ننڍي کنڊ ۾ فلم جو جنم 1913ع ۾مهاراشٽر جي فلم ساز ۽ ڊائريڪٽر دادا صاحب ڦالڪي جي فلم راجه هريش چندر جي شڪل ۾ ٿيو. اهو اصل ۾ ان فلمي برسات جو پهريون ڦڙو هو، جيڪا پوءِ مرحليوار ممبئي، مدراس، ڪلڪتي ۽ لاهور تائين وسي ۽ گذريل هڪ سئو نو سالن ۾ هڪ کان هڪ فلمون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. ان مان اهي فلمون به آهن، جيڪي زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد ٿي ويون ۽ پنهنجي زماني جي فلمي پوئواريءَ جو رخ سدائين موڙي ورتو.
اب سلسلي جي هڪ فلم 1957ع ۾ رليز ٿيندڙ “مدر انڊيا” به هئي، جنهن ۾ ظلم خلاف هڪ بيوه جي جدوجهد، اولاد جي پرورش ۽ تربيت جي چيلينج کي ڏيکاريو ويو آهي. ان دور ۾ جيئن ته کاٻي ڌر جي تخليقڪار هالي ووڊ کان بالي ووڊ تائين ڇانيل هوندا هئا، تنهنڪري عام ماڻهو جو استحصال ڪهاڻيءَ جو مرڪز (نيوڪلس) هو. ان مرڪز جي چوڌاري ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اڻيون وينديون هيون. مظلوم هاري ۽ ظالم زميندار، رت چوس فيڪٽري مالڪ ۽ رت پگهر وهائيندڙ مزدور، رئيس زادو ۽ بي سهارا عورت وغيره وغيره.
گڏوگڏ “مغل اعظم” جهڙين فلمن جي پوئواريءَ ۾ ڪاسٽيوم فلمون ۽ تاريخي ڪهاڻين جي به فيته بند هڪجهڙائي شروع ٿي وئي. آمريڪي ويسٽرن فلمي ڪلچر جي وڌندڙ عالمي اثرن جي نتيجي ۾ ڪائو بواءِ فلمي نظريي به پاڙ پڪي ڪرڻ شروع ڪئي. ان اعتبار کان 1975ع ۾ ڀارت ۾ رليز ٿيندڙ شعلي هڪ ٻيو فلمي سنگ ميل هئي. ان کان پوءِ ايندڙ هڪ ڏهاڪي لاءِ اينگري ينگ مين جي ظلم کي منهن ڏيڻ ۽ ان تي غلبو حاصل ڪرڻ وارو فارمولو هٿ اچي ويو.
جيڪو تجربو ممبئي ۾ ٿيندو هو، اهو ئي لاهور ۾ ورجايو ويندو هو. بلڪل ائين ئي جيئن سن 60 ۽ 70ع جي ڏهاڪي جا ڪئين پاڪستاني مقبول فلمي گانا، قواليون ۽ ترانا بنا ڪاپي رائيٽ جي ڀارتي فلم ساز به بنا اوگرائي ڏيڻ جي سٽڪڻ لڳا هئا. اسين انهن جون ڪهاڻيون فوٽُو ڪاپيون ڪندا هئاسين ۽ اهي اسان جون ڌنون چورائي وٺندا هئا.
رميش سپي جي فلم شعلي 1975ع ۾ بالي ووڊ کي هڪ ئي جهٽڪي مان روايتي گانن واري فلمي شاهڪارين جي فريم مان کڻي ڪهاڻيءَ جي هڪ نئين ميدان ۾ بيهاري ڇڏيو. “ڪتني آدمي ٿي”، “بهوت ناانصافي هي”، “اتنا سناٽا ڪيون هي ڀائي”، جهڙا جملا هڪ پيڙهيءَ کان پيڙهي تائين کي تازي لفظيات جي مالا ۾ پروئيندا رهيا.
شعلي جي رليز جي سال ۾ ئي پاڪستاني سينيما کي احمد نسيم قاسمي جي افساني گنڊاسه وحشي جٽ کي فلمي روپ ۾ هلڪو جنجهوڙيو ۽ پنهنجي ان وحشي جٽ جي هيرو مولا (سلطان راهي) چار سالن کان پوءِ مولا جٽ جو روپ مٽايو ۽ پاڪستاني فلم اندسٽري فوٽُو ڪاپي رومانس ۽ هڪ هو هيرو ۽ هڪ هو ولن جي جاءِ تي گنڊاسه ڪلچر متعارف ڪرايو. يعني پنهنجو حق نچي يا ڳائي يا ليلائي گهرڻ بدران گنڊاسو لهرائيندي ڦري ورتو هو.
