پاڪستانعالمي

ڀارت ڄائو سياستدان رشي سونڪ برطانيا جو نئون وزيراعظم مقرر

برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين رشي سونڪ ملڪ جو نئون وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو. بڪنگهم پئلس طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته شاهه چارلس رشي سونڪ کي برطانيا جو نئون وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم مقرر ٿيڻ کانپوءِ ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تي پنهنجي پهرين خطاب ۾ رشي سونڪ اڳوڻي وزيراعظم لِز ٽرس کي ڀيٽا پيش ڪئي. پنهنجي تقرير دوران هن چيو ته برطانيا هن وقت وڏي معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهنڪري کيس وزيراعظم جي آفيس لاءِ چونڊيو ويو آهي ته جيئن هو اڳوڻي حڪومتن جي ڪيل غلطين کي سڌاري سگهي. نئين چونڊيل وزيراعظم جو چوڻ هو ته لِز ٽرس تبديلي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي پر هن ڪجهه غلطيون ڪيون. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ ۽ نامزد وزيراعظم رشي سونڪ کي مبارڪون ڏنيون آهن. سوشل ميڊيا تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ رشي سونڪ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button