سنڌ

سنڌ جي ججز کي نظرانداز ڪرڻ خلاف عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سپريم ڪورٽ ۾ جونيئر ججز جا نالا شامل ڪرڻ ۽ سنڌ جي سينيئر ججز کي نظرانداز ڪرڻ لا ها ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جنهن دوران ڪيسن جي شنوائي نه ٿي سگهي. ان ڏس ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين ۾ حصو نه ورتو، وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ، الطاف سچل اعواڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سپريم ڪورٽ ۾ جونيئر ججز جي مقرري خلاف احتجاج ڪري بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت ها ڪورٽ بار جي هال ۾ ڊيموڪريٽڪ لائرز فورم سنڌ طرفان اجلاس طلب ڪيو ويو. ان موقعي تي فورم جي ڪنوينر ستار سرڪي، عبدالحڪيم چانڊيو چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي سينيئر ججز کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. تازو 2 مهينا اڳ سفارش ڪيل ججز کي سپريم ڪورٽ سندن مقرري کي رد ڪيو هو، هاڻ وري کين کنيو پيو وڃي. هنن چيو ته ٻڌايو وڃي ته چيف جسٽس سنڌ ها ڪورٽ احمد علي شيخ کي ڇو نٿو کنيو وڃي. هنن قرارداد ۾ چيو ته سنڌ جي سينيئر ججز کي نظرانداز ڪرڻ غيرآئيني عمل آهي. اهڙا غيرقانوني ڪم جاري رهيا ته ماڻهن ۾ اڃا محرومي وڌنڌي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button