آمريڪي دفاع واري کاتي چين جي وڌندڙ ائٽمي صلاحيت تي پنهنجي گذريل سال جي ڪاٿي تي نظرثاني ڪندي چيو آهي ته 2030ع تائين چين جي هٿيارخاني ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ائٽمي هٿيار هوندا، جن سان پري مار ميزائلن ۽ بمبارن ذريعي زمين تي ڪٿي به نشانو بڻائي سگهبو. جيتوڻيڪ هن وقت آمريڪا وٽ ساڍن 3 هزارن جي لڳ ڀڳ ائٽمي وار هيڊ موجود آهن، ان هوندي به پنهنجي مقابلي ۾ چين جي هڪ ڀاڱي 4 ائٽمي قوت تي ان ڪري ڳڻتي آهي جو چين جي نيت ڪهڙي آهي. اهو آخر ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاهي ۽ ڇا ڪرڻ چاهي ٿو. پينٽاگان کي اهو به اندازو آهي ته هٿيار ۽ تربيتي معيار کي جنهن تيزي سان بهتر بڻايو پيو وڃي، ان سبب 2050ع تائين چين عسڪري اعتبار کان آمريڪا برابر ٿي ويندو.
جيتوڻيڪ روس وٽ چين کان وڌيڪ ائٽمي وار هيڊز آهن، پر آمريڪا کي روس جي باري ۾ ان قدر ڳڻتي ڪانهي. سڌو سنئون سبب اهو آهي ته چين رڳو اڀرندڙ فوجي طاقت ڪونهي، پر ايندڙ 30 سالن ۾ اقتصادي طاقت جي اعتبار کان آمريڪا کي به پويان ڇڏي سگهي ٿو ۽ ان دعويٰ جي تصديق هر ساکائتي عالمي مالياتي ۽ عسڪري ادارو ڪري رهيو آهي. روس جي ڌيان جو مرڪز اڳوڻيون سوويت رياستون آهن، جيڪڏهن روس انهن رياستن کي پنهنجي عسڪري قوت وسيلي دٻائي به وٺي، ته آمريڪي ۽ مغربي گلوب مفاد کي في الحال سڌي ريت ڪو خطرو ڪونهي. هونئن به اولهه ۽ روس تاريخي اعتبار کان هڪٻئي جي قومي ۽ علائقائي نفسيات کان چڱي ريت واقف آهن. البت چين ان اعتبار کان اڄ به اولهه لا هڪ ڳجهارت آهي.
پر چين جيڪڏهن ايندڙ هڪ ڏيڍ ڏهاڪي ۾ آمريڪي دفاعي قوت جي مقابلي ۾ اڌ به حاصل ڪري وٺي ته ڏکڻ چيني سمنڊ جي آمريڪي نواز ملڪن (ڏکڻ ڪوريا، جاپان، فلپين، انڊونيشيا ۽ آسٽريليا) چين جاگرافيائي سهولت سبب سڌي ريت چئلينج ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته آمريڪا کي ان جو توڙ ڪڍڻ لا هڪ ۽ 3 جي تناسب سان پنهنجي بحري، زميني ۽ هوائي فوجن کي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ متحرڪ ڪرڻو پوندو.
آمريڪي دفاعي ساک کي هن وقت سڀ کان وڏو نفيساتي خطرو اهو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ پنجن سالن ۾ چين جي ساحل کان تقريبن چار ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع تائيوان سان ملائڻ لا پنهنجي فقط چوٿون حصو فوجي قوت به اوڏانهن لڳائي ته ڇا آمريڪا ۽ ان جا ايشيا بحر الڪاهل جا اتحادي تائيوان کي بچائڻ لا پاڻ کي تباهه ڪندڙ غير حتمي حامل نتيجن جي جنگ ۾ وجهڻ جي همت ڪندا. تائيوان هٿ مان وڃڻ جو مطلب آمريڪا جي سپر پاور حيثيت جو باضابطا خاتمو ٿي ويو. ان بحران جي نتيجي ۾ اقتصادي ڀونچال ايندو، ان ۾ ڪهڙو اهڙو اتحادي بچندو ۽ ڪهڙو ٻڏندو. ان باري ۾ ڪو به حتمي اندازو ويڙهه شروع ٿيندي ئي ٿي ويندو.
پر چين جيڪو هن وقت عالمي فيڪٽري آهي، فقط هڪ جزيري لا وڌندڙ قومپرستي جي جذبي کي بي لغام ڇڏي سگهي ٿو. چيني عسڪري نظريي ساز سن زو بقول اصل تدبر اهو آهي ته جنگ هٿيار کڻڻ کانسوا کٽي وٺجي. نه ته بربادي گڏيل ٿيندي آهي ۽ امن جي قيمت کٽيندڙ به برداشت نٿو ڪري سگهي. ڄڻ سڄي راند دهشت جي توازن جو ماهراڻي انداز ۾ استعمال ۾ لڪيل آهي. 45 سالن تائين جاري رهندڙ سوويت – آمريڪا سرد جنگ ان جو هڪ مثال آهي. ان ۾ سڌي ريت ٽڪرائڻ کانسوا هڪ سپر پاور ٻئي سپر پاور کي فقط پنهنجي اقتصادي وسيلن جي طاقت سان چيلهه ٽوڙ مقابلي ۾ گهلي هارائي ڇڏيو. ٻي سرد جنگ ۾ ترپ جو اقتصادي پتو آمريڪا بدران چين جي هٿ ۾ آهي ۽ ڪهڙي پتي کي ڪڏهن ڪڍي ۽ ڪهڙا ٿوري ۽ گهڻي وقت وارا نتيجا حاصل ڪرڻا آهن، ان بابت اڍائي هزار سالن جي تسلسلي تجربي سان مالا مال مڊل ڪنگڊم (چين) سوا ٻه سئو سالن کان وجود پذير آمريڪا کان تاريخي ۽ جاگرافيائي اعتبار کان ڪئين ڀيرا اڳيان آهي.
