سنڌ

پيٽرول مهانگو ٿيڻ تي جيڪب آباد ۾ پورهيت موٽرسائيڪل کي باهه ڏيئي ڇڏي

جيڪب آباد ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف پورهيت پنهنجي موٽرسائيڪل کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. پيٽرول اگهن ۾ واڌ ٿيڻ بعد جان محمد ڪالوني واسي موٽرسائيڪل جي مستري خاوند بخش چنا پنهنجي 2015 ماڊل موٽرسائيڪل تي پيٽرول هاري باهه ڏيئي ڇڏي. پورھيت جو چوڻ آهي ته پيٽرول وٺڻ لاءِ پيٽرول پمپ تي ويس ته انهن 50 روپين جو پيٽرول ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھن چيو ته ھر روز پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب ذھني مريض بڻجي ويا آهيون. موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول وجھرايون يا ٻارڙن جو پيٽ پاليون. پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ سبب احتجاجن موٽرسائيڪل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، نه موٽرسائيڪل هوندي ۽ نه ئي وري پيٽرول وجهرائڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button