رانديونسنڌ

ڪراچي اسٽيڊيم جو نالو تبديل، هاڻي “نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ ارينا” سڏبو

ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم هاڻي “نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ ارينا” سڏبو، پاڪستان بورڊ نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيديم جي نالي جي تبديلي لاءِ قومي بئنڪ سان معاهدو ڪري ورتو آهي. ڪراچي ۾ ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين رميز راجا نيشنل بئنڪ جي صدر ۽ سي ايِ او رحمت علي 5 سالن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو ته قومي بئنڪ جو پي سي بي سان جڙڻ هڪ اعزاز آهي، اسٽيڊيمز جي مارڪيٽنگ جو هي شاندار طريقو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان کي اهميت ڏني ويندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ڪرڪيٽ جو ڳڙهه ۽ نيشنل اسٽيڊيم اسان پاڪستان ڪرڪيٽ جي ڊگهي تاريخ جڙيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button