ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٽڪراءُ ڪنهن جي به حق ۾ ناهي

Editorial

هن وقت جڏهن ملڪ ۾ معاشي صورتحال تمام گهڻي سنگين آهي، ٿيڻ ته هيئن گهرجي ته سياسي بحران پيدا ٿيڻ کان پاڻ کي بچايو وڃي پر ملڪ ۾ سياسي بحران ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي. تازي صورتحال اها آهي جو پي ٽي آ جو لانگ مارچ شروع ٿي چڪو آهي. اسلام آباد پوليس پي ٽي آئي جي لانگ مارچ دوران سيڪيورٽي جي انتظامن جي تياري مڪمل ڪري ورتي. پوليس پاران جاري نوٽيس موجب لانگ مارچ لاءِ 13 هزار 86 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ٻه ڊي آئي جي، 4 ايس ايس پي 11 ايس پي نگراني ڪندا ۽ 30 اي ايس پي ۽ ڊي ايس پي مقرر ڪيا ويندا. پوليس ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس جي گڏيل طور تي 4 هزار 190 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر هوندا. جڏهن ته 4 هزار 265 ايف سي، 3 هزار 600 ريجرز ۽ سنڌ پوليس جا هڪ هزار 22 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر هوندا. وڌيڪ تيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 616 آڻيندڙ گيس گن ۽ 50 هزار شيل 611 ٻارنهن بور گن ۽ 36 هزار 700 رائونڊ فراهم ڪيا ويا آهن. هوڏانهن اسلام آباد پوليس 4 آڪٽوبر تي وفاقي گادي واري هنڌ پهچڻ واري پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران ضابطي اخلاق بابت پنهنجي آفيسرن کي هدايت جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ مظاهرين تي سڌوسنئون ڳوڙها آڻيندڙ گئس فائر نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي هدايت موجب فرنٽ لائن تي مقرر آفيسر اين ٽي رائٽ گيئر پاتل هوندا. جڏهن ته مناسب گيئر کان بغير اهلڪارن کي مظاهرين کان پري رکيو ويندو. اهڙي طرح لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ مقرر پوليس اهلڪار غير واسطيدر هوندا، انهن کي صرف لٺيون رکڻ جي اجازت هوندي. پوليس اهلڪارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته لاٺي چارج جي صورت ۾ مظاهرين جسم جي مٿئين حصي ۾ مارڻ کان پرهيز ڪيو وڃي ۽ مظاهرين کان پٿراءُ جي صورت ۾ اضافي شيلڊ جو موثر طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. ٻئي طرف گهرو وزير پي ٽي آئي لانگ مارچ کان اڳ سرڪاري ملازمن لاءِ ميمورينڊم جاري ڪندي واضح چيو ته ملڪ جي آئين ۽ قانون کي ڪنهن کي به هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. 26 آڪٽوبر تي جاري ٿيندڙ ميمورينڊم ۾ چيو ويو ته لاڳاپن کي هموار ڪرڻ لاءِ واسطيدار آئيني قلم هڻڻ گهرجن. چيو ويو ته احتجاج جو هڪ طريقيڪار هجڻ گهرجي جيئن آئين ۾ درج ۽ سپريم ڪورٽ جي مختلف فيصلن ۾ بيان ڪيو ويو آهي چيو ويو آهي ته اهو يقيني بنائڻ ايترو ئي ضروري آهي ته ڪنهن به سرڪاري ملازم کي اهڙي ڪنهن احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. گذريل ڏينهن گهرو وزير چيو هو ته هاڻي هڪ اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ لانگ مارچ بابت سيڪيورٽِ جو جائزو ورتو ويو. پي ٽي آئي جي درخواست جو به جائزو ورتوپيو وڃي. جيڪڏهن اسلام آباد پوليس ان جي درخواست کان مطمئن ٿي ته پي ٽي آئي کي ان جي مقرر تاريخ کان ٻه ڏينهن اڳ مقرر ٿيل جڳهه تي جلسي جي اجازت ڏني ويندي.
ٻئي پاسي وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله لانگ مارچ جي پهرين ڏينهن چيو ته عمران خان ادارن جي آفيسرن کي پنهنجي هدف ۾ ورتو آهي. اعظم سواتي ايف آ اي تي الزام هنيو آهي ته کيس گرفتار ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪيو ويو، جن مٿس تشدد ڪيو. فوجي آفيسرن سميت ڪنهن به کاتي جنهن تي تنقيد ۽ الزام هجن اهي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن ٿا ۽ جڏهن به ضرورت پوي فوجي آفيسرن کي اهڙي آگاهي عوام کي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن قانون موجب پرامن احتجاج ڪيو ته اجازت هوندي.
اسان سمجهون ٿا ته ٽڪرا ڪنهن جي به حق ۾ ناهي. سمورين ڌرين کي ويهي معاملا افهام تفهيم سان حل ڪرڻ گهرجن. معاشي حالتن جي به اهائي گهرج آهي ته معاملن کي ٽڪرا ڏانهن وڌڻ کان روڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button