ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ – حڪومت ڳالهيون

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

سياست ۾ ڳالهين جو رستو کليل رکڻ ۽ سياستدان ۾ لچڪ هجڻ سياسي ماحول لاءِ سٺا عمل هوندا آهن. سياستدان آمرن کان ان ڪري مختلف ۽ عقلمند هوندا آهن جو اهي سياست وسيلي نرمي اختيار ڪرڻ ۽ معاملن کي ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ تي ويساهه رکندا آهن. اهي پنهنجي وڏي کان وڏي دشمن کي به دوست ٺاهڻ جو هنر ڄاڻندا آهن. تنهنڪري اهي هر ڏکئي معاملي کي ڳالهين جي ميز تي آڻي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
پاڪستان ۾ عمران خان نيازي اهو واحد سياستدان آهي، جيڪو ملڪ جي ڪيترين ئي سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ کان لنوائيندو رهيو آهي. ايستائين جو هو انهن کي ان لائق ئي نه سمجهندو رهيو آهي ته ساڻن ڳالهيون ڪيون وڃن. جڏهن سندس حڪومت ۾ نيب چيئرمين کي مقرريءَ جو معاملو آيو ته هن اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس چور چئي ٽاري ڇڏيو هو. جڏهن ته اهو طئي ٿيل آهي ته نيب چيئرمين اپوزيشن ۽ حڪومتي ڌر جي ڳالهين کان مقرر ڪيو ويندو. ٻئي ڌريون نالا تجويز ڪنديون ۽ ان کان پوءِ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ڪيو ويندو ته جيئن نيب چيئرمين جي مقرري ٿي سگهي.
عمران خان نيازيءَ کي سياستدانن سان ڳالهيون بدران اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ وڌيڪ پسند آهي، ان ڪري هن ويجهڙ ۾ نه رڳو جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقاتون ڪري پنهنجا مطالبا رکيا پر ڪي شڪايتون پڻ ڪيون. پر کيس اتان به جواب مليو ۽ هاڻ ڪجهه ڏينهن کان پي ٽي آءِ قيادت حڪومت سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. انهن ڳالهين ۾ اهم ترين معاملو نين چونڊن جو آهي. عمران خان نيازي ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيو آهي ته چونڊن مقرر وقت کان اڳ ڪرايون وڃن، پر حڪومت ان تي راضي ناهي. عمران خان اها ڳالهه جنرل باجوه آڏو به رکي هئي پر هن کيس حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي صلاح ڏني.
هاڻوڪين ڳالهين جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو اهو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ چٽو ٿي ويندو پر ٻئي پاسي عمران خان نيازي حڪومت خلاف ئي لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ اها تاريخ به ڏيڻ وارو آهي. جيڪڏهن حڪومتي ڌر سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته پوءِ احتجاج جي ڪال جي گنجائش نٿي رهي.
عمران خان نيازيءَ جي مطالبن کي هن وقت ان ڪري به اهميت نه پئي ڏني وڃي جو حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ان ڳالهه تي هڪ آهن ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿين ۽ ان کان به اهم ڳالهه فوج ۾ نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جو معاملو آهي. جيڪا نومبر ۾ ٿيڻي آهي. تازو جنرل قمر جاويد باجوه اهو اعلان ڪري چڪو آهي ته هو ايندڙ مهيني ريٽائر ٿي ويندو ۽ اداري جون واڳون نئين سربراهه حوالي ڪيون وينديون. هاڻوڪين ڳالهين بابت وزير اعظم شهباز شريف به پنهنجو ردعمل ڏنو آهي.
هن پاڪستان جو نالو فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته عمران نيازي ڳالهه جمهوريت جي ڪندو آهي پر سندس سوچ آمراڻي آهي، ڪنهن سرٽيفائيڊ چور کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، عمران کي نااهليءَ جي سزا اچڻ خوشقسمت ڏينهن هو پر سندس نااهلي ڪا خوشيءَ جي ڳالهه نه پر عبرت جو مقام آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته جڏهن پاڪستان گري لسٽ ۾ آيو ته واپاري سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڏکيائيون ٿيون، اسان هاڻي ان ڏکئي وقت ۽ مصيبت مان نڪري آيا آهيون، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڪاميابي عطا ڪئي آهي، اها ڪاميابي پوري قوم جي عظيم قربانين جو نتيجو آهي، گري لسٽ مان نڪرڻ منهنجي نه پر قوم جي اجتماعي ڪاميابي آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ حنا رباني کر سان گڏجي ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، آرمي چيف قمر جاويد باجوه خاموشي ۽ سمجهه سان ڪردار نڀايو، قوم شاهد آهي ته اسان ايف اي ٽي ايف جي قانون سازي ۾ ڀرپور هٿ ونڊايو آهي، چيو ويندو هو ته اين آر او گهري رهيا آهن پر اسان صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو. وزيراعظم چيو ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻا لڳندا رهيا، قوم کي ورهائڻ جي سازش ٿيندي رهي پر عمران خان ٽنگ تي ٽنگ چاڙهي وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل رهيو. هو چوندو رهيو ته جنهن کي ڪم ڪرڻو آهي ڪري، ڪورم پورو ٿئي ٿو يا نه، ان جي عمران نيازيءَ کي ڪا پرواهه ناهي هوندي.
