انسان جي ذاتي زندگيءَ ۾ ادبي اوسر جون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون شامل ھونديون آھن، جھڙوڪ ڪن موضوعن ۽ ڪتابن ڏانھن راغب ٿيڻ جو سبب ڀلي وڏي پيماني تي سياسي اڳواڻن يا ادبي دانشورن جو ھجي پر جيستائين ذاتي حلقي ۾ اھو ماحول نٿو جڙي انسان جي ادبي ذوق جي اوسر ۾ اضافو نٿو ٿئي. ايئن منھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ شاھ لطيف جي شاعري ڏانھن لاڙو ٻن ماڻهن جي ڪري ٿيو. سڀ کان پھرين جروار شھر جي صوفي مت ۽ فقير منش واڌواڻي خاندان جي ڊاڪٽر انيل ڪمار واڌواڻي جي ڪري، ٻيو ميرپور ماٿيلو ۾ رھندڙ انتھائي نفيس ۽ حساس طبيعت جي مالڪ ڊاڪٽر ڪيپٽن مشغول احمد پتافي جي ڪري ٿيو آھي. ڊاڪٽر انيل واڌواڻي حالتن جي ستم ظريفيءَ جو شڪار ٿي رائيپور وسائي ويھي رھيو پر سندن يادون اڃا تازيون آھن. شاھ لطيف سان سندن چاھ ايڏو ھو جو ھر ساھ ۾ ڄڻ شاھ سائين جو شعر پڙھندو ھوندو. روزانو شعر موڪلڻ يا شعر پڙھي ٻڌائڻ، ملڻ سان شعر ٻڌائڻ جھڙيون ڪيتريون ئي يادون آھن، جيڪي زندگيءَ جو اٽٽ حصو آھن. ٻي شخصيت ڊاڪٽر مشغول احمد پتافي ميرپور ماٿيلو واري ڪلينڪ ۾ پاڻ سان سدائين ڪتاب گڏ رکندڙ شخصيت آھي. مزي جي ڳالھ ته ھر ڪتاب ۾ شاھ لطيف جي شعر جون پرچيون پيون ھونديون ھيون. ڊاڪٽر صاحب مريضن کي دوا لکي ڏيڻ واريون جيڪي پرچيون ٺاھي رکندو ھو، ان تي جيستائين ڪو مريض اچي ان کي ميڊيسن پريسڪرائب ڪري، ايستائين شايد ويٺو شاھ جا بيت لکندو ھو.
حسين ڪپريءَ سان منھنجي واقفيت به ڊاڪٽر مشغول احمد پتافي ڪرائي ھئي. گھڻا سال اڳ جي ڳالھ آھي معمول موجب سندن ڪلينڪ تي وڃڻ ٿيندو ھو. شعر ته ٻڌائيندو ھو پرچي تي دوا وانگر لکي به ڏيندو ھو پر ھڪڙي ڏينهن ڪاوش اخبار ھٿ ۾ ڏنائين ۽ چيائين ته ھن ۾ ھڪ ڪالم آھي ليکڪ حسين آھي ذات جو شايد ڪَپري، ڪُپري يا ڪِپري آھي، کيس پڪ نه ھجي. پر ڊاڪٽر صاحب جڏھن ڪالم جي ڳالھ ڪري رھيو ھو ته مون کي لڳو ته ڊاڪٽر جي من ۾ ڪا ڪتڪتائي ٿي رھي هجي. لبن تي ھلڪي مرڪ ھئي پر ھو ظاھر نه ڪري رھيو ھو ايئن لڳي رھيو ڄڻ ھو حسين ڪپريءَ جون ڳالھيون ڪري پاڻ مزا پيو وٺي. موضوع کان ويندي، مزاح، فڪر کان ويندي سادي ادائيگي سڀني ڳالھين جو ذڪر ٿي رھيو ھو ته حسين ڪپري ڪيڏو نه ڪمال پيو لکي. پوءِ اھو معمول ٿي ويو ته حسين ڪپريءَ جو ڪالم ڇپجي ته ڀلي اسين ڪنھن ٻي جاءِ تي پڙھي اچون پر ڊاڪٽر مشغول پتافي وٽ ان ڪالم واري اخبار ضرور سنڀاري رکيل ھوندي ۽ وڃڻ سان ئي شاھ صاحب جي ھڪ ٻن بيتن ٻڌڻ يا تشريح