سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هائي ويز ملازمن جو چيف انجنيئر خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ويز ايمپلائيز يونين سي بي اي سنڌ پاران چيف انجنيئر سکر جي مبينا زيادتين خلاف پراونشل ڊويزن ايس اِي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.. سي بي اي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ غلام رسول ڇڄڙو، منظور احمد اهير، اياز علي، ممتاز علي چانڊيو، رجب علي کوسو، ديدار کوکر، نثار احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته چيف انجنيئر سکر محمد ايوب جوڻيجو ملازمن جو غيرقانوني بدليون ڪرڻ لڳو آهي، کاتي جي صوبائي وزير پاران ملازمن جي بدلين ۽ پوسٽگن تي مڪمل پابندي لڳايل آهي پر تنهن باوجود به چيف انجنيئر سکر ملازمن جون بدليون ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته چيف انجنيئر ملازمن جي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ هو ملازمن جي جائز ڪمن ڪارن کي پڻ نظرانداز ڪيو ويٺو آهي، جنهن عمل کي ڪنهن صورت قبول نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button