ته هو. جنهن گهر به مانجهاندو ڪري، سا سندس مرضي. ۽ پوءِ شام جو چاچو لکانو جڏھن سندي ڳوٺ موٽندو هو ته ڳوٺ ۾ ورهايل ٿانوَن جي عيوض کيس ايترو سامان ملندو هو جو گنج ٿيو وڃيس. ڪنهن مکڻ ڏنو، ڪنهن اٽو ڏنو، ڪنهن ڪپڙا ته ڪنهن ڳُڙ، ڪنهن ڇا ته ڪنهن ڇا. مطلب ته چاچو لکانو جيسين ٻي کُوري، آوي لاهي، تيسين سندس ڪُڙم به بي اونو ويهي کائي.
اهو ڳوٺ جنهن ۾ نه بجلي هئي، نه ڪو پڪو رستو ۽ نه ئي ڪو ڊاڪٽر. وڏي ڳالهھ ته واچ به ڪنهن وٽ ڪونه هوندي هئي. نِکٽن تي وهنوار هلندو هو. جيڪڏهن ڪو اگهو ٿي پوي ته پنهنجيون ڦڪيون. بخار کي ته ليکبو ئي ڪونه هو.
ها پنهنجو اهو ڳوٺ جنهن ۾ سامي قبيلي جي هڪ وڏي مڻيادار جُهونڙي به ايندي هئي. پنهنجي روايتي گهاگهري ۽ پڙي ۾ ملبوس، وڏي قد ڪاٺ واري اها سامياڻي!! جنهن جي مُک مبارڪ ۾ پيل گُهنج سندس وڏي ڄمار جي گواهي ضرور هئا پر اهي گُهنج ڪڏهن به ڪوجها نه لڳندا هئا. سدا ملوڪ گهري سانوري رنگت واري اها جُهونڙي، جنهن سان ڳوٺ جون عورتون پنهنجي عورتاڻي اگھائي جو حال احوال پيون سلينديون هيون ۽ هُوءَ سڀني کي پنهنجي پنهنجي حساب سان سُتيون پئي ڏيندي هئي. اها سامياڻي جنهن کي سڀ “امان ڀوپي” ڪري سڏيندا هئا، ڏينهن جا ڏينهن ڳوٺ ۾ رهندي هئي. سندن پيرن ۾ پاتل پاکڙيون ۽ پِنين ۾ پاتل سچي چاندي جا وڏا ڪَڙا ڪنهن پرانهين پار جو ڏس پيا ڏيندا هئا. هوءَ جيڪا اميد سان آيل مائي جي لوڏ پري کان لکي ٻُڌائيندي هئي ته هِن کي ڌيءَ آهي يا پُٽ. ۽ پوءِ اهو ئي ٿيندو هو جيڪو امان ڀوپي ٻڌائيندي هئي. سندس گودڙي ۾ پٿر جا ٻه ڍارا هوندا هئا. پراڻي ميري پٿر جا ڍارا، هڪڙو ٽِن ڪڙين وارو ۽ ٻيو پنجن ڪڙين وارو ڍارو. جن تي عجيب نقش چٽيل هوندا هئا. الاهي ڇا هو انهن نقشن ۾!! جن جي باري ۾ رڳو هُوءَ ئي ڄاڻندي هئي. ۽ پوءِ ڳوٺ وارا پيا امان ڀوپيءَ کان قسمت جو حال پُڇندا هئا ۽ هو پئي کين ايندڙ خوشين توڙي خطرن کان آگاهه ڪندي هئي. هوءَ ڄڻ ته سڄي ڳوٺ جي گُرو هئي، مرشد هئي. امان ڀوپي جو جيڪو سڀ کان وڏو قصو ڳوٺ ۾ مشهور هو، سو اهو ته هڪ شام هُن ڳوٺ مٿان چڙهي آيل هڪ وڏو ڪارو اوٿر ٽاريو هو.
