پاڪستاني جرنلسٽ ارشد شريف ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نيروبيءَ ۾ پوليس جي گوليءَ جو کاڄ ٿي ويو. موت جي آغوش ۾ هليو ويندڙ صحافيءَ جي خبر گذريل رات دير سان ميڊيا جي دريءَ مان ائين داخل ٿي آئي، جيئن ولر کان وڇڙيل ۽ آکيري کان الڳ ٿيل ڪوئي پکي اويلي مهل ڪنهن گهر جي ڪمري ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري داخل ٿي ويندو آهي. ان مهل هو ڪيترو نه هراسيل هوندو آهي؟ ارشد شريف جي موت جي خبر به ان پکيءَ جهڙي هئي، جيڪو ڀٽڪي ڪنهن ڪمري ۾ اچي وڃي. اها خبر ان صحافيءَ جي باري ۾ هئي، جنهن جو پيشو خبرون ڏيڻ هو. اهو هڪ تمام وڏو الميو هوندو آهي، جڏهن خبر ڏيڻ وارو پاڻ خبر بڻجي وڃي.
جيتوڻيڪ ڪينيا جي پوليس پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ارشد شريف جي قتل کي “افسوسناڪ حادثو” قرار ڏنو آهي پر هن کي لڳل گوليءَ سبب ميڊيا ۾ ڪيئي سوال، ڪافي پريشاني ۽ قلمڪار برادريءَ ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ گردش ڪري رهي آهي. ان خار مٿان ۽ خوف جا پاڇا به پئجي رهيا آهن. ڇو ته پاڪستان جن حالتن مان گذري رهيو آهي، اهي ماضيءَ جي مقابلي ۾ نه صرف مختلف آهن پر تمام گهڻيون مشڪل به آهن. هونءَ ته اسان جو ملڪ فوجي آمريتن جو شڪار به رهيو آهي. پر هن وقت پاڪستان جي مٿان جنهن جمهوريت جو راڄ آهي، اها جمهوريت پنهنجي اصليت ۾ ڪيتري جمهوريت آهي؟ ان سوال جو جواب هن ملڪ جي هر باشعور شهريءَ کي بخوبي معلوم آهي. دنيا جي سمورن ملڪن ۾ سياست ۽ سازش هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندا آهن. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته دنيا جي هر ملڪ جي سياست ۾ ايتري سفاڪي به هجي جو اها انهن انسانن جو خون ڪري ڇڏي، جن جو ڪم پنهنجي عوام کي باخبر رکڻ آهي. ڇا پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي معلومات ڏيڻ ايترو وڏو ڏوهه آهي؟ ايترو ڏوهه جو انهن کي ڏهڪائڻ لاءِ کين خون ڪيو وڃي!!
ارشد شريف جو قتل پاڪستان ۾ ان صحافت جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي، جيڪي حڪومت ۽ ان جي حامي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي ڪم سبب پسند ناهن. پاڪستان ۾ صحافين جي مٿان حملا ٿيندا رهيا آهن. انهن کي صرف کنڀي نه کنيو ويو آهي ۽ انهن جي گهرن ۾ گهڙي انهن کي خوف ۽ حراس جو شڪار نه ڪيو ويو آهي پر انهن مٿان گوليون به هلايون ويون ۽ انهن حملن ۾ ڪيترائي صحافي اجل جو شڪار به ٿيا آهن. جڏهن ته ڪيترائي صحافي مشڪوڪ حالتن ۾ مئل حالت ۾ به مليا آهن. جڏهن ته ارشد شريف سان جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو پنهنجي نوعيت ۾ بلڪل الڳ ٿلڳ آهي.
ارشد شريف جو نالو هاڻي ان حوالي سان به ياد رکيو ويندو ته هو پاڪستان جو پهريون صحافي آهي، جيڪو پرڏيهه ۾ گوليءَ جو شڪار ٿيو. هن کي گولي به آفريڪا جي خوبصورت ملڪ ڪينيا ۾ لڳي. اهو ارشد شريف جنهن جو خاندان اوچتي اجل جي حوالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. فوجي پسمنظر واري ان خاندان جو وڏو محمد شريف هو. محمد شريف جيڪو بحري فوج ۾ ڪمانڊر هو. هو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو ۽ هن جي موت جي خبر ٻڌي هن جو ننڍو پٽ اشرف شريف جيڪو پاڪستان جي بنون شهر ۾ فوجي ميجر هو، سو پنهنجي والد جي تدفين ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ گاڏي کڻي نڪتو. جيتوڻيڪ هن کي ڊرائيور ۽ اسڪاٽ کڻڻ لاءِ چيو ويو پر هو پنهنجي صدمي واري ڪيفيت ۾ پاڻ گاڏي کڻي نڪتو ۽ ڪجهه ڪلوميٽر کان پوءِ هن جي تيز رفتار ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي ۽ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اهو واقعو ارشد شريف جي لاءِ وڏي سانحي سمان هو. هن کي هڪ ڏينهن هڪ هنڌ تي پنهنجو والد ۽ ڀاءُ دفن ڪرڻا پيا. هو جيڪو منڍ کان وٺي ميڊيا جي طرف مائل هو. هو ڪالم نگار به هو. هو مختلف چينلن جو بيورو چيف به رهيو. جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ تائين هو پاڪستان جي هڪ ٽي وي چينل جو اينڪرپرسن هو.
