سنڌ

قمبر واقعي ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار، مک جوابدار گرفتار نه ٿيو

قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ ٻه ڏينهن اڳ قتل ٿيل عورت فهميده سيال جي قتل ۾ ملوث 6 جوابدار مان قمبر ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ڳجهي اطلاع تي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي قتل ڪيس ۾ گهربل 4 جوابدار عزيز عرف ميجر اسراڻ، تصور اسراڻ، سيف الله شاهاڻي ۽ طالب حسين لاڙ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار ايم پي اي گهنور اسراڻ جو والد غلام شهيد اسراڻ جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. پوليس جو چوڻ هو ته قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار غلام شهيد اسراڻ جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن ڪارروايون ڪري رهيا آهيون جنهن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. ان حوالي سان متاثر سيال ڌر جي غلام سرور سيال جو چوڻ ھو ته قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار گرفتار نه ٿيو ته اسان ٻيھر مين روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻنداسين ۽ قاتل جي گرفتاري ۽ انصاف جي رسائي تائين جاري رهندو. آخري اطلاعن تائين ڄاڻايل ڳوٺ ۾ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار ھئي. هوڏانهن پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ طارق انور سيال سميت ٻين سياسي اڳواڻن تڏي تي پهچي پونيئرن سان تعزيت ڪندي مڪمل سهڪار ۽ انصاف جي يقين ڌياني ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button