ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ پوليس مقابلن جي حقيقت ڇا آهي؟

Editorial-Article-Rashid Laghari

ڏٺو وڃي ته پورو ملڪ ۽ سنڌ بدامني ۽ ڦرلٽ جي ور چڙهيل آهن. اها ڦرلٽ هر انفرادي ماڻهو کان ويندي مختلف ادارن تائين پهچي چڪي آهي. سنڌ ۾ ڪو به ضلعو ۽ شهر بدامني کان محفوظ ناهي. ماڻهو هڪ بي چيني ۽ غيريقيني واري صورتحال ۾ جيئڻ جا عادي بڻجي ويا آهن. عوام کي تحفظ ڏيندڙ ادارن ۾ هڪ ويڇو واضح لڪير نڪري چڪي آهي. صحافي ئي پوليس ۽ ڪامورن جي ڪردار کي وائکو ڪري اصل حقيقتون نروار ڪندا آيا آهن پر هن وقت پوليس سان صحافين ۽ رپورٽر جي ڀائرن واري ياري سبب گهڻيون ئي حقيقتون ۽ سچ پسمنظر ۾ هليا ويندا آهن. ان جو هڪ وڏو سبب صحافي رپورٽر کي پئسن جو عادي ڪري ڪمزرو ۽ ڪوڙو ڪرڻ به آهي. صحافي وٽ لکڻ ۽ ڳالهائڻ سچ ئي آهي. سچ ناهي ته اهو صحافي ميڊيا جي اداري جو نمائندو نه پر ٻئي ڪنهن پگهار واري اداري جو پيڊ ملازم جي لقب سان سڃاتو ويندو آهي. “انڪري صحافي وٽ جيڪا چڪي آهي ان مان اٽو ئي نڪري، مٽي نه نڪري”.
ائين حيدرآباد ۾ هڪ نه کٽندڙ بدامني جو راڄ آهي. ڦرلٽ کي روڪڻ لا حيدرآباد پوليس هيل تائين 50 کان وڌيڪ مبينا ڏوهارين کي مقابلي ۾ زخمي ڪري 6 کان وڌيڪ ڄڻن کي مقابلي ۾ ماريو آهي. اڳ ۾ ٻن ڄڻن کي مقابلي ۾ ماريو ويو هو، جنهن لا پوليس چيو هو ته اهي گهرن ۾ عورتن کي رسن سان ٻڌي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ بينڪن مان پڻ رقم ڦر ڪندا هئا. انهن ڏوهارين جي مارجڻ کانپو به شهرين کان ڦرلٽ جو سلسلو هلندو رهيو. هڪ شهري کان جڏهن لکين روپيا ڦر ڪيا ويا ته هن ڦر دوران پوليس جي محنت کان متاثر ٿي هڪ ويب چينل پڻ ٺاهيو، حيدرآباد ۾ پوليس مقابلن بابت سوشل ميڊيا ۽ صحافين جي حلقن ۾ سچو مقابلو يا ڪوڙو مقابلي متعلق دلچسپ بحث پڻ هلندا رهن ٿا. تازو حيدرآباد ۾ 17 آڪٽوبر تي پوليس 4 جوابدارن کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي هئي. هن مقابلي ۾ 4 ڄڻن جي مارجڻ سان هڪ اهلڪار زخمي پڻ ٿيو هو، اڳ ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ اهلڪار گهٽ ئي زخمي ٿيندا آهن، ائين سمجهجي ته پوليس عملدار ۽ اهلڪار زخمي ٿيڻ کان محفوظ ئي رهندا آهن. جيڪڏهن جوابدارن تائين پهچڻ شرط مقابلو ٿي پوي ته وڌيڪ نقصان جو اندازو پوليس کي به هوندو. مونکي ياد آهي ته ميرپورخاص ۾ حيدرآباد پوليس وڃي ماڻهن کي ڀنگ لا اغوا ڪندڙ ٽولي جي ٿاڪ تي ڇاپو هنيو. جتي ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. جنهن ۾ ڏوهارين جي مارجڻ سان گڏ 2 ايس ايڇ او پڻ شهيد ٿي ويا هئا. هن مقابلي ۾ ڏوهارين جي مارجڻ کانپو پوليس دعوا ڪئي هئي ته اسان سنڌ ۾ ڀنگ لا اغوا ڪندڙ ڏوهاري ٽولي جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. ان بعد سچ ۾ ڀنگ لا اغوا جي واقعن ۾ وقتي ماٺار ضرور آئي هئي، جنهن بعد وري ڏوهارين ڪراچي ۾ ڇوڪرين کي ڀنگ لا اغوا ڪري پوليس ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو.
