پاڪستانسنڌ

وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد 9 ڀيرا تيل اسمن جي قيمتن ۾ واڌ ٿي

ڪراچي: وفاقي حڪومت تيل اسمن تي لڳو ليوي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، جنهن سبب قيمتون رڪارڊ سطح تي پهچي ويون، پيٽروليم ڊويزن مان جاري نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي ۾ في ليٽر 4 رپيا جو اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هاڻي پيٽرول تي ليوي وڌائي 9 رپيا 62 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 9 رپيا 14 پئسا ڪئي وئي هن کان اڳ پيٽرول تي 5 رپيا 60 پئسا جڏهن ته هاءِ اسيڊڊيزل تي 5 رپيا 14 پئسا ليوي لاڳو هئي.

ان کان سواءِ گاسليٽ تي به في ليٽر ليوي 2 رپيا 6 پئسا لڳائي وئي پر لائيٽ ڊيزل آئل تي ليوي جي شرح 0 آهي نوٽيفڪيشن مطابق پيٽروليم ليوي ۾ واڌ 5 نومبر کان عمل ۾ آندي وئي.

خيال رهي ته هلندر مالي سال جي وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان پو هن وقت تائين 9 ڀيرا تيل اسمن جون قيمتون وڌي چڪيون آهن. 15 جون کان پوءِ هن وقت تائين پيٽرول شيون ڪل 37 رپيا 26 پئسن تائين مهانگيون ڪيون ويون، ان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 37 رپيا 26 پئسا في ليٽر هاءِ اسيڊ ڊيزل في ليٽر 31 رپيا 86 پئسا مهانگو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button