ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

يبمارين ۾ ورتل سجاول جا ٻوڏ متاثر

Editorial

ٻوڏ متاثرن لاءِ اڃا تائين سٺو وقت ڪونه آيو آهي. هن وقت تائين جيڪي به ٻوڏ متاثر ڪيمپن ۾ موجود آهن، اهي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، نتيجي ۾ انهن جون پريشانيون وڌي رهيون آهن. اهڙي ريت اهو سلسلو سنڌ جي انهن علائقن ۾ جاري آهي، جتي جتي برساتن تباهي مچائي آهي. شروع وارن ڏينهن ۾ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو هو، پر هاڻي وري اهي بيمارين وگهي پريشان لڳا پيا آهن. سجاول ۾ ٻوڏ متاثر بيمارين ۾ ورتل آهن. جن جي حالت گهڻي خراب لڳي رهي آهي.
ان ڏس ۾ ڊي ايڇ او سجاول ڊاڪٽر احمد علي پليجي ٻڌايو ته ٽن مهينن دوران ضلعي ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال سبب صحت کاتي سجاول ماڻهن کي علاج جو سهولتون فراهم ڪرڻ لا مختلف جاين تي 490 ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون هيون، جتي 1 لک 42 هزار 4 سئو 13 مريضن جو علاج ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ميڊيڪل ڪيمپن ۾ آندل مريضن ۾ 82 ماڻهو نانگ جا ڏنگيل، 14 ڊينگي جا، 4116 مليريا، 22677 مريض ڊائريا، 104 مريض فوڊ پوائزن، 32798 چمڙي جا ۽ 26925 مريض مختلف بيمارين جا شامل آهن. جڏهن ته 72535 مريض اڃان تائين ميڊيڪل ڪيمپن ۾ زير علاج آهن. مليريا جون 10531 ٽيسٽون ڪيون ويون. جڏھن ته 5315 ويڪسين لڳايون ويون آهن. 411 ڳورهاريون عورتون رجسٽرڊ ٿيون، جن ۾ 8 عورتن جي ڊليوري ڪرائي وئي ۽ 257 واپس روانيون ٿي ويون ۽ 154 اڃان تائين ڪميپن ۾ داخل آهن. ڊي ايڇ او ٻڌايو ته ضلعي ۾ نانگ جي ڏنگ جا ڪل 82 واقعا ٿيا، جن ۾ تعلقي جاتي ۾ 21، ميرپوربٺورو ۾ 10، دڙو ۾ 2، چوهڙ جمالي ۾ 21 ۽ سجاول ۾ 28 واقعا رڪارڊ ٿيا آهن، جن ۾ ميرپور ۾ هڪ همراهه نانگ جي ڪکڻ سبب فوت پڻ ٿيو هو. هن ٻڌايو ته مختلف مرضن سبب ٽن مهينن ۾ 24 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ سجاول جا 2، ميرپور بٺورو جا 8، چوهڙ جمالي جا 2، دڙو جا 4 ۽ جاتي جا 3 مريض شامل آهن. ڊي ايڇ او سجاول ٻڌايو ته مليريا کان بچا لا پوري ضلعي ۾ 1274 ڪلوميٽر ايراضي تائين فوگ اسپري ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته 128 ڳوٺن جي 20654 گهرن جي ڪمرن جي اندر آءِ آر ايس اسپري ڪرايو آهي، ان کان سواءِ مڇرن جي افزائش روڪڻ لاءِ 135 سرگرمين ۾ 2 لک 25 هزار 4 سئو ميٽر تي اسپري ڪرايو ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سجاول ۾ ٻوڏ متاثرن کي ترت ميڊيڪل امداد جي ضرورت آهي. خاص طور تي ٻار انهن بيمارين جون گهڻو شڪار ٿي رهيا آهن. ان پاسي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. صحت کاتو جيڪڏهن انهن جي سار لهي رهيو آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي پر انهن ماڻهن کي اڃا به وڌيڪ سهائتا جي ضرورت آهي. تنهنڪري هر حوالي سان انهن جي مدد ڪئي وڃي. دوائن کان وٺي جيڪا به طبي امداد ممڪن آهي. اها ترت پهچائي وڃي.

پابندي باوجود پکين جو شڪار

سياري جي مند جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ پرڏيهي پکين جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. سنڌ ۾ ايندڙ پرڏيهي پکي وڏي انگ ۾ هتي ايندا آهن ۽ جيڪي به پکي هتي پهچن ٿا سي شڪار پڻ ٿيندا آهن. خاص طور تي تلور جو شڪار سنڌ ۾ عام جام آهي. تنهنڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ شڪاري پنهنجا ڪيمپ قائم ڪري ويهي رهندا آهن. گذريل سال ٺٽي ۾ ناظم جوکيي جو قتل ڪيس معاملو سامهون آيو هو. اهو معاملو به تلور جي شڪار سبب پيش آيو هو. ان واقعي کان پوءِ به سنڌ ۾ شڪار جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سنڌ حڪومت هڪ سال لاءِ پکين جي شڪار تي پابند لاڳو ڪئي آهي.
ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي تلور پکي جي شڪار لاءِ شڪارين خيما کوڙي ورتا. شڪارين کي شڪار کان روڪڻ تان ڌمڪيون ملڻ خلاف مقامي ماڻهن جهمپير ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي. ان ڏس ۾ جھمپير جي ڪوھستاني ڳوٺ حاجي لکاڏنو جاکرو جي رھواسين علي گل، علي حسن، اسماعيل جاکرو ۽ ٻين تلور جي شڪارين جي زيادتين خلاف دانھيو ته سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي بااثر شڪارين مقامي ماڻھن جي مدد سان تلور پکي جي شڪار لا خيما کوڙي شڪار شروع ڪري ڇڏيو آھي. شڪاري اسان جي ڳوٺن ڀرسان زمينن، رستن، لنگھن تي کلي عام شڪار ڪري تلور پکي جي نسل ڪشي ڪرڻ سان گڏ فائرنگ ڪري ڳوٺن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي رھيا آھن. ھنن چيو ته شڪارين کي ڳوٺن ڀرسان زمينن مان شڪار ڪرڻ کان روڪيون ٿا ته نقصان جون ڌمڪيون ڏين ٿا، جنھنڪري اسان سخت پريشان آھيون. ھنن چيو ته شڪارين خلاف جھمپير ٿاڻي تي اين سي درج ڪرائي آھي پر پوليس انھن خلاف ڪارروائي لا تيار ناھي. ھنن وائلڊ لائيف کاتي جي اعلى اختيارين سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڪوھستاني پٽي ۾ تلور پکي جي نسل ڪشي کي روڪي شڪارين خلاف ڪارروائي ڪري ڪوھستان واسين کي تحفظ مھيا ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت پاران پابندي هڻڻ کان پوءِ تلور جي شڪار جي اجازت نه ڏني وڃي ته جيئن تلور جي نسل ڪشيءَ کي روڪي سگهجي ۽ اتان جي مقامي ماڻهن کي به پريشان ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button