پاڪستانسنڌ

پيرجوڳوٺ واسڻ بيوه بااثرن جي خوف سبب گهر ڇڏڻ تي مجبور

پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ جي بيوه بااثر ماڻهن جي خوف سبب ٻن پٽن سميت گهر ڇڏي شهر ۾ رهڻ تي مجبور آهي، جنهن ٻن پٽن سميت احتجاج ڪيو ۽ گهر ڪئي ته پوليس مدد نٿي ڪري، اعلى اختياريون نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪن. ان سلسلي ۾ پيرجوڳوٺ ۾ ڪچي آبادي ڪالوني واسڻ بيوه حضوران خاتون پنهنجي ٻن پٽن وحيد علي ملاڻو ۽ نديم ملاڻو سميت بااثرن جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي بيوه ميديا اڳيان دانهيندي چيو ته ڳوٺ ملاڻو جي بااثرن مجاهد علي، سڪندر ملاڻو، گلزار ملاڻو ۽ ٻين اڍائي جريب زرعي زمين تي بناجواز قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل بااثر زمين ڦٻائڻ لاءِ منهنجي پٽن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان جان جو خطرو آهي. ايس ايس خيرپور ۽ پيرجوڳوٺ پوليس کي بااثرن جي ظلمن بابت ڪيترائي ڀيرا دانهون ڏنيون آهن، پر پوليس ڪو قدم ناهي کنيو، جنهن ڪري سخت پريشان ٿي ڳوٺ مان لڏو کڻي پيرجوڳوٺ شهر ۾ رهائش ڪئي آهي. بيوه ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ۽تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button