سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مزدور فيڊريشن جو مهانگائي خلاف احتجاجي ڌرڻو

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف لاهوري ريگيوليٽر وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي گلشير شر، عبدالعزيز عباسي، حيدر جويو، ابراهيم ڪنڌراڻي، جاويد جوڻيجو، قادر ڪڙد، زوار گوپانگ، گل ڪورائي، بخت سولنگي چيو ته ملڪ نااهل ۽ ڪرپٽ ترين حڪمرانن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جن ملڪ جو معاشي ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، عمران خان جيڪي عوام سان واعدا ڪيا هئا، اهي سڀ ڪوڙا نڪتا، حڪومت مهانگائي ڪري پورهيتن جو رت چوسي رهي آهي، رليف بجاءِ عوام کي رڳو تڪليفون ڏنيون پيون وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ حڪومت مهانگائي ڏي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم نه پئي ڪري. سنڌ حڪومت مزدورن جي اجرت 25 هزار مقرر ڪئي پر ان تي عمل نه پيو ڪرايو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پيٽرول، کاڌي پيتي جي شين سميت بنيادي ضروري شين جون قيمتون گهٽ ڪري مهانگائي ختم ڪئي وڃي، ڪارخانن مان مزدورن کي نيڪالي ڏيڻ وارو عمل روڪي بيروزگاري ختم ڪئي وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button