ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ غيرقانوني پيٽرول پمپ

Editorial

عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جون قيمتون لهڻ کان پوءِ به پاڪستان ۾ پيٽرول جا اگهه عوام لاءِ مهانگا لڳا پيا آهن. پيٽرول جا اگهه جيئن وڌن ٿا ته ان سان هر اسم مهانگو ٿي ويندو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو عام ماڻهوءَ تي معاشي بار وڌي ويندو آهي پر ان لاءِ پنهنجي گهر جو خرچ هلائڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي. ان ڪري اهو پنهنجي محدود بجيٽ ۾ بهتر نموني گذارو ڪونه ڪري سگهندو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. مهانگائيءَ جي شرح ملڪي تاريخ ۾ بلند ترين سطح تي آهي ۽ گذريل ڪيتري عرصي کان عوام دانهون ڪري رهيو آهي ته اهو مهانگائيءَ جي ڪري پريشان لڳو پيو آهي. عمران خان جي حڪومت ۾ عوام مهانگائي هجڻ تي احتجاج ڪندو هو، تڏهوڪي حڪومت اهو جواز پيش ڪندي هئي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي، اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. جڏهن ته عمران خان مهانگائي جهڙي اهم معاملي تي ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار نه هو. هن جي معاشي ٽيم نه ته هن کي بهتر نموني گائيڊ ڪري سگهندي هئي ۽ نه ئي وري هن ڪڏهن مهانگائيءَ کي عوامي مسئلو سمجهيو. پي ٽي آءِ جي دور ۾ جڏهن به پيٽرول جا اگهه وڌندا هئا ته پي ٽي آءِ ان کي جائز قرار ڏيندي هئي. پر مهانگائيءَ جي رهيل ڪسر هاڻوڪي حڪومت ڪڍي ڇڏي آهي. ان جو اهم ترين سبب پيٽرول اگهن ۾ واڌ آهي. ڪالهه هڪ اهم خبر آئي آهي، جنهن ۾ سوين غيرقانوني پيٽرول پمپ هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.
ملڪ ۾ سوين غير قانوني ۽ غير مجاز پيٽرول پمپ هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مالي سال 22-2021ع جي آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ ۾ سوين غير قانوني پيٽرول پمپ هلايا پيا وڃن، جيڪي مقامي پيٽروليم شين جي ذخيري اندوزي ۽ اسمگل ٿيل پيٽرول جي وڪري ۾ ملوث آهن. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ پيٽروليم شيون پهچائيندڙ ٽئنڪرن جي معيار ۽ اوگرا جي مانيٽرنگ، انفورسمينٽ تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غير قانوني پيٽرول پمپن تي پيٽرول جو وڪرو جاري آهي ۽ اهي غير قانوني پيٽرول پمپ رڳو ڪمپنين جو لوگو استعمال ڪري رهيا آهن. آڊٽ رپورٽ موجب انهن پيٽرول پمپن وٽ ڪمپنين جو لائسنس آهي نه ضلعي انتظاميا جي اجازت ۽ اسمگل ٿيل پيٽروليم شين جي وڪري ۾ ملوث آهن. آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 5 هزار کان وڌيڪ ٽئنڪر اوگرا جي واضح ڪيل معيار تي پورا نه پيا لهن. جڏهن ته اهڙن آئل ٽئنڪرن جي ڊيپو کان پيٽرول پمپن تائين مانيٽرنگ به نه پئي ٿئي. هن خبر مان پتو پوي ٿو ته پيٽروليم شين جي حوالي سان ڪنهن به قانون جي پوئواري ڪانه پئي ڪئي وڃي ۽ نه ئي ڪو پڇاڻو آهي. پيٽرول ذخيرو ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ پيدا ڪرڻ ۽ ان کان سواءِ عوام کي مهانگي اگهه تي پيٽرول فراهم ڪرڻ. جيڪڏهن اهي پيٽرول پمپ ڪمپنين جو لائسنس نٿا رکن ۽ ان کان سواءِ غيرقانوني طور ڪمپنين جو لوگو استعمال ڪري رهيا آهن ته اها ذميواري ته لاڳاپيل کاتي جي آهي ته اهو انهن پمپ مالڪن کان پڇاڻو ڪري ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري. پر ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته انهن پمپ مالڪن کي پيٽرول اسٽيشن کولڻ جي اجازت ڪيئن ڏني وئي آهي ۽ اهي ڪهڙي ريت وڏي انگ ۾ پيٽرول پمپ هلائي رهيا آهن. هن رپورٽ وسيلي انڪشاف ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن رپورٽ پڌري نه ڪئي وڃي ته اها خبر نه پئجي سگهي ها ته ملڪ ۾ سوين غير قانوني پيٽرول پمپ موجود آهي ۽ اهي پنهنجي منهن هلي رهيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ اهم رپورٽ آهي. ان رپورٽ جي روشنيءَ ۾ نه رڳو غيرقانوني پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي پر انهن کي بند ڪيو وڃي، انهن وٽ جيڪو پيٽرول جو ذخيرو موجود آهي، اهو حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺي. حڪومت رڳو اهي پيٽرول پمپ هلائڻ جي اجازت ڏئي، جيڪي قانوني هجن ۽ جن کي لائسنس مليل هجي. ڇاڪاڻ ته اهڙا پيٽرول پمپ عوام پيٽرول جهڙي اهم اسم کي ذخيرو ڪري انهن جي غير قانوني اسمگلنگ ڪري عوام لاءِ پريشانين کي جنم ڏئي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button