سنڌ

جيڪب آباد ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جو پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج

جيڪب آباد ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن پيٽرول جي وڌندڙ اگهن خلاف ٽيڪي اسٽينڊ سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊرائيورن حاجي پرويز، سھڻو مندراڻي، ملوڪ ڪورار، منير کوسو، فياض احمد، ارشاد رند ۽ ٻين چيو ته پيٽرول اگهن ۾ ھر روز اضافي سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، صبح جو اٿڻ سان پيٽرول بم ڪرڻ جي خبر پئي آهي، جيڪب آباد ۾ 200 کان مٿي ٽيڪسي ڊرائيورن جي گهرن ۾ پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ سبب فاقاڪشي واري صورتحال آهي، ھڪ طرف عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻي پاسي پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي سبب ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهيون. ھنن چيو ته پيٽرول اگهن ۾ اضافي سبب ھر شئي مھانگي ٿي آهي، پيٽرول جون قيمتون گهٽائي عوام کي جيئڻ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button