ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شڪاري سياست جي شڪار ٿيندڙ سنڌ

ناظم جوکيو ڀوتارڪي تڪبر، غرور، بي رحمي ۽ شڪاري بگهڙن جو شڪار ٿي ويو آهي سڄي سنڌ جي عوام کي اها خبر آهي ته هن جو گناھه ڪهڙو هو ۽ هو شڪار ڪهڙن بگهڙن جو ٿيو، سنڌ جي تاريخ جو هي پهريون شهيد لکيو ويندو جنهن معصوم پکين کي شڪاري وحشت کان بچائڻ جي بي خوفي جرئت ڪئي. هن شڪارين جي ويڊيو ٺاهي وائرل ڪئي، عرب شڪارين جا سهولتڪار خوشامدي ڀوتار جيڪي ان سڄي ساري شڪار جي سهولت ڏئي رهيا هئا انهن پهريان ناظم کي ڌمڪي ڏني ته هو اها ويڊيو ڊليٽ ڪري جي ان ويڊيو ڊليٽ نه ڪئي ته پوءِ ڀوتارڪا بگهڙ وارا چنبا هن جي گريبان ڏي وڌندا.
ناظم کي اها خبر هئي ته هن سان ڇا ٿيندو، سوشل ميڊيا تي ملندڙ معلومات مان ناظم جا اهي لفظ به سنڌ جو هانءُ چيري رهيا آهن جيڪي هن ڀوتارڪي تشدد خاني ۾ شام جي وقت وحشين کي چيا ته “مون کي راتوڪي رات مهلت ڏيو ته رات مان پنهنجي نياڻي کي سيني تي سمهاري سگھان هو مون کان سواءِ ننڊ ناهي ڪندي، مان صبح جو اچي ويندس….” پر انهن جي بيهودي دماغ ۾ اهوئي ويٺل هو ته هاڻي ان جي معصوم پيار جو استعمال ڪري کيس هيسائي ان کان ويڊيو ڊليٽ ڪرائيندا پر هي به سمجھي پيو ته جيترا معصوم هن جي نياڻي ۽ سنڌ جو مستقبل آهي، اوترائي معصوم هي پکيئڙا آهن، جيڪي رنگن ۽ ٻولين ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي رنگن ۽ گيتن سان جڳ مڳائن پيا.
ناظم جي شعور ۾ ته اهو سڀ ڪجھه ويٺل هو ته هن کي اها خبر هئي ته ڌرتيءَ جو پورو حياتياتي ايڪو سسٽم جيڪڏهن نه بچندو ته انسان جو ايندڙ وقت هن ڌرتي تي جهنم ٿي ويندو، هو باشعور هجڻ جي ڪري باهمت به هو ۽ هن جي همت وحشت جي اڳيان جهڪڻ جي بجاءِ انڪار ڪيو هو، تشدد جو شڪار ٿيندو رهيو، بلڪل ايئن جيئن انقلابي باغي ظالم حڪمرانن جي عقوبت خانن ۾ تشدد جو شڪار ٿيندا آهن. هو تشدد برداشت ڪندو رهيو ۽ موت جي آغوش ۾ هلي ويو.
ناظم پنهنجي معصوم ڌيءَ کي الوداع چئي پوري سنڌ کي الوداع ڪئي، ڪروڙين پکي جن کي بچائڻ لاءِ هن پنهنجي زندگي قربان ڪئي، اهي کيس ڀيٽا جا گيت ڳائيندا، فضائن ۾ اڏامندي پوري دنيا جي پکين کي هي پيغام پيا پهچائين ته هن ڌرتي تي رڳو اهي وحشي انسان ناهن جن جون بندقون، اسان کي پرزا پرزا ٿيون ڪن پر ڌرتي تي اهڙا انسان به آهن، جيڪي ان بندوقن جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڍال جيان ڏئي اسان کي بچائڻ جي جدوجهد ڪن پيا. ڇا ناظم جوکي کي رڳو هڪ ايم پي ڄام قتل ڪيو يا ٻن ڄامن قتل ڪيو، اهو ممڪن ئي ناهي ته انهن جي هٿن ۾ اها طاقت هجي ها پاڻ هي ٺيڪ طرح سان اهو سمجھون ٿا ته انهن جي مغرور دماغ ۾ بي خوفيءَ جي طاقت انهيءَ سياست جي انجيڪشن وڌي آهي جنهن جي لاءِ سنڌ جي باغي شاعر عبدالڪريم گدائي باھه جي شعلي جهڙو نظم لکيو هو “خبردار هاري هي ڀوتار آيا، پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا…” انهن پراڻن شڪارين هر دور ۾ پنهنجي طاقت کي وڌائڻ جي لاءِ رياست سان جوڙيو آهي انهي جلا لاءِ انهن هر دور ۾ سياست جي چونڊ ڪئي آهي پر هنن جي چونڊ يعني هن طبقي جي اڪثريت جي چونڊ اقتدار جي ايوانن جي رهندي آئي آهي، جڏهن ڪا پارٽي اقتدار ۾ هجي ٿي ته هي انهيءَ پارٽيءَ سان پنهنجي وفاداري پنهنجي شجري سان سان پيش ڪندا آهن.
