ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزير اعظم جي تقرير ۾ ڪيل اعتراف

شوڪت علي جلباڻي
وزيراعظم عمران خان جي تقرير کانپوءِ جيڪي تجزيه ٿي رهيا آهن انهن مان ڪي تجزيه نگار خوبيون پيا ڳولين ته ڪي وري خاميون پيا ڳولين. ڪن کي لڳي ٿو ته وزيراعظم جي تقرير اقتدار ۾ هجڻ واري وزيراعظم جي تقرير گهٽ پر بيوس ۽ لاچار شخص جي تقرير وڌيڪ هئي، منهنجي نظر ۾ وزيراعظم عمران خان جي هي پنهنجي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ وارين تقريرن کان بلڪل مختلف ۽ اقرارنامو هو، انهن سڀني وعدن کي پوري نه ڪرڻ جو اقرار هو ۽ وزيراعظم ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ضعيف اقتدار لاءِ عوام مان همدردي حاصل ڪجي.
وزيراعظم اقرار ڪري چڪو ته گيهه، اٽي، دالين توڙي تيل جون قيمتون عوام جي پهچ کان ٻاهر آهن. ان ڪري قوم لاءِ 120 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو ويو، جيڪو 22 ڪروڙ ماڻهن مان فقط 2 ڪروڙ ماڻهن لاءِ آهي. سادگي سان جيڪڏهن 200 ارب روپين کي 2 ڪروڙ ماڻهن ۾ ورهائجي ته هر هڪ فرد کي ماهوار 1000 روپيا جو رليف ڏنو ويو آهي، جيڪو ڇهن مهينن تائين ڏنو ويندو. هڪ طرف پيڪيج جو اعلان ٿيو ته ٻئي طرف ڪالهه ئي کائڻ پيئڻ وارين شين کان وٺي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم عوام کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون ٻيڻيون ٿي چڪيون آهن پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن اهڙي صورتحال ۾ به قيمتن کي نه رڳو پاڙيسڙي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ۾ رکيو پر سستو تيل به ڏنو. وزيراعظم هندستان ۾ ملندڙ ڀارتي روپئي ۾ 107 روپين واري لٽر جي قيمت کي پاڪستاني روپين ۾ تبديل ڪري ٻڌايو ته هندستان ۾ 250 روپيا (پاڪستاني) في ليٽر پئٽرول ملي رهيو آهي، جڏهن ته بنگلاديش ۾ ملندڙ 89 بنگالي ٽڪن وارو ليٽر پاڪستاني 200 روپين ۾ فروخت ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عوام کي هندستان ۽ بنگلاديش ۾ ملندڙ تيل جي قيمتن جو ته ٻڌايو پر اهو نه ٻڌايو ته روپئي جو قدر ڀارتي ڪرنسي ۽ بنگالي ڪرنسي کان ڪيتري گهٽ ٿي آهي ۽ اهي ڪهڙا ڪارڻ هئا جن جي ڪري وزيراعظم جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪي روپئي جي قدر ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي ٿي رهي آهي. پهرين ته وزيراعظم کي پنهنجو موقف ياد نه رهيو هوندو ته جڏهن ملڪ مان ڊالرن کي غيرقانوني طريقي سان موڪليو ويندو هو ۽ ملڪ تي ٻن وڏن مني لانڊرن جي حڪومت هئي، ان ڪري ملڪي ڪرنسي جو قدر گهٽ ٿيندو رهيو پر هن وقت اقتدار ۾ اها جماعت آهي جنهن جي نالي کان وٺي منشور ۾ صرف انصاف جي صبح شام ڳالهه ٿيندي هئي، ان ڪري روپئي جي قدر جو ڪڏهن ڪووڊ جي ڪري ڪرڻ ۽ ڪڏهن وري افغانستان ۾ ٿيندڙ صورتحال جي ڪري، ڪرڻ سراسر انتظامي ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي.
عمران خان مخالف ڌر تي مني لانڊرنگ جا الزام هڻندو رهيو ۽ ڪنٽينرن تي چڙهي عوام کي سمجهايو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڊالر کي غير قانوني طور اسمگل ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ حڪمران ملوث هوندا آهن. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ مان 65 لک ڊالر افغانستان غيرقانوني طور اسمگل ڪيا ويا.
اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته وزيراعظم توڙي سندس ڪابينا بار بار هندستان ۽ بنگلاديش جا مثال ڏئي تيل توڙي کائڻ پيئڻ وارين شين جي اگهن کي عوام کي ٻڌائي عوام ته ٿورو جتائين ٿا ته جيڪڏهن ملڪ ۾ 250 يا 200 روپين ۾ تيل ملي ها ته سوچيو ڪيڏي مهانگائي ٿئي ها. هڪ ته آئون ان ڳالهه کي سمجهه کان ئي ٻاهر سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اسان جي في ڪس آمدني هندستاني ۽ بنگالي ڪرنسي جي ڀيٽ ڪري ڏني وڃي ته پوءِ يقينن انهن ملڪن جي اگهن کي پاڪستان ۾ ٻڌائي سگهجي ٿو ته ڏسو پاڪستاني حڪمرانن عوام کي ڪيترو هولڊ بٽڻ تي رکيو آهي، هولڊ بٽڻ به اهڙو جنهن جو نه سر نه پير، پر ڏسجي ته خبر پوندي ته هي راند فقط انگن اکرن ۾ منجهائي عوام کان همدردي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي عوام لاءِ درد ڏيکارڻ جو ڊرامو آهي. مثال طور اهو چيو ٿو ته وڃي ته پاڙيسڙي ملڪن ۾ تيل جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي ۽ کاڄرين شين جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جولاءِ 2018ع ۾ هندستان جي ميٽرو شهرن ۾ پيٽرول جي قيمت 76 کان 83 هندستاني روپين ۾ هئي ۽ پاڪستان ۾ 113 روپين ۾ لٽر هو. هندستاني روپين کي ان وقت جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن پاڪستاني روپين سان ڀيٽيو وڃي ته 142 روپين کان 155 روپين ۾ ملي رهيو هو، جڏهن ته ان وقت هندستان ۾ ڊالر جي قيمت 68 ڏهائي 74 روپيا هئي ۽ پاڪستان ۾ ڊالر 128 ڏهائي 50 روپين جو هو يعني 59 ڏهائي 66 هندستاني روپيو پاڪستان کان سگهو هو. هندستان ۾ هن وقت پئٽرول 104 کان 113 هندستاني روپين تي وڪرو ٿي رهيو آهي، يعني 236 روپين کان 256 روپيا پاڪستاني روپين ۾ وڪري ٿي رهيو آهي. جولاءِ 2018ع کان هندستان ۾ ڊالر 5 ڏهائي 75 روپيا 4 نومبر 2021ع تائين مهانگو ٿيو يعني پاڪستاني فقط 13 روپيا مهانگو ٿيو ۽ تيل جي قيمت 28 روپين کان 30 روپيا تائين جي واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ جولاءِ 2018ع کان 4 نومبر 2021ع تائين ڊالر جي قيمتن ۾ 41 روپيا واڌ ٿي آهي. يعني هندستان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ٽيڻ تي وڌي وئي آهي. اهڙي ئي ريت تيل جي قيمت ۾ 27 روپيه واڌ ٿي آهي.
جيڪڏهن ڀيٽ ڪجي ته هندستاني ۾ پيٽرول جي قيمتن کان وٺي ڊالر جي قيمتن جي پاڪستاني روپين ۾ تمام گهٽ واڌ ٿي آهي ۽ فقط انگن اکرن ۾ منجهائي اسان کي اهو سمجهايو ٿو وڃي ته حڪمرانن اسان تي پاڙيسڙي ملڪن کان تمام گهٽ وزن رکيو آهي. ساڳي صورتحال بنگلاديش جي به آهي پر سمجهڻ لاءِ هندستان جو مثال ئي ڪافي آهي.
