شوبز

صبور علي مڙس سان بولڊ تصويرن تان چٿرن جو نشانو بڻجي وئي

پاڪستاني اداڪارا صبور علي مڙس علي انصاري سان گڏ بولڊ تصويرن تان چٿرن جو نشانو بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق صبور علي پرڏيهه ۾ سير دوران مڙس علي سان گڏ ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، جيڪي ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي ويون آهن. جڏهن تھ تصويرن ۾ صبور ۽ علي انصاري جي نامناسب انداز کي ڏسي مداح ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويا، جن مٿن ڇتي تنقيد پڻ ڪئي آهي. هوڏانهن تصويرن جي ڪيپشن ۾ صبور اهو انداز پيار قرار ڏنو آهي. جڏهن تھ مداحن ان کي نامناسب چئي احتياط ڪرڻ جي نصيحت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button