ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فن ٽيڪ: بينڪاريءَ جو مستقبل

Editorial-Article-Ali Ashar Jaffery

فن ٽيڪ (FinTech) مان مراد فنانس ۽ ٽيڪالاجيءَ (Finance & Technology) جو ميلاپ آهي، جيڪا بينڪنگ جي صنعت جي وسعت ۽ پکيڙ کي نئين ۽ جديدترين شڪل ۽ صورت ۾ پيش ڪري رهي آهي. فن ٽيڪ بينڪاريءَ جو جديد ترين نظام آهي جنهن ۾ سافٽ ويئر، موبائل ايپليڪيشنز ۽ ٻين ٽيڪنالاجين جي مدد سان روايتي بينڪاري واري سرشتي کي ڪاروبار ۽ واهپيدار جي نئين دور جي ضرورت موجب تبديل ڪري جديد ترين سهولتن جي صورت ۾ پيش ڪرڻ وارو بنيادي ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي. يقينن، فن ٽيڪ ڪمپنيون، بينڪاريءَ جي فنانس سروسز انڊسٽريءَ واري دنيا ۾ وڏو انقلاب آڻي رهيون آهن. جدت واري هن ٽيڪنالاجي ذريعي فنانس جي صنعت کي پنهنجي مانائتن ڪسٽمرز کي اعليٰ معيار جون سهولتون تمام گهٽ قيمت تي مهيا ڪرڻ آهي. بينڪنگ انڊسٽريءَ کي تبديل ڪرڻ واري هن جدت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب ذريعي سمورن شعبن ۾بدلاءُ آندو پيو وڃي، جنهن تحت سڀ ڪجهه سادي ڊجيٽل موبائل جي واهپي کان وٺي ڏکين بلاڪ چين نيٽ ورڪ واري گهريلو استعمال ۽ ٽرانزيڪشنز شامل آهن. فن ٽيڪ عالمي بينڪنگ انڊسٽريءَ ۾ نواڻ ۽ جدت کي روائج ڪري رهي آهي ۽ سرشتي ۾ واهپيدارن جي فنانس جي ضرورتن ۾ مددگار ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ بابت شاندار ڪم ڪيو ويو آهي.
فن ٽيڪ بينڪاري وارو هيءَ سرشتو دنيا جي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ٻنهي قسم جي ملڪن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو آهي. سال 2021ع کان 2022ع فن ٽيڪ بينڪاريءَ جي سرشتي جي آفريڪا ۾ شروعات ڪئي وئي، جيڪو هاڻي وڌي 5200 ڪمپنين ۾ رائج ٿي ويو آهي. آفريڪي فن ٽيڪ سرشتي سال 2020ع ۾ اتان جي فنانشيل مارڪيٽ ۾ 4 بلين يو ايس ڊالرز کان 6 بلين يو ايس ڊالرز تائين تمام بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. يقينن! بنيادي نوعيت جي ٽيڪنالاجين ملڪ جي بينڪنگ واري صنعت جي مضبوط بنيادن تي استحڪام ۽ ترقيءَ جو اڳ ئي بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي بينڪنگ جي صنعت کي پڻ بينڪاريءَ جي جدت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ ۽ ان کي پاڻ وٽ رواج ڏيڻ جي ضرورت آهي.
انهن جديد ٽيڪنالاجين ۾ جهڙوڪ، هٿن واريون ڊوائسز (Handheld devices)، هٿرادو ذهانت ) (Artificial Intelligence، بلاڪ چين Block-chain))، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ (Cloud computing)، انٽرنيٽ سان واڳيل اوزار (Internet-of-things) ۽ هائپر آٽوميشن Hyper Automation)) واري ٽيڪنالاجي جيڪا سموري دنيا کي بدلائي رهي آهي، اها پاڪستان ۾ پڻ پنهنجي جدت سان ترقي ۽ نواڻ ۽ بهتريءَ جا رستا کولي سگهي ٿي. ٽيڪنالاجيءَ جي اڳڀرائيءَ سان واپار، حڪومت ۽ سوشل سيڪٽر جي ادارن لاءِ پنهنجن ڪمن ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ وڌيڪ پيداواري ۽ نفعي بخش نتيجا پيدا ڪرڻ، جدت، بهتري ۽ پنهنجي پيشڪش کي نئين ۽ بهتر صورت ۾ پيش ڪرڻ جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿين ٿا جنهن سان انساني ترقي لاءِ سگهارا بنياد مهيا ڪري سگهجن ٿا.
