اسلام آبادپاڪستان

هائيڪورٽ طرفان ارشد شريف جي قتل تي گهرو ۽ پرڏيهي سيڪريٽرين كان رپورٽ طلب

ناليواري صحافي ۽ سينيئر اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ مبينه قتل جي جاچ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي تائين رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي بئريسٽر شعيب رزاق پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾د اخل درخواست تي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته ڪميشن ٺاهي جاچ ڪرائي وڃي ته ارشد شريف ڪهڙين حالتن ۾ ٻاهر ويو سيڪيورٽي ايجنسيز کي ڪينيا جي ايجنسيز سان رابطو ڪري جاچ جو حڪم ڏنو وڃي درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ انتظامن جو حڪم ڏنو وڃي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ارشد شريف جو لاش ڪٿي آهي بئريسٽر شعيب رزاق جواب ڏنو ته ارشد شريف جو مڙهه نيروبي ۾ آهي جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڀاڻي تائين واقعي جي رپورت گهرندي گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عدالت پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جي نامزد آفيسر کي ارشد شريف جي ڪٽنب سان فوري ملاقات جي هدايت ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button