فيبروري 1979ع ۾ سوا يارهن لکن ۾ ٺاهيل مولا جٽ سرحد پار شعلي وانگر پاڪستان ۾ ڪاميابيءَ جا اڳيان پويان سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ان جي رليز جي اڍائي مهينن کان پوءِ جڏهن ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني ته بقول فلم ساز سرور ڀٽي ماڻهن کي مولا جٽ جي هيرو سلطان راهي جا ڊائيلاگ “مولي نون مولا نه ماري ته مولا مر نهين سڪدا” ۾ ڀٽو جو روح نظر اچڻ لڳو ۽ ولن نوري نت جڏهن مڪاراڻي طنز استعمال ڪندي چيو ته “نوان آيان اين سوهنيا” ته پبلڪ کي ان لائين ۾ ضياءَ نظر ايندو هو.
مارشل لا سرڪار جا ڪن ڪنهن ڀريا ۽ ٽي ڀيرا مولا جٽ جي نماش کي روڪيو ويو. ٻه ڀيرا عدالت کان ان کي اسٽي آرڊر مليو ۽ ٻئي ڀيري فلم ساز کي پاڻ وڃي ضياءَ صاحب کي سمجهائڻو پيو ته هيءَ هڪ بلڪل به غير سياسي فلم آهي. پر گنڊاسه ڪلچر پاڪستاني فلم ۽ سماج جي خمير ۾ پکڙبو ويو. مولا جٽ جي رليز جي 43 سالن کان پوءِ جڏهن “ليجنڊ آف مولا جٽ” رليز ٿي ته ان به اڳيان پويان سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. فلم ساز عماره حڪمت جي هدايتڪاري بلال لاشاريءَ جي ان جديد اوتار ۾ سلطان راهي مرحوم جي جاءِ تي فواد خان ۽ مصطفيٰ قريشيءَ جي جاءِ تي حمزه علي وٺي چڪا آهن. سڀني کان وڌيڪ محنت اسڪرپٽ تي ٿي آهي ته جيئن اوريجنل مولا جٽ جي عظمت به برقرار رهي ۽ نئين ڍنگ سان ڳالهه به نئين نسل تائين پهچي وڃي. ليجنڊ آف مولا جٽ جا ڊائيلاگ ناصر اديب ئي لکيا آهن. هن فلم کي به پراڻي مولا جٽ وانگر سازگار سياسي ماحول مليو. جنهن ۾ سماجي ۽ سياسي ڇڪتاڻ اڳ وانگر اوج تي آهي.
چيو پيو وڃي ته ليجنڊ آف مولا جٽ هيستائين سڀ کان مهانگي پاڪستاني فلم آهي، جيڪا پاڪستان سوڌو 24 ملڪن جي چار سئو اسڪرينن تي هڪ ئي وقت لڳل آهي ۽ ان پهرين هفتي ۾ اڍائي ملين ڊالر ڪمائي ڪري پنهنجو اڌ خرچ ڪڍي ورتو آهي.
اها پهرين ڪمرشل پاڪستاني فلم آهي، جيڪا شايد سئو ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿي وڃي ۽ اسين به چئي سگهنداسين ته عالمي فلمي ريڊار تي پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ به هڪ روشن ستارو بڻجڻ لائق ٿي وئي آهي.
پاڪستان ۾ جڏهن ڪئين سالن تائين گمناميءَ جي اوندهه ۾ هٿوراڙيون هندڙ فلم انڊسٽري 2007ع ۾ وري پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي ته بالي ووڊ فلم جي نمائش سبب پاڪستان ۾ بند ٿيندڙ سينيما گهر جي جاءِ تي نوان سينيما گهر ٺاهڻ جو لاڙو وري جيئرو ٿي ويو.
جڏهن 2019ع ۾ بالاڪوٽ حملي جي ردعمل ۾ ڀارتي فلم جي نمائش ٽي پابندي لڳي ته پاڪستاني سينيما انڊسٽري وري سسي وئي. ايندڙ ٻن سالن ڪووڊ جي وڪڙ ۾ رهيل ڪيل فلمي اميدن جو به ڪم پورو ڪري ڇڏيو هو. پر مهم جو فلم ساز ۽ هدايتڪار وري به ڪجهه نه ڪجهه ۽ گهڻو ڪجهه ڏسندڙن کي ڏيندا رهيا.
ليجنڊ آف مولا جٽ جي ڪاميابيءَ مان وڌيڪ اميد ٿي آهي ته مقامي فلمي صنعت لاءِ جيڪڏهن نئين سوچ وارا اڻ ٿڪ ڊائريڪٽر ۽ خطرو کڻندڙ سيڙپڪار گڏجي وڃن ته 1960ع ۽ 70 جي ڏهاڪي کان به اوچا جهنڊا کپائي سگهجن ٿا.