ارشد شريف جنهن چينل سان لاڳاپيل هو، ان جي پاران ڪجهه ڏينهن اڳ اها پڌرائي ٿي هئي ته ارشد شريف جو ان چينل سان ڪو واسطو ڪونهي. هن چينل ته ڇڏيو هو پر هن صحافت نه ڇڏي هئي. پنهنجو ذاتي چينل هلائڻ سان گڏ هو اهم خبرون تلاش ڪندو هو. جاکوڙي صحافت (Investigative Journalism) هن جو شوق هو. شايد اهو ئي شوق هن جي شهادت جو سبب بڻيو. ڇو ته هن جي ويجهن حلقن جو موقف آهي ته حڪومت جي مخالفت ۽ عمران خان جي حمايت ڪندڙ ارشد شريف هڪ اهم معاملي تي تحقيق ڪري رهيو هو. ان ڪري هن جا مخالف هن جي پويان پئجي ويا هئا. هن کي نه صرف ڌمڪيون ملي رهيون هيون پر هن جي گهر ٻاهران سادن ڪپڙن ۾ ملبوس اهلڪار ڦيرا ڏيندي به ڏٺا ويا هئا. پر اهم ڳالهه اها آهي ته هو آخر اهڙي ڪهڙي اسٽوريءَ تي ڪم ڪري رهيو هو؟ جنهن سبب حڪومت هن جي پويان پئجي وئي هئي. ڇا هو انهن حڪمرانن خلاف ڪنهن وڏي ڪرپشن جا ثبوت ڪٺا ڪري رهيو هو، جن حڪمرانن کي هو سوشل ميڊيا تي به ڇڪي رکندو هو. هن وقت ارشد شريف جا اهي آخري ٽوئيٽس ۽ هن جا اهي آخري پروگرام تمام گهڻي ڌيان سان پڙهيا ۽ ٻڌا پيا وڃن، جن ۾ هو حڪومت مخالف موقف اختيار ڪندي عمران خان جي ڀرپور حمايت ڪري رهيو آهي.
ارشد شريف پاڪستان جي انهن صحافين مان هڪ هو، جن خيال آهي ته عمران خان خلاف غيرملڪي سازش سٽي وئي ۽ هن کي آمريڪا مخالف پاليسين سبب اقتدار کان الڳ ڪيو ويو هو. هو عمران خان جي ڪجهه عزيز صحافين مان هڪ هو. هن جا عمران خان سان ويجها تعلقات هئا ۽ هن مهل عمران خان جڏهن نئين جوش سان اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو اعلان ڪري رهيو آهي، تڏهن نه صرف هن جي پارٽي پر ميڊيا ۾ موجود هن جا حامي حلقا به تياري ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي وقت ۾ هڪ حڪومت مخالف صحافيءَ جو پرڏيهه ۾ مرڻ تمام گهڻي تشويش وارو عمل آهي. حڪومت هن جي موت تي افسوس جو اظهار به ڪيو آهي ۽ اهو به چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور اڻ ڌري جاچ ڪرائي ويندي پر ڇا هن ملڪ ۾ ڪنهن به سازشي قتل جي صحيح جاچ ٿي آهي ۽ ان جاچ کان پوءِ ڇا ان سان لاڳاپيل سچ منظرعام تي آندو ويو آهي؟
پاڪستان ۾ صحافين کان وڌيڪ سياسي ماڻهن جا قتل ٿيا آهن پر هن مهل تائين ڪنهن به قتل جي سلسلي ۾ مڪمل سچائي پڌري نه ڪئي وئي آهي. ان حد تائين جو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو پنڊيءَ ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ان بعد پيپلز پارٽي پنجن سالن تائين ملڪ جي حڪمران رهي ۽ ايوان صرف ۾ پاڻ آصف علي زرداري هو پر پوءِ به ان سلسلي ۾ هن مهل تائين عوام کي نه ٻڌايو ويو آهي ته بينظير ڀٽو کي ڪنهن قتل ڪيو ۽ ڇو قتل ڪيو؟ لياقت علي خان کان وٺي بينظير ڀٽو تائين جيڪي به قتل ٿيا آهن، انهن جي مٿان هن مهل تائين پراسرار پردو پيو رهيو آهي. جڏهن ملڪ جي اڳوڻن حڪمرانن جي خون جي باري ۾ خبرنه پوي ته اهو ڪيئن ٿيو ڪنهن ڪيو؟ ان ماحول ۾ ڪيئن پتو پوندو ته هڪ صحافيءَ ڪهڙين حالتن سبب پنهنجو ملڪ ڇڏڻ ۽ اجنبي ملڪ ۾ پراسرار انداز سان گوليءَ جو شڪار ٿيو!!
