پاڪستانسنڌ

مقتول ناظم جوکيو جي وارثن تي دٻاءُ وجهڻ جا الزام بي بنياد آهن: نثار کهڙو

ڪراچي: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو صوبائي وزير ساجد جوکيو سان گڏ سالار جوکيي پهچي مقتول ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ مقتول ناظم جوکيو جي وارثن سان مڪمل انصاف ڪيو ويندو.

هن چيو ته مقتول ناظم جوکيو جي بيدردي سان قتل کان وڌيڪ افسوسناڪ واقعو ٻيو ڪو نه ٿو ٿي سگهي، اسان ظلم جي خلاف آهيون ۽ ظالم سان ڪڏهن به نٿا بيهي سگهون.

نثار کهڙي چيو ته مقتول جي وارثن تي دٻاءُ وجهڻ جا الزام بي بنياد آهن، مقتول جي وارثن سان ڀرپور انصاف ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button