پاڪستانسنڌ

درگاهه جيوڻ شاهه جي ميلي ۾ ملاکڙي جا زبردست مقابلا

حيدرآباد جي علائقي حر ڪئمپ ۾ درگاهه جيوڻ شاهه جو ميلو جاري آهي، جنهن ۾ ملاکڙو پڻ ٿيو، پهلوانن هڪٻئي کي دسي واهه واهه ڪرائي ڇڏي، ملاکڙو ۾ مختلف شهرن کان آيل ملهه ماريندڙ پهلوانن کي خاص مهمان پ پ يوسي 66 جي صدر پاشا قاضي ٽرافي ۽ انعام ڏنا. ملاکڙي ۾ لال خان جتوئي، حسن جتوئي، مکڻ جتوئي ۽ لالا رضوان مغل سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاشا قاضي ڳالهائيندي چيو ته ملاکڙو سنڌ جي قديمي ۽ ثقافتي راند آهي، رانديون نوجوانن جي ذهني اوسر لا بهتر آهن، سنڌ سرڪار راندين جي بهتري لا پاڻ پتوڙي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button