اهو سڀ ڇو ٿيو!!!؟؟
اديب، شاعر ۽صحافي ته سچ جا سوداگر هوندا آهن. تاريخ انهن جي مٿان اهو فرض وڌو آهي ته هو پنهنجي عوام کي ٻڌائين ته سچ ڇاهي؟ ۽ ڪوڙ ڇاهي؟ صحافيءَ جو قلم صرف سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ لڪير نه ڪڍندو آهي پر هو ڪوڙ کي الڳ ڪري، اڇلائي ۽ سچ کي سنواري سينگاري پنهنجن ماڻهن آڏو پيش ڪري ته جيئن هو باخبر رهن ۽ انهن کي ڪوئي ڪوڙو ۽ مڪار پنهنجن مفادن ۾ استعمال نه ڪري سگهي. جڏهن ته اهي قوتون اهڙن سچ جي سوداگرن جون ويري هونديون آهن، جيڪي ڪنهن به لالچ ۾ اچي پنهنجي حصي ۾ ايل سچ تان هٿ نه کڻندا آهن. انهن صحافين کي زوريءَ ۽ زبردستيءَ زندگيءَ تان هٿ کڻايو ويندو آهي. ارشد شريف جي حوالي سان اهو خيال گردش ڪري رهيو آهي ته “هن جو قتل ڪوئي اتفاق ناهي” اهو به چيو پيو وڃي ته هن مٿان ديس جي ڌرتي ان ڪري تنگ ڪئي وئي جو اهم معاملي تي معلومات حاصل ڪري رهيو هو. هو فرض ادا ڪندي پنهنجي مشڪل شوق تان قربان ٿي ويو ۽ هن جي موت تي ميڊيا جا حلقا سوڳوار آهن.
حڪومتن کي هن مهل تائين اهو احساس ٿي وڃڻ گهرجي ته هي اها سرد جنگ ناهي، جنهن ۾ خوني سازشن لاءِ تاريخ تابوت بڻجي ويندي هئي. هن دور ۾ ممڪن ئي ناهي ته ڪوئي جرم ڪيو وڃي ۽ ان جرم جي مٿان حڪومت يا سگهارا حلقا ايتري ۽ اهڙي پابندي عائد ڪن جو اها خبر ختم ٿي وڃي. هي سوشل ميڊيا جو دور آهي. اسان کي معلوم ناهي ته ڪنهن به حلقي مان ڪا به خبر ڀوَ ۽ خوف جي ڀت ٽپي ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿي ۽ ان حالت ۾ اهي ڏوهاري وڌيڪ ذلت ۽ خواريءَ جو باعث بڻجن ٿا، جن ڏوهارين سچ جي ڪنهن سوداگر جو سرخ خون صرف ان لاءِ وهايو هجي ته هو هن جي حڪم تي هلندڙ ناهي.
ارشد شريف جو موت ڪنهن جي فاعدي ۾ آهي؟ اهو سوال ته پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ قوتن جي ذهن ۾ ان مهل ايندو آهي، جڏهن هو ڪنهن به قتل جي خبر ٻڌندا آهن. ان حوالي سان ارشد شريف جو قتل ڪنهن جي فائدي ۽ ڪنهن جي نقصان جو باعث بڻيو آهي؟ ان سوال تي به ويچار ونڊيا ويندا ۽ ان خيال تي به ذهني زورآزمائي ڪئي ويندي ته ڪٿي ارشد شريف جو قتل سوچيل سمجهيل سازش ته ناهي؟ جيڪڏهن ارشد شريف جو قتل “هڪ حادثو” به آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو هن ملڪ ۾ ميڊيا هڪ آزاد ۽ اجوکو ادارو آهي. صحافي ڪالهه به مشڪل راهه جا مسافر هئا، اڄ به آهن.