چينين کي مستقبل جي ڪابه جنگ کٽڻ لا آمريڪا تي جسماني چڙهائي يا حملي جي ضرورت ڪونهي. انهن کي بس ڪرڻو اهو آهي ته دشمن کي پنهنجي ميدان ۾ سڏائي ڦاسائڻو آهي، ائين ڪرڻ لا چين وٽ ڪئين اسٽريٽجڪ اڪا موجود آهن. ان بابت خطي ۾ هڪ اهم اڪو ڀارت آهي، آمريڪا سڌي ريت سامهون اچڻ بدران ڀارت کي چين جي مقابلي ۾ بيهارڻ لا سڀ ڪجهه ڪرڻ تي راضي آهي. چين کي ڀارت سان ڄمي وڙهڻ جي في الحال ڪا ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. چيني ٽيڪنيڪ باڪسنگ رنگ واري آهي، مخالف کي نچائي نچائي بنا ڪو ٺونشو هڻڻ جي ٿڪائي ڇڏجي. ڀارت کي ساڍا 3 هزار ڪلوميٽر طويل سرحد تي مصروف رکڻ لا چين کي رڳو هڪ چوٿون حصو فوجي طاقت سرحد جي ويجهو رکڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته دشمن کي لاڳيتو ذهني ۽ دفاعي دٻا ۾ رکڻ اصل ويڙهه کان به وڌيڪ ماريندڙ ثابت ٿئي ٿو.
ڀارت کي دٻا ۾ رکڻ لا چين جي حڪمت عملي ان اصول تي ٻڌل آهي ته سڌي ريت ڇرو هڻڻ يا آمهون سامهون وڙهڻ بدران سڄي جسم تي هلڪا ڪٽ هڻندا رهو. آهستي آهستي رت ٽمندو رهندو ۽ آخر ۾ دشمن گهٻراهٽ يا خوف سبب ڪا نه ڪا اهڙي غلطي ضرور ڪندو، جو ان کي شهه ۽ مات ٿي ويندي. ٻي ترڪيب اها آهي ته ڏيکاريو ساڄو ۽ هڻو کاٻو.
چين ڀارت کي نفسياتي دٻا ۾ رکڻ لا سرحد سان گڏوگڏ پڪو انفرااسٽرڪچر تعمير ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ته جيئن ڀارت کي ڪنهن به ڀرپور حملي جي خدشي ۾ کڙين ڀر رکيو وڃي. پر گذريل سال ان انفرااسٽرڪچر جي استعمال جي نوبت نه آئي. پر چين مارشل آرٽ جي ماهر نوجوانن کي سرحد تي پهچايو ۽ آمهون سامهون ويڙهه ۾ بنا هٿيار استعمال ڪرڻ جي 20 ڀارتي فوجين کي ماري ڇڏيو، پر دهلي ۾ انهن 20 فوجين جي موت جو نفسياتي اثر 20 هزار مئل ماڻهن جي لڳ ڀڳ محسوس ڪيو ويو. تنهنڪري ڀارت نه چاهيندي به پنهنجي خزاني جو رخ جوابي انفرااسٽرڪچر، روڊن ۽ سرنگهن جي اڏاوت تي لڳائي ڇڏيو.
جيڪڏهن سادي رياضي جي روشني ۾ ان گيم کي ڏٺو وڃي ته ڪوئي ٻلي جي دلچسپ راند آهي. مثال طور فرض ڪريو چين وٽ هڪ هزار روپئي جي بجيٽ آهي، جنهن مان 100 روپيا ان دفاعي انفرا اسٽرڪچر جي تعمير تي خرچ ڪيا، يعني هڪ هزار روپئي جو 10 سيڪڙو. ڀارت وٽ چين جي اقتصادي طاقت جي ڀيٽ ۾ 400 روپيا آهن ۽ ان مان به هن 400 مان 100 روپيا دفاعي اسٽرڪچر تي لڳائي ڇڏيا، يعني چين جيڪو هدف 10 سيڪڙو خرچي مان حاصل ڪيو، اهو ئي هدف حاصل ڪرڻ لا ڀارت کي 25 سيڪڙو بجيٽ خرچ ڪرڻي پئي. هاڻي رياضي جي انهي راند کي جيڪڏهن هٿيارن جي لاڳيتي ڊوڙ جي نقطه نظر سان ڏسجي ته توهين پاڻ اندازو ڪريو ته انهي ڊوڙ ۾ سڀني کان پهرين ڪير سهڪي پوندو.
ته ڇا هن ڏکئي وقت ۾ چين مخالف چار رڪني اتحاد (آمريڪا، آسٽريليا، جاپان، ڀارت) ڀارت جي مدد لا ايندو. ٽئي ملڪ ڀارت کي هڪ وڏي منڊي طور ڏسن ٿا، پر انهن مان ڪوبه ملڪ يا ٽئي ڀارت لا رت وهائيندڙ مجنون نه ٿيندا. اهڙو ويجهي مستقبل ۾ ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ هي راز رڳو وڏو طاقتور پاڙيسري ئي ڄاڻي سگهي ٿو ۽ ان پاڙيسري کي ڪا تڪڙ ڪانهي، ڇاڪاڻ ته دشمن هجي يا دوست سڀني کي اقتصادي مجبوري تحت چين مان اچڻ ۽ وڃڻ وارين شاهراهن تان ئي گذرڻو پوندو. انهي کي چئبو آهي اقتصاديات، تاريخ ۽ جاگرافيائي جبر.