ٿيو هيئن جو هڪ شام ڳوٺ مٿان اولھه ۽ اُتر جي ڪُنڊ کان هڪ گُهپ اونداهي وارو ڪارو اوٿر – طوفان چڙهڻ لڳو. اوٿر ۾ قيامت جهڙي دهشت هئي. مائرون پنهنجا ٻار سنڀالڻ لڳي ويون ۽ هر پاسي ڀڄ ڀڄان ٿي وئي. جنهن گهر جي اڱڻ تي امان ڀوپي ويٺل هئي، تنهن گهر وارن کي ڀوپي ھڪل ڪري چيو ته:
” ڊڄو نه، بنادير پاڻي جو هڪ وٽو ڀري اچو ۽ ان ۾ ٻه ڳڙيون لوڻ به وجهي ڏيو ۽ ٻيو ڏسو ته هتي جيڪي هي ٻار موجود آهن، تِن مان پُڻيٺي جو ڪو ٻار هجي ته اُن کي سڏي وٺو.”
۽ پوءِ اوئين ئي ڪيو ويو ۽ امان ڀوپي لوڻ – پاڻي واري انهي وٽي ۾ پنهنجو هٿ ڪڙو ٻوڙي، ٻار کي چيو:
” هي پاڻي زور سان ان پاسي مٿي اُڇلاءِ، جنهن پاسي کان اوٿر اچي رهيو آهي.”
هاڻ هڪ پنجن ڇهن سالن جي ٻار جي اُڇل ڪيتري هوندي!؟ بس رڳو هڪ لقاءُ جُڙيو، جنهن ۾ ٻار پاڻي مٿي اڇلايو، جيڪو اتي ئي ڪريو پر اتي موجود موجود سڀني ماڻهن لاءِ جيڪا حيرت جي ڳالهھ هئي، سا اها ته هِتان ٻار جو پاڻي اڇلائڻ هو ۽ هُتان ڪاري اوٿر جو ٻن حصن ۾ ٽُٽَڻ هو. ايئن اهو ڪارو طوفان، اوٿر ڳوٺ تان ٽري ويو ۽ هر طرف امان ڀوپي جي شڪتي جو ويساھه ڇائنجي ويو.
ها پر اهي سڀ ان ڳوٺ جون يادون آهن، جيڪو هاڻ رڳو يادن ۾ وڃي بچيو آهي. اهو ڳوٺ يا سنڌ جا ٻيا اهڙا سمورا ڳوٺ جيڪي فطرت سان جُڙيل هئا، سي ڏُکن سُکن ۾ سَرها پل سِرجي وٺندا هئا. جڏهن ته هاڻ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي انتهائي اوکي ٿي پئي آهي. هاڻ ڪڏھن پاڻي جي شديد کوٽ آهي ته ڪڏهن ٻوڏون. بُک، بيروزگاري، جهيڙا، نفرتون ۽ وبائي بيماريون زندگيءَ کي ٻُسو بڻائي چُڪا آهن. باقي وڃي بچي هُئي اها پڪ ته هِتان ڏِياري پُهتي هُتان سيارو!! سا پڪ به پنهنجي دوست چواڻي ماحولياتي تبديلين جو طوفان پاڻ کان کسڻ وارو آهي.
ته پوءِ ڇا پاڻ هي سمورا ڪَلور ايئن ئي سهندا رهنداسين، جيڪي ڌرتيءَ جي دانهن بڻجي پيا آهن يا پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ ڪجهھ ڪنداسين به!؟ هتي ته حالت اها آهي جو اسان کي ته هر ڏينهن اهي خبرون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون ته ڪالھه جو اهل اڄ جو نااهل آهي ۽ اڄ جو اهل سڀاڻي جو نااهل ٿي سگهي ٿو. سو اهڙن نااهلن جي راڄ ۾ ڌرتي جي دانهن ٻُڌڻ وارا ڪٿان آڻيون؟ تنهن ڪري پنهنجي اميد وري به ان عام لوڪ ۾ آهي، جيڪو اڃان تائين ته بهرحال ان پڪ ۾ گهاري ٿو ته ڏياري ايندي، سيارو ايندو. سو پاڻ سموري سرمائيدار اقتداري طبقي کي نااهل ۽ پنهنجي پورهيت لوڪ ئي اهل سمجهون ٿا ۽ اهو اهل لوڪ ئي اول آخر هي ڌرتي ۽ هن ڌرتي جون موسمون بچائيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button