حيدرآباد ۾ پوليس مقابلي جا تفصيل:
حيدرآباد ۾ هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ صادق ليونا هائوسنگ اسڪيم وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ 4 ڄڻا مارجي ماريا. جنهن ۾ پوليس ٻڌايو ته هڪ جوابدار پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ ئي مارجي ويو آهي. پوليس موجب مارجي ويل ڦورو هئا ۽ حيدرآباد جي با پاس تي مورو شهر ڏانهن بينڪ ڏانهن پئسا کڻي ويندڙ وين مان 15 ڪروڙ روپيا ڦر ڪيا هئا. پوليس مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيو. پوليس ان وقت ٻڌايو هو ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ طاهر عرف مامو قاسم پٽ مستوئي ويٺل لسٻيلا حب بلوچستان هاڻوڪو پتو گلشن اقبال ڪراچي، عاقب پٽ محمد صادق مستوئي سچل ڪالوني ڪراچي، ظهير پٽ جمال ابڙو هزاره ڳوٺ ڪراچي، اصل ويٺًل سکر ۽ انيس پٽ يوسف ذات چنا ويٺًل گلشن اقبال ڪراچي اصل نيو جتوئي تعلقو مورو نوشهروفيرز طور ٿي هئي. مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار اسد چنا پڻ زخمي ٿي پيو، رات جي وقت ئي مقابلي ۾ مارجي ويلن جا لاش پوليس موبائل ۾ کڻي حيدرآباد سول اسپتال آندا ويا. پوليس موجب ته مارجي ويل ڦورن تازو هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي نجي سيڪيورٽي جي وين مان ڪروڙين روپيا ڦر ڪيا هئا، پوليس مقابلي ۾ هٽڙي، حالي روڊ، فورٽ، سٽي، حسين آباد ۽ سي آ اي پوليس حصو ورتو هو. پوليس اڳ ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو هو، سندس نشاندهي تي جوابدارن تائين پوليس پهتي هئي، پوليس ٻڌايو ته پوليس جي پهچڻ تي جوابدارن پوليس تي حملو ڪري ڏنو، جوابي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته گذريل رات حيدرآباد پوليس جي ڇلگري ٿاڻي جي حد صادق ليونا ۾ ڦورن سان مقابلو ٿيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٽنڊو سعيد خان نيشنل هاءِ وي تي ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ ڦر جو وڏو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 11 هٿياربندن بينڪ جي نقدي کڻي وين کي ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي ۾ جوابدار 15 ڪروڙ 29 لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦر جي واقعي ۾ پوليس وين ڊرائيور اصغر شاهه ۽ مرزا کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو، جن ڦر جي واقعي ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو، بعد ۾ جوابدار انيس چنا جي نشاندهي تي ٻين جوابدارن وٽان ڦر ڪيل رقم ۽ ڦر ڪيل رقم هٿ ڪئي وئي. چنا کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو، جتي پوليس جي پهچڻ تي جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني. جوابي ڪارروائي ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته پوليس جي حراست ۾ جوابدار انيس چنا کي سندس ساٿين فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، تلاشي دوران جوابدار وٽان روڪ رقم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ هٿ ڪيا ويا، گرفتار جوابدار انيس چنا پوليس کي ٻڌايو ته مون سميت 10 ڄڻن جي ٽولي ڦر جي واردات ڪئي هئي، جنهن جو اڳواڻ طاهر عرف مامون عرف قاسم آهي، هن مختلف ضلعن ۾ بئنڪ چوري جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جنهن بابت ڄاڻ آهي ته ڏوهاري هو. مارجي ويل ڌاڙيلن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو، جنهن موجب جوابدار طاهر عرف مامو تي ڦر، پوليس مقابلن ۽ ٻين سنگين ڪيسن جا 9 ڪيس داخل آهن. ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ايس ايس پي حيدرآباد چيو ته پوليس جو آپريشن جاري آهي جيڪو آخري جوابدارن جي بازيابي تائين جاري رهندو ۽ ڦريل رقم به جلد پڪڙي ويندي. پوليس مارجي ويلن جي قبضي مان 5 ڪروڙ ۽ 17 لک هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي پر ان پوليس کان ڪنهن نه پڇيو آهي ته باقي رقم ڪٿي آهي. جيڪا لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ جي آهي، جيڪي رقم پوليس سامهون نه آندي آهي. نه وري ٻين جوابدارن جي گرفتاري سامهون آندي آهي. پوليس مقابلي وارو هنڌ ٻڌايو ته ويو آهي پر ڏيکاريو نه ويو آهي. ها ڪورٽ پوليس مقابلن تي پڻ فيصلا ڏيندي رهي آهي. جنهن ۾ مقابلي ۾ استعمال ٿيل هٿيارن ۽ گولين جي فارنزڪ به شامل هوندي آهي. مقابلي واري هنڌ کي به سيل ڪري جاچ ڪرڻي هوندي آهي. پوليس سڀ شيون به منظر تي پيش نه ڪيون آهن. شڪي پوليس مقابلن خلاف درخواستون پڻ ڪورٽن ۾ پهچنديون آهن، اهي درخواستون اڃا التوا جو شڪار ئي هونديون آهن ته پوليس وري پٺيان ڪو مقابلو ڪري ڏوهاري ماري يا زخمي ڪري چڪي هوندي آهي. انڪري پوليس جي مقابلي تي اڃا تفصيلي انويسٽيگشن نه ٿي آهي. حيدرآباد ۾ ڪرائيم رپورٽر جي ڪا ايسوسيئشن يا نيٽ ورڪ هجي ته هڪ ٽيم جي صورت ۾ انويسٽيگيشن ڪري سگهجي ٿي. حيدرآباد ۾ مارجي ويلن جا وارث به ڪا ٻِڙڪ ٻاهر ڪڍڻ کانسوا ئي لاش دفنائڻ لا کڻي ويا هئا. مقابلي واري رات حيدرآباد سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ مريض نه پر رڳو پوليس ئي هئي. جيڪا پوليس آفيشل بيان کان اڳ ۾ ڪجهه به مقابلي بابت ٻڌائڻ لا تيار نه هئي. خبر کي اخبار ۾ ڏيڻ تائين ڪيترن ئي مرحلن مان به گذرڻو پيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button