سنڌ

ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي:مليحه سومرو

ھندو پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي سندس پٽ شيوا سيتلاڻي تي پوليس تشدد جي سلسلي ۾ وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه، لال چند سيتلاڻي جي گھر پهچي ساڻس پوليس گردي بابت ڏک ونڊي واقعي جا تفصيل ورتا. ان موقعي تي مليحه سومرو ڳالهائيندي چيو ته اقليتين جو تحفظ ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي پر جيڪب آباد ۾ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، سياسي بنيادن تي اقليتن ۽ واپارين کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو وڃي ٿو جنهن جي مذمت ڪيان ٿي. ھن چيو ته ھندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي سان ٿيندڙ پوليس گردي جو ازالو ٿيندو. ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ اقليتن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button