وزيراعظم جي تقرير کانپوءِ تحريڪ انصاف جي دفاع لا، بوٽ ٽيبل تي رکي ڳالهائڻ واري هڪ سينيٽر ٽي وي ويهي مڃيو ته قيمتن کي ڪنٽرول نه ڪرڻ ۾ انتظامي ڪوتاهيون ٿيون آهن پر جيڪڏهن اسان ڪوتاهيون ڪيون آهن ته پوئين حڪومتن ڪهڙيون کير جون نديون واهي ڇڏيون هيون. هڪ عجيب منطق پيش ڪندي موصوف چيو ته جيڪڏهن مون هڪ جڳهه کي هڪ لک روپين ۾ خريد ڪيو ۽ 20 سالن کانپوءِ ان جي قيمت 1 ڪروڙ روپيا ٿي وڃي ٿي ته عوام اهو فائدو ته حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر 20 سال پهرئين جي قيمت تي عوام کي پئٽرول ۽ ماني نه ٿا ڏيئي سگهون. مان حيران آهيان ته معزز اينڪر موصوف کي اهو پڻ نه سمجهائي سگهيو ته جيڪڏهن جنهن روپئي جي قدر تي اها جڳهه خريد ڪئي ويئي ۽ ويهن سالن کانپوءِ اوهان پنهنجي روپئي جو قدر ايترو ڪيرائي ڇڏيو جو اتي قيمتن جو وڌي وڃڻ ئي لازمي هوندو آهي.
وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ پاڙيسڙي ملڪن جي في ڪس آمدني جو ذڪر هرگز نه ڪيو پر ماڻهن جي قوت خريد وڌي وڃڻ جي ڀيٽ ڪئي ته ملڪ ۾ رڪارڊ سطح تي موٽرسائيڪلون ۽ ٽريڪٽرن جو وڪرو ٿيو آهي. خبر ناهي وزيراعظم موٽر سائيڪلن جي انگن اکرن ۽ ٽريڪٽرن جي وڪري کي ملڪي ترقي سان ڪيئن جوڙي رهيو آهي. زميني حقيقت ته اها آهي ته عوامي سواري کي في ڪس آمدني جي مد ۾ ٽن سالن ۾ ساڍا چار هزار روپيا واڌ ڪري 50 سيڪڙو مهانگي ڪئي وئي آهي. اها به حقيقت آهي ته سرئي ۽ سيمينٽ کان وٺي حياتي بچائڻ وارين دوائن ۾ 50 سيڪڙو کان 400 سيڪڙو تائين واڌ ڪري، جيڪڏهن عوام کي فقط مخصوص شين تي سبسڊي جي نالي تي 30 سيڪڙو رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ٿو وڃي ته يقينن عوام لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي خوشخبري ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
وزيراعظم جي تقرير ۾ عوام لاءِ پيئٽرول جي قيمتن کي وڌائڻ وارو اشارو ته هو ئي پر پاڪستاني تاريخ ۾ هي واقعي پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ملڪ جو وزيراعظم عوام کي پنهنجي خطاب ۾ آگاهه پيو ڪري ته هن سال سياري ۾ گئس جي کوٽ ٿيندي ۽ اڳئين سال ان کان به وڌيڪ ٿيندي. هڪ اينڪر تحقيقي انگن اکرن سان گذريل ڇهن مهينن کان گئس جي مهانگي خريد توڙي وقت تي آڇ نه گهرائڻ لاءِ پاور ۽ انرجي واري وزارت ۾ ڪوتاهين ۽ اختلافن توڙي گئس جي عدم دستيابي لاءِ رڙيون ڪري رهيو هو پر وفاقي وزير حماد اظهر هن جي پروگرام ۾ گذريل مهيني ئي چيو هو ته ملڪ ۾ گئس جي ڪا کوٽ ڪانه ٿيندي نه ئي ڪا کوٽ آهي. هن شاهزيب خانزده جي ريسرچ کي هڪ جملي ۾ ويڙهي چيو هو ته ملڪ ۾ صرف شاهزيب خانزده جو ئي پروگرام ناهي جو آئون اتي اچي جوابده ٿيان. هي آهي ملڪ ۾ سنجيده حڪمرانن جو ٽولو جيڪو عوام کي بحرانن جون خوشخبريون ٻڌائيندو رهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button