ملڪ جو گرين اڪنامڪ سسٽم فن ٽيڪ جي سرشتي کي لاڳو ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي. جنهن ۾ هٿرادو ذهانت واري نظام جي اهميت بابت اهو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته انهيءَ سان دنيا جي بينڪاري وارين سمورين خدمتن کان سواءِ موجود فنانشل ڊيٽا مشينن بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 1 ٽريلين يو ايس ڊالر ساليانو ڪمائي سگهجن ٿا. ڪسٽمرز ۽ انهن جي مالي معلومات اڄ جي دور ۾ تمام قيمتي اثاثو آهي. جنهن کي چونڊ ڪاروباري ۽ پيداواري ۽ اسڪيمون پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي (Block-chain Technology) فن ٽيڪ سرشتي کي اختيار ڪرڻ، جنهن ۾ ڊجيٽل واليٽس، ڊجيٽل اسيٽس، دي سينٽرلائيز فنانس ۽ (DeFi)، نان فنجيبل ٽوڪنس (NFT) ۽ انهي ٽيڪنالاجيءَ کي ادارن ۾ رواج ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، تحقيق موجب، سال 2030ع تائين ڪلائوڊ ٽيڪنالاجيءَ جو واهپو يا ڪاروبار 1 ٽريلين يو ايس ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويندو، جيڪو دنيا جي 500 صف اول جي ڪمپنين جي آمدنيءَ کان وڌيڪ هوندو.
فن ٽيڪ ۽ بينڪ پارٽنر شپ، جيڪي ڊجيٽل بزنس سرگرمين ۽ ادائيگين جو گڏجي خال ڀري رهيا آهن، اهي پنهنجن صارفين ۽ ڪسٽمرز ۾ مقبول ڪيترائي آن لائين ادائيگين جا پراڊڪٽس پڻ پيش ڪري رهيا آهن. ان کان سواءِ حصيدارن طرفان فن ٽيڪ ۽ بئنڪن لاءِ ۽ ملينيلس ۽ جين زي صارفين لاءِ منافعي بخش ۽ روينيو ڪمائيندڙ پراڊڪٽس ۽ خدمتون مهيا ڪيون پيون وڃن.
بينڪنگ انڊسٽريءَ جي ترقي يا گهٽجڻ واري ماحول جا انهيءَ جي سيڙپڪارن تي يقينن تمام گهڻا اثر ٿين ٿا ۽ اهي پنهنجي سرمائي کي وڌيڪ بهتر جاءِ يا منافع بخش اسڪيمن ۽ محفوظ سيڙپ جي منصوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ لڳن ٿا. هٿرادو ذهانت (Artificial Intelligence) ۽ بلاڪ چين (Block-chain) پليٽ فارم اها صلاحيت رکن ٿا ته هو هڪ بئنڪ کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ۽ فعال بنائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. اهڙي ريت، تمام گهڻي ڊيٽا جي معلومات آڌار سندس سپلاءِ چين جي سرشتي جي نظرداري ڪرڻ ۽ انهيءَ کي فعال بنائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. بيشڪ! ڪووڊ-19 واري دور ۾ گرين بئنڪنگ وارين سهولتن جو رواج پيو، جيڪو هاڻي رواجي بئنڪ سرشتي وانگر مقبول ٿي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گرين بئنڪنگ ۽ فن ٽيڪ لازمي ۽ ضرورت بڻجي وئي آهي ۽ تمام گهڻو ڌيان ڇڪرائي رهي آهي. گرين بئنڪنگ ۽ فن ٽيڪ جو هڪٻئي ۾ ضم ٿيڻ لازمي ۽ حقيقي ضرورت موجب عمل ٿيو آهي، جنهن سان پاڪستان جو اقتصادي مستقبل مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button