رانديون

اسٽوئنس جي طوفاني بئٽنگ آسٽريليا کي پهرين ڪاميابي ڏياري ڇڏي، سريلنڪا ناڪام

آل رائونڊر مارڪس اسٽوئنس صرف 18 بالن تي 59 رنسن جي طوفاني اننگز ذريعي آسٽريليا کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سپر-12 مرحلي ۾ پهرين ڪاميابي ڏياري ڇڏي، جڏهن ته ايشين چئمپين سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. پرٿ جي ميدان ۾ ميزبان آسٽريليا جي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته سريلنڪن ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ اوپنر نسانڪا 40، اسالانڪا 38 ۽ ڌننجيا ڊي سلوا 26 رنسن سان نمايان رهيا. آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ، پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، گلين ميڪسويل ۽ ايشٽن ايگر هڪ هڪ وڪيٽ وٺي سگهيا. جواب ۾ ڪينگرو بئٽر پاور پلي جي 6 اوورن ۾ ڪا بائونڊري نه لڳائي سگهيا، وارنر جي تڪڙي آئوٽ ٿيڻ بعد ڪپتان ايرون فنچ 31 ۽ ميڪسويل 12 بالن تي ٻن چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 23 رنسون ٺاهي سهارو ڏنو. ميڪسويل جي پويلين واپسي بعد مارڪس اسٽوئنس سريلنڪن بالرن تي ڪڙڪي پيو، هن فقط 18 بالن تي 59 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 6 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا. اسٽوئنس ٽي-20 ورلڊڪپ جي تاريخ ۾ ٽئين تيز ترين ففٽي اسڪور ڪئي ۽ آسٽريليا کي 17 هين اوور ۾ ايونٽ جي پهرين سوڀ ڏياري، جنهن تي آل رائونڊر کي پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button