پاڪستانسنڌ

اٽو چور، دوائون چور ۽ ڪڻڪ چور عمران خان جي ڀر ۾ ويٺل آهن: سعيد غني

ڪراچي: سڌ سماءَ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي به بحران اچن ٿا ان جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏنو ويندو آهي، سنڌ ۾ جيڪا کنڊ پيداوار آهي، ايتري سنڌ ۽ بلوچستان جي گهرج آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪڻڪ جو معاملو الڳ آهي، ڪڻڪ سرڪاري اگهن تي ان ڪري سبسڊي ريٽ تي خريد ڪئي ويندي آهي ته جيئن آخري مهينن ۾ ڪڻڪ بحران کان بچي سگهي. هن چيو ته آگسٽ ۾ شگر ملز ايسوسيئيشن وارن وفاق کي ٻڌايو هو ته اڳتي هلي کنڊ جو بحران پيدا ٿي سگهندو، پر وفاق ڪي قدم نه کنيا. سعيد غني چيو ته وفاقي وزير چون ٿا ته شگرملون آصف زرداري جون آهن پر آصف زرداري جون ملون ناهن، چوڌري ڀائرن ۽ پي ٽي آئي وارن جون ملون ضرور آهن، اومني گروپ اسان جي کاتي ۾ هنيو ويندو آهي پر اومني گروپ جا ته اڪائونٽ بند آهن.

هن چيو ته اٽو چور، دوائون چور ۽ ڪڻڪ چور عمران خان جي ڀر ۾ ويٺل آهن، عمران جي حڪومت وري انهن چورن جي ڪلهي تي آهي، جيڪڏهن عمران خان کي ڪارروائي ڪرڻي آهي ته انهن چورن خلاف ڪري جيڪي سندس ئي ڪميشن جي رپورٽ ۾ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button