ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رياست، سياست، تاريخي حادثا ۽ تڪرار

Editorial-Article-Ali Mohammad Memon

ملڪ ۾ رياست، سياست، تاريخي حادثا، قومي سانحا، هاڻوڪي کليل سياسي ماحول ۾ اڄڪلهه تمام گهڻن بحثن ۽ عوامي ۽ سياسي جلسن ۽ ميڙاڪن جا موضوع بڻيل آهن. حڪومت ۽ ملڪ تي آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ ملڪ جو اصل مالڪ ڪير؟ اهڙا آئيني ۽ قانوني معاملا آهن. ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جو حق ڪنهن کي حاصل آهي؟ وقت گذرڻ سان گڏ اهي سوال وڌيڪ بلند آوازن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ ۽ عوام ۾ بي چينيءَ جو سبب ۽ وڌيڪ ڳڻتي واري صورت اختيار ڪري رهيا آهن. ملڪ ۾ اقتدار ۽ اختيارن جي ڇڪتاڻ، حڪومت ۽ ماتحت ادارن وارو آئين ۾ درج سرشتو، ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته عملي طور تي مفلوج ٿي رهيو آهي ۽”جيڪو ڏاڍو سو گابو يا ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” واري هلت جو وهنوار وڌي ويو آهي. ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ ضابطن ۽ اصولن جي ڪيتري حد تائين پابندي ٿي رهي آهي ۽ انهن تي ڪيتري حد تائين عملدرآمد ٿي رهيو آهي؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن جا جواب هونئن ته سمورن ساڃهه وندن، قانوندانن، سياستدانن، سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين کي چڱي ريت معلوم آهن پر جڏهن ملڪ ۾صورتحال مختلف رياستي ادارن ۽ حڪومت ۽ حڪمرانن ۾ ٽڪراءُ واري صورت اختيار ڪري وڃي ته اب کان پوءِ سموري ملڪ ۾ ڳاڙهيون بتيون ٻرڻ لڳنديون آهن. يقينن، هن وقت اسان جي ملڪ ۾ پڻ ڪجهه اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اسان جي ملڪ جي گذريل 75 سالن جي عرصي ۾ ملڪ ۾ حڪومت ۽ ماتحت ادارن ۽ انهن جون ذميواريون ادا ڪرڻ يا نه ڪرڻ وارا واقعا حادثن جي صورت اختيار ڪرڻ کان پوءِ وڏا سوال ۽ تمام اهم معاملا بنجي سامهون اچي ويا آهن. اهي قدم بلڪل ملڪ سان ٿيل حادثن، سانحن ۽ هاڃيڪار نتيجن جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن.

 ملڪ سان ٿيل مختلف واقعن ۽ حادثن جي تاريخ ملڪ جي قائم ٿيڻ کان وٺي گذريل 75 سالن جي تاريخ تائين پکڙيل آهي ۽ اها لڳاتار ورجائي پڻ ويندي رهي آهي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ۽ ملڪ ۾ انساني حقن جي علمبردار "عاصمه جهانگير فائونڊيشن" طرفان تازو لاهور ۾ تمام وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن کي سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت حڪومتي عهديدارن، مختلف سياسي جماعتن جي سربراهن، تحريڪي شخصيتن ۽ قانوندان اڳواڻن خطاب ڪيا، جنهن جي پرمغز تقريرن ۽ تاريخي حوالن سان سموري ملڪ ۾ تمام گهڻو گرمجوشي ۽ گرم جذبات جا وهڪرا وهندا رهيا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته، سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ کپي ۽ فوجي اداري بدران آئين ٽوڙڻ واري جرنيل جي مذمت ڪئي وڃي. قاضي فائز عيسيٰ جو اهو پڻ چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل ڪنهن فوجي عدالت نه پر سول ڪورٽ ڪيو هو، جنهن بئنچ ۾ فوجي عدالتن جي قيام جو معاملو آيو، مان ان جو حصو هئس، مان جونيئر ترين جج ۽ اقليتي فيصلي جو حصو هئس. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان کي جمهوري انداز ۾ حاصل ڪيو ويو، ان تي پهريون حملو ان وقت ٿيو، جڏهن آئين ٽوڙيو ويو، جمهوريت تي پهريون حملو هڪ بيورو ڪريٽ غلام محمد ڪيو. مولوي تميز الدين اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل کي چئلينج ڪيو، جمهوريت تي ٽيون وار ضياءُالحق ڪيو هو. آئين ڦاڙيو ويو پر سندس خلاف درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏنو ويو. چوٿون ڀيرو مشرف آئين ٽوڙيو، سپريم ڪورٽ رياست جي پگهاردار ملازم مشرف کي آئين جي ترميم جو اختيار پڻ ڏنو ويو هو. هڪ پگهاردار کي اختيار ڏيڻ وارا ججز پاڻ به پگهاردار ملازم هئا. سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جو چوڻ هو ته پاڪستان کي عدليا ۽ ايگزيڪٽو جي ضرورت آهي ۽ ملڪ کي ايگزيڪٽو طور فوج جي حصي جي ضرورت آهي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ عوام جي چونڊيل قيادت ذريعي حڪمرانيءَ جي ضرورت آهي. پاڪستان مان جمهوريت کي ڪڍڻ ان جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ ۽ وطن دشمني آهي. هن وڌيڪ چيو فرد جي ڪردار تي ڳالهايو، اداري تي تنقيد نه ڪريو. آئين ٽوڙڻ واري جرنيل جي مذمت ڪريو اداري جي نه. مون سميت سڀ عوام جا پگهاردار آهن ۽ عوام انفرادي طور اسان جو حساب ڪري سگهي ٿو.

