ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياري جي مند، ٻوڏ متاثر ۽ حڪومتي نااهلي

Editorial-Article-Muhammad Ali Leghari

سياري جي موسم جي شروعات آهي، ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿي رهيون آهن. اترين علائقن ۾ برفباري شروع ٿي وئي آهي ۽ موسميات کاتي طرفان هن سال شديد ٿڌ پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب هزارين ڳوٺن ۽ انهن ۾ رهندڙ لکين ماڻهو متاثر ٿي ڪيمپن ۽ عارضي اجهن ۾ رهڻ تي مجبور آهن. سندن گهر ٻار، چوپايو مال، فصل توڙي هر شيءِ تباهه ٿي وئي آهي. گذريل ٽن مهينن کان جيڪب آباد کان سجاول تائين سنڌ پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ تبديل ٿيل آهي. هزارين ڳوٺن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي. جڏهن ته ڪجهه ضلعن ۾ حالتون معمول تي اچڻ شروع ٿي ويون آهن. هن ڀيري مون سون جون برساتون معمول کان پنج سو سيڪڙو وڌيڪ پيون آهن، جنهن سبب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تباهي اچي وئي آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب هن وقت تائين سنڌ ۾ ست سو اسي ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ اٺ هزار چار سو ٻاويهه ماڻهو زخمي ٿيا آهن. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۽ ٻين ادارن طرفان پهرين مرحلي ۾ لکين ٻوڏ متاثرن ۾ راشن، تنبو ۽ مڇر دانيون ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي دعويٰ آهي ته امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين سنڌ حڪومت لکين راشن جا ٿيلها، سوا ڇهه لک تنبو، پنج لک چاليهه هزار پلاسٽڪ جون تڙپالون، ٽيٽيهه لک مڇر دانيون، اٺ لک ليٽر منرل واٽر پاڻي ۽ هڪ لک سٺ هزار پڪل ديڳيون فراهم ڪيون آهن. جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته ڪيترن ئي هنڌن تي حڪومتي امداد نه پهچي سگهي آهي. هاڻ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ ضروري سامان ڏيڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. سرءُ جي مند شروع ٿي وئي آهي، ٻئي مرحلي کي جلد شروع ڪيو وڃي ۽ پهرين مرحلي دوران رهجي ويل ٻوڏ متاثرن کي تنبو ڏنا وڃن. سنڌ حڪومت جي مدد جي آسري ۽ اوسيئڙيءَ ۾ هن وقت به هزارين ماڻهو بي گهر ٿي روڊ رستن ۽ پنهنجي تباهه ٿيل گهرن وٽ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن. ان ڪري سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بي گهر ٿي ويل ماڻهن کي سيءَ کان بچائڻ لاءِ تنبو ڪمبل ۽ سوڙيون مهيا ڪري. هر هڪ ٻوڏ متاثر وٽ پهچي ان جي داد رسي ڪري ان کي سيءَ کان بچائڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي. سيءَ کان بچڻ لاءِ تنبو ڪمبل جي فراهمي يقيني بڻائي.
موسميات کاتي طرفان شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۽ وفاقي حڪومت طرفان جوڳا انتظام نه ڪيا. ڪينال ۽ واهن جي بندن جي مرمت اسٽون پچنگ ۽ کاٽيءَ جي مد ۾ ڪروڙين رپيا رکيا ويندا آهن، موسميات کاتي طرفان الرٽ باوجود هي سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي جو وقت سر بندن جي مرمت ۽ کاٽيءَ نه ٿيڻ ڪري ڪينال ۽ واهن کي گهارا پيا، جن تباهي پکيڙي ڇڏي نااهلي جي حد ڏسو ته شديد برساتن باوجود دريائن ۽ بئراجن جي مانيٽرنگ صحيح نموني نه ڪئي وئي. پاڻيءَ جي آمد ۽ اخراج کي اپڊيٽ نه ڪيو ويو.
هتي ضلعي دادو ۽ ضلعي ڄامشوري جي ڳالهه ٿا ڪريون ته ٻنهي ضلعن جي نوي سيڪڙو ايراضي برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي وئي. ضلعي دادوءَ جا دادو سٽي ۽ تعلقي سميت خيرپور ناٿن شاهه سو سيڪڙو، ميهڙ تعلقو نوي سيڪڙو، جوهي تعلقو به نوي سيڪڙو ٻڏي ويو ۽ دادو سٽي تعلقو پڻ سٺ سيڪڙو ٻڏو آهي. ضلعي ڄامشوري جو تعلقو سيوهڻ پڻ نوي سيڪڙو متاثر ٿيو آهي. اهي ٻئي ضلعا ڪچي پڪي، ڪاڇي ۽ جابلو علائقن تي مشتمل آهن ۽ هر علائقي ۾ اتان جي واهن، ڪينال ۽ جابلو پٽيءَ مان وهي ايندڙ نئين تباهي مچائي آهي. درياهه چڙهڻ سبب ڪچي جا علائقا ٻڏي ويا. جابلو پٽيءَ مان وهي ايندڙ نئين رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ تباهه ڪري ڇڏي. ڪينال ۽ واهن کي گهارا پوڻ سبب پڪي تي پڻ تباهي اچي وئي. تعلقي سيوهڻ جو علائقو ڪچي پڪي ۽ ڪجهه حصو ڪاڇي تي مشتمل آهي. انتظامي طور منڇر ڍنڍ به تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري ۾ اچي ٿي، تعلقي سيوهڻ جون پنج يوسيون جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جو پنهنجو ڳوٺ به اچي ٿو، اهي يوسيون منڇر ڍنڍ جي پيچ ۾ آهن. جيڪڏهن منڇر ڍنڍ جي بند کي روڻ به پئجي وڃي ته هنن يوسين کي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويندو آهي.
