پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ مهانگائي خلاف پ پ ش ڀ جو مظاهرو

ڊگهڙي ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن جمال شاهھ، منير لنڊ، سريش ڪمار،اشتياق راجپوت، شوڪت راجپوت ۽ محبوب لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڪوٽ غلام محمد روڊ ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جو عوام عذاب واري زندگي گهاري رهيو آهي. پئٽرول، اٽو، کنڊ ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون مهانگيون ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسيو وڃي پيو. هنن چيو ته جيڪي نالي ماتر يوٽيلٽي اسٽور کوليا ويا آهن، اهي پڻ عوام لا بي لاڀ بڻيل آهن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور ٻن ويلن جي ماني لا پريشان آهن. هنن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي منشيات جهڙي موضي مرض ۾ وڪوڙي نوجوانن کي مفلوج بڻايو ويو آهي. اڳواڻن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button