پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ پ ايم پي اي ڄام اويس رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پيپلزپارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس کي عدالت ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت قتل جي شفاف جاچ لاءِ 8 رڪني جي آئي ٽي جوڙِي ڇڏي ۽ ڪميٽي کي روزاني جي بنياد تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڪالهه جمعي جي صبح ڪراچي جي ملير ڪورٽ ۾ ميمڻ ڳوٺ ۾ پرڏيهين کي شڪار کان روڪڻ تي نوجوان جي قتل ڪيس جي شنوائي ٿي، پوليس پ پ ايم پي اي ڄام اويس کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مقتول ناظم جوکيو جي وارثن ايم پي اي ڄام اويس کي نامزد ڪيو آهي، جوابدار ڄام اويس گذريل ڏينهن رضاڪاراڻي طور گرفتاري ڏني آهي، جڏهن ته پهريان کان گرفتار ڪيل 2 جوابدار حيدر ۽ ميرعلي فارم هائوس جا ملازم آهن، جوابدارن کان جاچ، ساٿين بابت ڄاڻ لاءِ رمانڊ ڏنو وڃي.

ان موقعي تي جڊيشل مئجسٽريٽ ملير ايندڙ شنوائي تي ناظم جوکيو قتل ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ايف آئي آر ۾ گهربل ايم پي اي ڄام اويس کان علاوه گرفتار ٻين ٻن جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ ڏنو ويو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button