عالمي

يوگنڊا ۾ اسڪولي بس کي باهه لڳي وئي، 11 نابين ٻار سڙي فوت

يوگنڊا ۾ بلائينڊ (نابينن) جي اسڪولي بس کي باهه لڳڻ ڪري 11 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يوگنڊا جي پوليس اختيارين ٻڌايو ته اڱاري جي صبح جو يوگنڊا جي ضلعي مڪونو ۾ سلاما اسڪول فار دي بلائينڊ جي بس کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب 11 ٻارڙا موقعي تي سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جن کي ڪسوگا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ لا جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button