ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽر

Editorial

سنڌ ۾ صحت کاتو ڪيترو فعال ۽ ڪيترو بهتر ڪم ڪري رهيو آهي، ان بابت ڪئين رپورٽون جاري ٿينديون رهنديون آهن. انهن آڌار اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ صحت کاتو ڪهڙي ريت ڪم ڪري رهيو آهي. اڄ به سنڌ ۾ سون جي انگ ۾ عطائي ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان سواءِ جيڪي ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر آهن، انهن مريضن کي مڏي ڪاتيءَ سان پيا ڪهندا آهن. نتيجي ۾ نه رڳو عام ماڻهو کي صحت جون سهولتون بهتر نٿيون ملن ۽ نه ئي صحت کاتي ۾ ڪو سڌارو اچي رهيو آهي. عطائي ڊاڪٽرن جي ڪري مريضن جي مرض خبر ناهي پوندي پر انهن جي زندگي ضرور ختم ٿي ويندي آهي. ملڪ ۾ هڪ پاسي دوائن جي ڪمپنين جي هڪ هٽي آهي، جنهن جي ڪري جعلي دوائون جو ڪاروبار عروج تي آهي ته ٻئي پاسي وري بخار جون عام گوريون به ايتريون مهانگيون ڪيون ويون آهن جو اهي عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن. هڪ ماڻهو عطائي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي ٿو، اسٽور تان نقلي دوا وٺي ٿو ۽ اها کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيندو آهي. اهڙي ريت مريض جي زندگي هر حوالي سان رسڪ تي رهي ٿي. عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروايون ڪرڻ جون ڪوششون ڪيترائي ڀيرا ٿيون آهن پر انهن تي عمل هن وقت تائين نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪري عطائي ڊاڪٽر اڃا تائين سنڌ ۾ مريضن جو علاج ڪندا پيا اچن. عطائي ڊاڪٽرن جي علاج سبب سنڌ ۾ سائي، ايڊز ۽ ٻيون ڪيترائي بيماريون پکڙي رهيون آهن. پر هن وقت تائين رڳو انهن خلاف ڪارروايون ڪرڻ جا اعلان ته ٿيندا رهيا آهن پر انهن تي عمل ٻڙي آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب ڪنڊياري ڀرسان غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو آهي.
ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ماهي ڀاڻ ۾ عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نوجوان راشد سولنگي فوت ٿي ويو، جنهن کان پو نوجوان جي وارثن عطائي ڊاڪٽر خلاف سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن دانهيو ته ڪمال ديرو ماهي ڀاڻ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار وڌي ويو آهي. نوجوان کي مٿي ۾ سور پيو ته علاج لا ماهي ڀاڻ ۾ عطائي ڊاڪٽر وٽ ويو، جتي عطائي ڊاڪٽر انجيڪشن هنئي، جنهن کانپو اسان جو نوجوان فوت ٿي ويو. هنن چيو ته عطائي ڊاڪٽر ظلم ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪمال ديرو ماهي ڀاڻ مان عطائي ڊاڪٽرن جو آزار ختم ڪري نوجوان کي ماريندڙ عطائي ڊاڪٽر خلاف قدم کنيو وڃي. هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي. عام ماڻهو عطائي ڊاڪٽر وٽ ان ڪري به ويندو آهي جو ان جي رسائي ان تائين آهي ۽ اهو هن کي سستو پوي ٿو. پر هو ان ڳالهه کان واقف ناهي ته هڪ اڻ پڙهيو ماڻهو ڪنهن به ريت ان کي صحتياب نٿو ڪري سگهي. جتي ملڪ ۾ پڙهيل لکيل ڊاڪٽرن جي دوائن جا نسخا به بهتر نه هجن ۽ اهي اجايون دوائون لکي ڏيندا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي عطائي ڊاڪٽر آهن، اهي ڪهڙيون دوائون لکي ڏيندا هوندا ۽ مرض جي چڪاس ڪهڙي ريت ڪندا هوندا. ان سڄي صورتحال ۾وري به سوال اهو آهي ته عطائي ڊاڪٽرن کي ڪنهن ڇوٽ ڏني آهي جو اهي سڄي سنڌ ۾ پنهنجي مرضيءَ سان اسپتالون هلائي رهيا آهن ۽ اهي گذريل ڪيترن سالن کان مريضن کي موت جي منهن ۾ وجهي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. انهن کي اها اجازت ئي نه هئڻ گهرجي ته اهي بنا ڪنهن پروفيشنل ڊگري جي علاج ڪري سگهن.
اسين سمجهون ٿا سنڌ ۾ موجود عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ۽ ان کان سواءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته مريض جو علاج فقط اهو ئي ڪندو جنهن کي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري هوندي. ٻي صورت ۾ عطائي ڊاڪٽر اڃا به ماڻهو ماريندا رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button