غير درجه بندي

مهانگو پيٽرول ۽ اڻ لڀ کنڊ

ايڊيٽوريل

عمران خان جڏهن عوام سان خطاب ڪندو آهي ته اها ڳالهه طئي هوندي آهي ته هو پنهنجي خطاب ۾ ڪابه خوشخبري نه ٻڌائيندو بلڪه عوام جي مٿان مهانگائي جو بار وجهندو ۽ ان کانسوا هو عوام کي چوندو ته اوهان کي گهٻرائڻ جي ضرورت ڪانهي. عمران خان گذريل ساڍن ٽن سالن کان حڪومت ۾ آهي، پر اڄ ڏينهن تائين به سندس حڪومت رڳو پراڻين حڪومتن جو ذڪر پئي ڪندي آهي ته انهن جي ڪري سڀڪجهه ٿيو آهي، جڏهن ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو دور گذري چڪو آهي. عمران خان کي اقتدار مليو ئي ان ڪري هو ته جيڪي ڪجهه اڳوڻيون حڪومت نه ڪري سگهيون، اهو عمران خان ڪري ڏيکاري. بقول سندس جيڪڏهن ملڪي معيشت بهتر نه ملي ته کيس معيشت کي پيرن تي بيهارڻ گهرجي. جيڪڏهن ملڪ قرضن ۾ ٻڏل هو ته هو قرض وٺڻ جو سلسلو بند 7 ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي هئي ته ان مهانگائي کي ختم ڪرڻ لا هو ڪو پيڪيج تيار ڪري. پر عمران خان سرڪار اهڙو ڪجهه به نه ڪيو بلڪه هن ته اڳيون سوجهرو به چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اڃا ڪالهه ئي پيٽرول هڪ ڀيرو وري مهانگو ڪيو آهي. کنڊ ايتري مهانگي ٿي وئي آهي جو اها اڻلڀ ٿي وئي آهي.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب سمورن حڪومتي اپائن باوجود ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت مسلسل وڌي رهي آهي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ في ڪلو کنڊ 150 رپين تائين پهچي وئي آهي. پشاور جي هول سيل مارڪيٽ ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت ۾ 8 رپيا واڌ ٿي وئي آهي. شگر ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر موجب هول سيل ۾ کنڊ 140 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته کنڊ جي ريٽيل قيمت 145 کان 150 رپيا في ڪلو تائين ٿي وئي آهي. مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته هولسيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 9 رپيا في ڪلو اضافو ٿي ويو آهي، اڪبري منڊي ۾ کنڊ جي قيمت 135 رپيا ٿي وئي آهي ۽ ريزڪي مارڪيٽ ۾ کنڊ 140 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. لاهور ۾ اربع ڏينهن هولسيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت 126 رپيا في ڪلو هئي ۽ ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته کنڊ جا ڊيلرز ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ لا مصنوعي کوٽ پيدا ڪري اگهه وڌائي ڇڏيا آهن ۽ ريزڪي دڪانن تي کنڊ 140 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي اچي وئي ۽ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 136 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 130 رپيا ڪلو هئي، ٻن هفتن ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 38 رپيا في ڪلو وڌي چڪي آهي. ايڪس مل قيمت ۾ واڌ سان هول سيل ۾ کنڊ جي قيمت 138 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي ۽ ريزڪي سطح تي کنڊ جي قيمت جي واڌ نئين خريداري تي منتقل ٿيندي. ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ به کنڊ جي قيمت ۾ اضافي کانپو 150 رپين تائين پهچي وئي آهي. عمران خان عوام کي ٻين ملڪن سان ڀيٽي اهو ٻڌائي ٿو ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي، پر اها به سندس غلط بياني آهي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي خطاب ۾ جيڪي انگ اکر پيش ڪيا سي سڀ غلط هئا. ان کانسوا عوام جو ان سان ڪو واسطو ناهي ته پاڙيسري ملڪن ۾ کنڊ يا پيٽرول ڪيترو مهانگو يا سستو آهي. ان کي پنهنجي گهر جي راشن ۾ شيون سستون کپن. پر عمران خان جو زور رڳو ان ڳالهه تي آهي ته اڳوڻيون حڪومتون ڪرپٽ هيون.
اسين سمجهون ٿا ته ڪنهن به حڪمران جماعت لا معاملن کي بهتر ڪرڻ لا ٽي سال گهٽ نه آهن. هاڻ به جيڪڏهن پي ٽي آ حڪومت مهانگائي ڪنٽرول نٿي ڪري يا وري ڪو رليف نٿي ڏئي ته پو هن حڪومت کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته اها عوام تي حڪمراني ڪرڻ جي لائق ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button