سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ترقياتي ڪم ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي يوسي 7 وارڊ نمبر 4 جي اختر ڪالوني، ناصر ڪالوني ۽ سڪندر ڪالوني جي رهواسين علائقي ۾ ترقياتي ڪم ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف ڀينس ڪالوني مان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شير خان بلوچ، خالد ميراڻي، غلام شبير بلوچ، منصور ٽڳڙ، روشن چنجڻي، مختيار سومرو، صاحب خان کيڙو، قمرالدين ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته يوسي 7 وارڊ نمبر 4 جي اختر ڪالوني، ناصر ڪالوني ۽ سڪندر ڪالوني ۾ ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا ويا، جڏهن ته ڪجهھ ڪم هلي رهيو هيو، جنهن کي اڌ ۾ بند ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته علائقي ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب هر گهٽي ۾ گند جا ڍير پيل آهن، جڏهن ته نالين جو گندو پاڻي گهرن اڳيان تلائن جي صورت ۾ گڏ ٿيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button