ڪرڻ کانپوءِ حسين ڪپريءَ جي ڪالم جي ڳالھ ٿيندي. ايئن لڳندو ھو ڊاڪٽر صاحب زندگيءَ جي پوئين عمر ۾ به حسين ڪپريءَ کي پڙھي پاڻ کي جوان محسوس ڪندو ھجي. ڄڻ کيس ھلڪو سرور ايندو ھجي جيئن سندن ھن ڪتاب “ڪوڙ وڏو ڏوھاري آھي” ۾ “عشق ھاڻي ڪجي ڪنھن سان” يا ” وساريان نه وسرن” جھڙا ڪيترائي مضمون پڙھي اندر ۾ سرور پيدا ٿي پوندو آهي. جھڙوڪ “عشق ھاڻي ڪجي ڪنھن سان” ۾ اظھاري ٿو ته “ھر ماڻھو زندگيءَ ۾ ھڪ بار ان جو نشانو بنجي عشق ڪري ٿو پر تڏھن به ڪي شريف ماڻھو اھڙا آھن، جيڪي مسلسل ھن جي تيرن جو شڪار پيا ٿيندا آھن ۽ ھميشه عشق پيا ڪندا آھن! جيئن اوسي پاسي، گھٽي پاڙي، راڄ برادري ۽ ڪو اھڙو رھيو ئي ڪونه ھوندو جنھن سان ھي اڳي عشق جو اظھار نه ڪري چڪا ھجن. تنھنڪري ھو نئون تير کائڻ کان پوءِ ھو سوچين ٿا “عشق ھاڻي ڪجي ڪنھن سان!” انھيءَ مضمون جي اھڙي ڀڃڻي يعني ڊيڪنسٽرڪشن سنڌيءَ ۾ يا ته حسين ڪپري ڪري سگھي ٿو يا ڊاڪٽر محمد خان سانگي ڪري سگھي ٿو.
حسين ڪپريءَ به حفيظ ڪنڀر جيان سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊيپارٽمنٽ جو پڙھيل ڳڙھيل ليکڪ آھي. جتان ٻيا به ڪيترائي سنجيده ليکڪ اڀريا آھن. ان جو شايد ھڪڙو سبب اھو به آھي ته انگريزي ڊپارٽمنٽ ۾ جيڪو ٻاھريون ادب پڙھايو ٿو وڃي، ان سان پڙھندڙن ۽ پاڙھيندڙن جي سوچ وسيع ٿي ٿي وڃي. منجھس لقائن کي سمجھڻ جي حس وڏي ٿي ٿي وڃي، فڪر جا رستا کلي ٿا وڃن. ايئن حسين ڪپريءَ جي لکڻين ۾ عالمي ادب جون جھلڪيون به ملنديون ته يوناني ڏندڪٿائن جا قصا به ھوندا ته فارسيءَ جا شعر يا انگريزي پهاڪا يا سنڌيءَ جون چوڻيون به ھونديون. انگريزي ڊپارٽمنٽ ۾ ھن وقت ادبي ھائبرڊ ۽ وِٽي جيڪڏھن ڪو ماڻھو آھي ته اھو ڊاڪٽر محمد خان سانگي آھي، جنھن کي انگريزي ادب سان گڏ اردو ادب ۽ شعر تي به ايتري ئي دسترس آھي جيتري اردو جي ڪنھن تنقيدي دانشور وٽ ھجي. جيتوڻيڪ هن ڊپارٽمنٽ ڪيترائي استاد ديو مالائي ڪردار رکندڙ رهيا آهن. اھا ساڳي صلاحيت حسين ڪپري وٽ به آھي ۽ بدرجه اتم آھي پر فرق ايترو آھي ته ڊاڪٽر سانگي لکي ڪونه ٿو پر ڳالھين ڳالھين ۾ اھو سڄو مزاح ايئن ٿو واري ڇڏي جو ماڻھو سنگت ۾ ڪڏھن به بور نه ٿئي. پر جي سانگي صاحب سان گڏ سعيد منگي ۽ نعمت اللھ خلجي ھجن ته پئون ٻارھن ٿي وڃن ٿا. ايئن حسين ڪپريءَ جي ڪتاب ۾ مزاح جي حس ايتري سنجيده ۽ گھري آھي جيتري مشتاق احمد يوسفي، پطرس بخاري يا ٻيا اردو جا مزاح نگار آھن. پاڻ وٽ علي احمد بروھي جھڙا يگانا ليکڪ به مزاح جي حوالي سان رھيا آھن.