2010ع ۾ منڇر ڍنڍ کي زيرو پوائنٽ وٽان وڏو گهارو لڳو هو جنهن سبب مٿي ڄاڻايل پنجئي يوسيون ٻڏيون هيون. ان کان پوءِ 2010ع ۾ منڇر ڍنڍ جا بند مضبوط ڪري اونچا ڪيا ويا. 2010ع ۾ بندن جي وڌ کان وڌ اونچائي 123 آر ايل هئي، جن کي وڌائي 126 ۽ 131 آر ايل ڪيو ويو هو. جنهنڪري منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيِ جمع ڪرڻ جي صلاحيت وڌي وئي ۽ ٻن مهينن جي لڳاتار برسات بلوچستان مان ايندڙ نئين جي پاڻي سبب منڇر جي سطح ۾ خطرناڪ واڌ ٿيندي رهي پر سنڌ سرڪار ۽ انتظاميه وقت تي ڪو به اهم فيصلو نه ورتو، جنهن ڪري منڇر ڍنڍ کان اتر ۽ اولهه ۾ موجود جوهي تعلقي ۾ تباهي اچي وئي ۽ جوهيءَ کان اتر اوڀر پاسي تعلقي ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه پڻ مڪمل ٻڏي ويا. منڇر ڍنڍ جا بند غيرضروري طور اونچا ڪري ان کي وڌيڪ خطرناڪ بڻايو ويو. بندن جي اونچائي سبب ڏکڻ ۾ جهانگارا-باجارا جا علائقا ٻڏي ويا ۽ اتر اولهه ۾ مٿانهين تي موجود ڇني ۽ ڪجهه ٻيا علائقا پڻ ٻڏي ويا. منڇر ڍنڍ جا بند غيرضروري طور اونچا ڪري آبپاشي کاتي مجرماڻي غفلت ڪئي وئي آهي، جنهن جي جاچ ٿيڻ کپي ته آبپاشي کاتي ڪهڙن بنيادن تي منڇر ڍنڍ جي سروي ۽ اڀياس ڪرڻ بنا سائنسي ۽ فني معاملن کي نظراندز ڪندي بندن کي اونچو ڪيو آهي؟
سندن مجرماڻي غفلت ۽ سائنسي اصولن کي نظرانداز ڪندي منڇر ڍنڍ ۽ ان جي ڪمانڊ ۾ ايندڙ تعلقي سيوهڻ جي لکين ماڻهن کي وڌيڪ خطري ۾ ڇو وڌو؟؟ هن وقت تائين منڇر ڍنڍ کي انگريزن جي ڇڏيل نظام تحت ڏٺو پيو وڃي. آخر ان ۾ بهتري ڇو نٿي آندي وڃي؟ انگريزن جي ڇڏيل نظام ۾ اڃا تائين ڇو بهتري ناهي آندي وئي؟ بندن جي اوچائي ته وڌائي وئي پر ڇا ڍنڍ مان درياهه ڏانهن پاڻي ڇوڙ جي نظام کي اپڊيٽ ڪيو ويو؟ هر گز نه! ڍنڍ مان ڇوڙ جو نظام ساڳيو 1932ع انگريزن وارو آهي، جڏهن ته بندن کي خطرناڪ حد تائين اوچو ڪيو ويو آهي؟ اها ڪٿان جي راڪيٽ سائنس آهي جو منڇر ڍنڍ جي سطح 120 آر ايل تي به خطري واري هوندي آهي ته ويتر بندن کي اوچو ڪري ان کي اڃا خطرناڪ بڻايو وڃي؟ بدقسمتيءَ سان منڇر ڍنڍ سميت سنڌ ۾ موجود سڄي پاڻيءَ جي نظام کي سائنسي بنيادن تي نظراندار ڪندي فني پاسن کان انڪار ڪندي بس نان ٽيڪنيڪل عملي ذريعي هلايو پيو وڃي ۽ ان جا هيءَ نتيجا آهن جو سڄي سنڌ ٻڏل آهي. بنا تحقيق ۽ تعريف جي سائنسي اصولن ۽ فني پاسن کان انڪار ڪندي، اڄ جي جديد زماني ۾ هلائڻ بدقسمتي چئبي، جتي دنيا ترقي ۽ تحقيق سبب نيون بلنديون ڇهي رهي آهي ۽ اسان سنڌ ۾ 1932ع وارو پاڻي نظام هلائي رهيا آهيون؟ اها بدقسمتي چئجي جو ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ايڪيهين صديءَ ۾ به نه سياحت جو مقام ٿي سگهي آهي نه آبي ۽ جهنگلي جيوت جي آماجگاهه ٿي سگهي آهي ۽ نه وري ڪنڌي ڪناري موجود مهاڻن ۽ ميربحرن لاءِ ڪاروباري مرڪز ٿي سگهي آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ته هن ڍنڍ جو هن علائقي ۾ هاڻ ڪو به ڪردار ۽ ڪنٽريبيوشن ناهي رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button