جڏهن آمر ضيا، 1985 ۾ غير جماعتي اليڪشن ڪرائي هئي تڏهن ڀوتارن جي اڪثريت غير سياسي هجڻ جا حلف نامه سرڪار وٽ جمع ڪرايا هئا، تڏهن سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪامريڊ جلسي ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته “جنرل کان وڏي غلطي ٿي وئي آهي جو هن غير سياسي سرٽيفڪيٽ وٺڻ شروع ڪيا آهن جيڪڏهن هي اهو چئي ها ته هن اليڪشن ۾ هجڙا حصو وٺندا ته ڀوتار شيريون پائي پنهنجي هجڙائپ جا سرٽيفڪيٽ پيش ڪن ها ۽ اهو به چون ها ته رڳو هو هجڙا ناهن پر سندن ابا ڏاڏا به اهڙائي هئا هي اقتدار جي خاطر پاڻ کي عادي بنيادي هجڙو ثابت ڪن ها”
انهن کي هاڻي جي طاقت انهيءَ پارٽيءَ جي طاقت آهي جنهن کي آمريت جي وقت ۾ هو ڇڏي ويا هئا ڀٽي جي قتل کان پوءِ آمريت جو مقابلو سنڌ جي عوام ڪيو هو، 88 جي تحريڪ ۾ سنڌ جي عوام پنهنجي رت ۽ قربانيءَ سان پوري سنڌ کي سرخ ڪري ڇڏيو هو، آمريت جي پوري دور ۾ اهو ڪهڙو ڏينهن هو جو سنڌ جي عوام پ پ پ سان وابستگيءَ جو ازالو رياستي تشدد کي برداشت ڪندي نه ڏنو. 88 ۾ سنڌ اهڙو سائڪلون آندو، پيرن ۽ ڀوتارن جون وايون بتال ٿي ويون، هاڻي هو سڀ جو سڀ پ پ پ ۾ آهن، پ پ پ جي قيادت انهن سڀني کي پنهنجي ڊرائنگ روم جي زينت بڻائي سنڌ ۾ فاتحانه سياست جا نعري بلند پئي ڪري هن پارٽي سان تعلق ۾ رهندڙ ڀوتارن جيڪي به ظلم ۽ قتل ڪيا آهن، پارٽي ڪنهن هڪ کي به بي رحميءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ نه ڪو پڇاڻو ڪيو آهي ۽ نه ڪو شوڪاز ڏنو آهي هڪ پوري فهرست آهي، جنهن ڀوتار ۽ ان جا ڪمدار عوام تي ظلم ڪندا رهن ٿا، عورتن جو عزتون لٽڻ، ماڻهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ سرڪاري وسيلن جي ڀيل ڪرڻ مخالفن کي تشدد ۽ قتل ڪرڻ هڪ ڊگھي تاريخ لکي رهيا آهن، سنڌ جو شعور احتجاج ته ڪري ٿو هو پنهنجي عوام سان گڏ ته آهي پر ان کي وڌيڪ قدم کڻي هڪ پورو وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ گھرجي ته هي پارٽي جنهن جي لاءِ سنڌ جي عوام رت ست ڏنو، اها ڪنهن جي سرپرستي ٿي ڪري.