حسين ڪپريءَ جو ھي (شايد) ٽيون ڪتاب آھي جنھن ۾ خوبصورت نثر ايئن آھي جيئن سھڻي سجايل باغ ۾ گل ۽ پوپٽ آھن. جنھن کي پڙھڻ سان دل باغ بھار ته ٿئي ٿي پر عقل جون به کڙڪيون کُلي پون ٿيون. آنٽلاجيڪل حقيقتون جيڪي سماجي حقيقت نگاريءَ جو اولڙو آھن جن ۾ مزاح به آھي ته شاندار طرح اظھاريل فقرا به آھن. جھڙوڪ “ھاڻي وڃي احساس ٿيو ته جيڪو اسان کي کپيو ٿي سو ھن وٽ رھيو ڪونھي. اڳي جڏھن ناز مان نڪري پرين پنڌ ڪندو ھو ته سڄي دنيا جي شاعري ياد اچي ويندي ھئي، ھاڻ ھن جي چال ۾ جتي جو گِسڪو به ٻڌڻ ۾ پيو اچي ٿو!” سنجيدگيءَ ۾ به اھڙو مزاحي انداز بلڪل من موھيندڙ آھي جنھن کي پڙھندي ھر پرھندڙ کي ڄڻ ھلڪڙي چھنڊڙي لڳندي ھجي، ڄڻ ھر ڪنھن کي پنھنجو اولڙو نظر ايندو ھجي. مزاح ۾ به ھيتري سنجيدگي ۽ حقيقت نگاري نثري ادب جو ڪمال لڳي ٿو. ايئن زماني جون حقيقتون لکندي حسين ڪپري کلندي کلندي اھڙيون ڳالھيون ڪندو جيڪي ڄڻ دل سان لڳنديون ھجن. انھن مضمونن ۾ “ڪچھريون قائم” ۾ لکي ٿو “ڪم واري ٽائيم تي سڀ نيٽ ورڪ بزي مصروف ھوندا آھن، ڇو ته ان وقت خواتين پاڻ ۾ ڪچھريون ڪنديون آھن. فون تي سندن گفتگو، “ادي تو اڄ ڇا پچايو آھي؟” کان شروع ٿيندي آھي، پوءِ دنيا جي ھر موضوع تي ڳالھائيندي، پھاڄن، سيڻن، سھريجن جون گلائون، ھر پندرنھن منٽن کان پوءِ ھڪٻئي کي ياد ڏيارينديون آھن ته صفا واندڪائي ڪونھي گھر جو سڄو ڪم رليو پيو آھي!”
حسين ڪپريءَ جي ڪتاب ۾ موجود سمورا مضمون اھڙا آھن، جن جي سنجيده ۽ مزاحيه پاسن تي بھترين لکي ۽ ڳالھائي سگھجي ٿو ڇو ته سندن ھر مضمون ڄڻ ته پنھنجي عنوان جي ڊيڪنسٽرڪشن آھن. ان ڪري شروعات ڪريون ٿا “ڪوڙ وڏو ڏوھاري آھي ” کان. سچ وڏو ڏوهاري آهي، اهو ته سڀ ڪي ڄاڻن ٿا ڇو ته سچ وڏو ڏوهاري آهي وارو ڊسڪورس شيخ اياز جي نظم کان پوءِ ايڏو عام ٿي ويو جو ماڻهن ڄڻ ته لٽرلي اهو سمجهي ورتو ته واقعي ايئن ۽ ايئن آهي به سهي پر اهو هڪڙو پيراڊاڪس آهي. جڏهن ته ڪوڙ وڏو ڏوهاري آهي، اهو لٽرل سينس ۾ آهي ۽ ان جي ردتشڪيل حسين ڪپري ڏاڍي سٺي ۽ سهڻي انداز ۾ ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي کي گاڏيءَ جي ٻن ڦيٿن جيان گڏ هلائڻ واري جرڳي جي ڳالهه ڪئي آهي. جيتوڻيڪ سچ ۽ ڪوڙ زال مڙس نه آهن.
(ھلندڙ)