پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

ڪلوئي ۾ رڻ شاخ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن محمد عيسى لنڊ، فتع خان لنڊ، ڪامريڊ يوسف لنڊ ۽ علڻ نهڙيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن چيو ته هن وقت سب ڊويزن نئون ڪوٽ ۾ پاڻي موجود آهي، پر آبپاشي عملي جي ڪرپشن ۽ اقربا پروري سبب پاڻي وڪرو ٿي رهيو آهي، هر روز رات جو رڻ شاخ جا واٽر ٽٽي وڃن ٿا، جنهن ڪري پڇڙي ۾ پاڻي پهچڻ مشڪل آهي، اسان سڀاڻي بلوچ آباد وٽ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪنداسين، جيڪا پاڻي ملڻ تائين جاري رهندي. هوڏانهن بار بار رابطو ڪرڻ باوجود انجنيئر مٺڙائو فون نه کنئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button