ڪيتري نه شرمناڪ صورتحال آهي جو عرب شڪاري سنڌ جي پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا بنگلا جوڙائي شڪارگاھه تعمير ڪرائي ۽ سهولتڪارن کان جيڪي سهولتون وٺن پيا، اهي شرمناڪي ڪهاڻيون لکي به نه ٿيون سگھن، ها ڪڏهن انهن جي حوس جو شڪار ٿيندڙ نياڻيون سرد آهن ۾ دٻجي ٿيون وڃن پر ڪو آواز ۽ سڏڪو دانهن بڻجي ڀڙڪي ٿو، جيئن عامي ۽ ڦاپي جو سانحو سنڌ ۾ مظلوميت جو دردناڪ واقعو ٿي گذريو، ڪا خبر ناهي ته
ان عرب شڪارين کي سزا ملي يا نه ڪجھه به دهرايو نه ويو نه ڪڏهن ٻڌايو ويو، سنڌ جا ڀوتار پنهنجي طاقت سان جيڪا به ڀيل پيا ڪن ۽ جڏهن ڪو تشدد وڌي قتل تائين پهچي ٿو، احتجاج ٿا ٿين، تڏهن سڄي سنڌ ٻاڪاري ٿي تڏهن سنڌ حڪومت ڪجھه تحرڪ ۾ اچي پوليس کي خاناپوري ڪرڻ جي لاءِ اجازت ڏئي ٿي، سنڌ پوليس ڀوتارن جي خلاف جيڪو قدم کڻي ٿي، اها اسان عوام جي اڳيان پوري طرح سان واضح ۽ چٽي آهي، پوليس عملدارن کي اهوئي موقعو ملي ٿو، جڏهن هو چاپلوسي ۽ خاموشد جي خدمت ڪندي ڀوتارن جي ڪيسن جي پيروي ڪندي ڪيس ٺاهن ٿا، جيل خانه ڀوتارن جي لاءِ ريسٽ هائوس کان وڌيڪ فرحت بخش هجن ٿا، هنن جون جيلن ۾ راتيون وڌيڪ پرسڪون ۽ پرمسرت ٿين ٿيون، سنڌ پوليس ڀوتارن جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ اهڙن واقعن کي غنيمت سمجھي اهڙي سيڙپڪاري ڪندي آهي جو اقتدار جي طاقت سان هنن جي پوسٽنگ ۽ پروموشن جي نوازش ٿيندي رهي سنڌ انصاف لاءِ ڪيترو به ٻاڏائي پر ڀوتارن جي چهرن تي هڪ طنز مسڪراهٽ کان سواءِ ڪو به اثر ناهي پوندو، حڪومت ۽ پوليس ڀوتارن جي ان مسڪراهٽ جي تائيد ڪندي ها ۾ ها ملائيندي پنهنجي ڪردار ادا ڪندا آهن ڇا سنڌ اها اذيت پنهنجن احتجاجن ۾ اظهاريندي رهندي يا تاريخ جي رخ موڙڻ جي لاءِ نئون قدم کڻي نئين تعمير ڪندي ناظم جوکيو تاريخ ۾ تڏهن زندھه رهندو، جڏهن سنڌ جو شعور سياست ۾ قدم وڌائي ۽ عوام کي اڳتي وڌائي نئين دور جو آغاز ڪندو، تڏهن سنڌ جي سڀني مظلومن کي انصاف ملندو، تاريخ جي ظلمن جو انصاف عدالتن ۾ ناهي ٿيندو، اهو انصاف عوام جي عدالت ۾ ٿيندو آهي ۽ سنڌ پنهنجي انهيءَ ڪردار کي ادا ڪرڻ جي لاءِ هڪ تاريخي فيصلو ڏئي ۽ اهو فيصلو صرف ۽ صرف عوام ئي ڏئي سگھي ٿو. باقي حڪومت ۾ يا حڪومت کان ٻاهر ڀوتار سڀ جو سڀ گڏ آهن مثال اسان اهڙن واقعن تي ڪڏهن به انهن کي مظلوم سان ساٿ ڏيندي ناهي ڏٺو نه ڏئي سگھي ٿو ۽ نه اهڙي احمقانه اميد رکڻ گھرجي. هاڻي ڇوٽڪارو ڪنهن هڪ اڌ کان نه پوري شڪاري سياست کان وٺڻ جو وقت آهي، جيڪا شڪاري سياست پوري سنڌ کي شڪار پئي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button