پاڪستانسنڌ

دريا خان مري ۾ رنگا رنگ ديوالي پروگرام، ڏيئا ٻاري جهمريون

مسڻ وڏي: يوسي دريا خان مري جي ٽيل موري ڀرسان زرداري فارم وٽ چوڌري سلطان جي ڳوٺ ۾ ڪولهي برادري جي راڄو ڪولھي، سومجي ڪولھي، اجمل ڪولھي ۽ ٻين ديوالي پروگرام ڪوٺايو، جنهن ۾ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ٽنڊوالهيار جي چيئرمين مخدوم ميون علي محمد ولهاري ۽ پ پ پ اڳواڻ جان محمد شاھه شرڪت ڪئي، مخدوم ميون علي محمد ولهاري پروگرام ۾ مٺائي کڻي پهتو. ان موقعي تي پروگرام کي خطاب ڪندي هن چيو ته انسانيت جي حوالي سان اسان سڀ هندو مسلمان هڪٻئي جي خوشين ۾ شريڪ ٿيون، جنهن سان محبت وڌي ٿي، اقليتي برادري جي هن عيد ۾ اسان کي هر سال ياد ڪري گهرايو ويندو آهي، اها اقليتي برادري جي اسان سان محبت آهي، سنڌ ۾ اقليتن جو پ پ پ سان پيار وارو رشتو آهي. ان موقعي تي راڄو ڪولھي، سومجي ڪولھي، اجمل ڪولھي ۽ ٻين چيو ته مخدوم ميون علي محمد ولهاري شرڪت ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳايا آهن. ولهاري اقليتي برادري جي تمام مسئلن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪري پنهنجي پارٽي جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. پروگرام ۾ ڏيئا ٻاري جهمريون هنيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button