وفاقي اتحادي حڪومت ۾شامل جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ڪانفرنس کي خطاب ۾ چوڻ هو ته، عمران خان پهريون وزيراعظم هو، جنهن کي جمهوري طريقي سان گهر موڪليو ويو. هن جو چوڻ هو ته ڪنهن به وزيراعظم کي هٽائڻ جو جمهوري طريقو بي اعتمادي آهي. عمران خان سليڪٽڊ وزيراعظم هو پر اسان کيس جمهوري طريقي سان گهر موڪليو. هن چيو ته ماضي ۾ گيٽ نمبر 4 ۽ عدليا ذريعي وزيراعظم گهر موڪليا ويا. اسان کي عدليا ۽ گيٽ نمبر 4 ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي. مستقبل ۾ ڪنهن وزيراعظم جو احتساب ڪرڻو هجي ته جمهوري طريقيڪار استعمال ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان معيشت کي نقصان پهچايو ۽ اسان سياسي قيمت ادا ڪري پاڪستان جي معيشت کي بچايو ۽ ملڪ جي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان گڏجي پاڪستان ۾ جمهوريت جو بچاءُ ڪنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته نئين نسل کي انتهاپسنديءَ کان بچايون. مذهبي ۽ سياسي انتهاپسنديءَ جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه ۽ ايم اين اي سردار اختر مينگل پڻ ڪانفرنس کي تمام اهم خطاب ڪيو ۽ سندس چوڻ هو ته طالبان سان ڳالهين کان اڳ انهن سان ڳالهيون ڪريو، جن سان توهان جو اڻٽٽ رشتو آهي. مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسيءَ جو ڪانفرنس کي خطاب ۾ چوڻ هو ته پاڪستان جون حالتون بهتر بڻائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته اسان سڀ پنهنجي مفادن کان ٻاهر نڪرون. ان مقصد لاءِ ملڪ جي سياسي، عسڪري، جڊيشل ۽ بزنس ليڊرشپ کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته سياسي مفادن کي اڳتي رکڻو آهي يا ملڪ کي؟ مختلف حڪومتي ۽ ٻين سياسي شخصيتن پڻ خطاب ڪيو۽ پنهنجن اهم نڪتن کي اجاگر ڪيو.
ملڪ ۾ پيدا ٿيل هاڃيڪار صورتحال يقينن، اسان جي سموري تاريخ سان ڳنڍيل آهي ۽ ماضي جي مختلف وقتن ۾ ڪيل فيصلن ۽ حادثن جو ضرور نتيجو آهن. پر هاڻوڪي جديد ۽ عوامي سجاڳي واري دور ۾ پڻ ملڪي ۽ قومي سطح تي ٿيل ويساهه گهاتين ته ملڪ جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا آهن. گذريل عام چونڊن جي تڪراري نتيجن جي حوالي سان هاڻي اها ڳالهه راز نه رهي آهي ته اهي چونڊون وڏي منصوبا بنديءَ سان چورايون ويون ۽ اصل نتيجا تبديل ڪيا ويا هئا. جنهن جي نتيجي ۾عوام جي چونڊيل نمائندن ۽ انهن جي جماعتن کي ملڪ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ڏيڻ بدران انهن کي روڪي هڪ شڪست کاڌل جماعت ۽ ان جي ڪپتان تي مشتمل غير مقبول حڪومت ملڪ تي ٿاڦي وئي. اڻ چونڊيل حڪمران ۽ غيرمقبول حڪومت قائم ڪرڻ جي صورت ۾ ملڪ جهڙي ريت حادثن جو شڪار ٿي ويو آهي، اها يقينن ملڪ کي وڏي تباهيءَ ۾ ڌڪڻ جو سبب بنجي وئي آهي. انهيءَ حادثي جي نتيجي ۾ جهڙي ريت ملڪ وڏي معاشي تباهي ۽ سياسي انتشار جو شڪار ڪيو ويو. اهو پڻ ملڪ جي سياسي تاريخ جو هڪ وڌيڪ وڏو سانحو آهي، جنهن جي هاڃيڪارين سان ملڪ کي اندروني ۽ عالمي سطح تي پڻ تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو آهي. ائين لڳي رهيو آهي ته ملڪ کي عوامي قيادت ۽ اڳواڻڻ کان محروم ڪرڻ کان پوءِ هاڻي 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، جنهن ۾ ملڪ ۾ شامل سمورين قومن کي برپٽ ۽ رڻ ۾ روليو ويو آهي ۽ انهن کي پنهنجي بقاءَ ۽ جياپي جي جدوجهد پاڻ ڪرڻ لاءِ بي يار و مددگار ڇڏي ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button