ٻوڏ متاثرن بابت وزيراعظم چيو ته سياري جي موسم اچي رهي آهي ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻي آهي، ڇا اهو سڀ ڪجهه ڌرڻن، لانگ مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ سان ٿيندو؟ جلسن جلوسن، گارگند ۽ قوم کي ورهائڻ سان اسان جا مسئلا حل نه ٿيندا، اسان جا مسئلا گڏجي ڪم ڪرڻ سان حل ٿي سگهن ٿا. عام چونڊون اڃا 11 مهينا پري آهن، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ کان سوا اليڪشن ۾ وڃڻ جو اسان جو ڪو ارادو ناهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هي شخص چوندو هو ته هي سڀ چور ۽ ڌاڙيل آهن ۽ مان انهن کي نه ڇڏيندس، چيف اليڪشن ڪمشنر جو نالو عمران خان خود تجويز ڪيو هو ۽ چوندو هو ته ڏاڍو ايماندار ماڻهو آهي، عمران خان خلاف ڪرپشن جي ڪيس ۾ فيصلو آيو، هن توشه خانه مان تحفا ڪڍي دبئيءَ ۾ وڪرو ڪيا، جيڪڏهن پئسا قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ها ته قوم ۽ مان کيس سلام پيش ڪريون ها. آرمي چيف بابت هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري هڪ آئيني معاملو آهي ۽ اهو حڪومت جو آئيني اختيار آهي، نالا ايندا ته حڪومت ڪو فيصلو ڪندي، جمهوريت کي ڪو خطرو ناهي. اسان آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهي ڪم ڪندا رهنداسين، ملڪ جي بهتري لاءِ هر ڪنهن جي در تي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، نواز شريف جڏهن وطن واپس ايندو ته مان پاڻ کيس ايئرپورٽ وٺڻ ويندس.
سندس موقف ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته هو ملڪ جي بهتري لاءِ ڪنهن جي در تي وڃڻ لاءِ به تيار آهي. ملڪ جڏهن معاشي ۽ سياسي طور ڪنهن وڏي بحران ۾ ڦاٿل هجي ۽ ان کان پوءِ عمران خان نيازي ان ۾ وڌيڪ بحران پيدا ڪرڻ لاءِ ٻرندي تي تيل هارڻ جو ڪم ڪندو هجي ته اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي ته حالتون ڪيتريون خراب ٿي سگهن ٿيون. عمران خان نيازيءَ جي لانگ مارچ واري مشق اڄوڪي ناهي پر اها پراڻي آهي. هو 2014ع کان وٺي جهڙي ريت حڪومت خلاف احتجاج ڪندو رهيو آهي، ان مان ائين ٿو لڳي ته هو ڪنهن به ٻي پارٽيءَ کي اقتدار ۾ نٿو ڏسڻ چاهي ۽ نه ئي هن وٽ ان ڳالهه جي اهميت آهي ته هن کان سواءِ ڪو ملڪ جو سربراهه هجي.
هو پنهنجي حڪومت جي باري ۾ هاڻ سچيون پڻ ڪري رهيو آهي ته وزير اعظم هو هو، پر حڪومت ڪنهن ٻئي جي هوندي هئي. جيڪڏهن هو واقعي به ايترو بي اختيار وزير اعظم هو ته ان وقت ئي کيس حڪومت ڇڏڻ گهرجي ها. جڏهن ته ان وقت هو هر فيصلي جي ذميواري پاڻ کڻندو هو ۽ اهو پڻ چوندو هو ته جيڪو به فيصلو ٿئي ٿو، اهو سندس مرضي موجب ڪيو ويندو آهي. پر ان زماني ۾ ئي مخالف ڌر پارٽيون چونديون رهنديون هيون ته هو هڪ تابعدار وزير اعظم آهي، جنهن وقت ڪوبه اختيار ناهي. جڏهن سياستدان سياست وسيلي با اختيار ٿيڻ بدران رڳو اسٽيبلشمينٽ وسيلي با اختيار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا ته پوءِ اهي سدائين بي اختيار ئي رهندا آهن.
حڪومت سان هلندڙ ڳالهين جو دور جيڪڏهن ناڪام ٿيو آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڳالهيون نٿون ڪري سگهجن. سياست ۾ ڳالهين جو ناڪام ٿيڻ جو مطلب اهو ئي هوندو آهي ته ڳالهيون جاري رکيون وينديون ۽ اهو سلسلو هلندو رهندو. تنهنڪري اهو فيصلو هاڻ عمران خان نيازيءَ کي ڪرڻو آهي ته هو حڪومت سان ڳالهيون ڪري معاملن کي حل ڪرڻ ٿو چاهي يا وري حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪري حڪومت کي وڌيڪ مڇرائي پنهنجي لاءِ پريشانيون وڌائڻ ٿو چاهي.
حڪومت اهو ئي چاهيندي ته چونڊون وقت سر ٿين ته جيئن اها عوامي سطح تي پنهنجي ساک کي ڪجهه بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، جنهن ۾ مهانگائي سرفهرست آهي، جنهن جي ڪري عوام اڄ به حڪومت تي ڏمريل آهي. ڇاڪاڻ ته اها هيستائين عوام کي رليف نه ڏئي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button